هي سٽون سائين آثم ناٿن شاهي، ضيائي دؤر جي ظلم بربريت ، گھٽ ـ ٻوسٽ دوران لکيون هيون. پس منظر ۾ سارو سياسي وايومنڊل اهو ئي آهي. سال 1987 ـ 88ع ڌاران ڪراچيءَ ۾ تدريسي سلسلي سان گڏ ساهتي سماجي سرگرمين ۾ سائين بدر قريشي وٽ نرسري ۾ روزانو وڃڻ ادبي شخصيتن سان اُٿڻ ويهڻ کان سواءِ هلال پاڪستان جي آفيس ۾ بدر ابڙو، فقير محمد لاشاري، هدايت منگي، شڪور نظاماڻي،عطا محمد قريشي، نقاش، نصير اعجاز ۽ ٻين اهل ـ قلم ۽ اهل ـ علم سڄاڻ شخصيتن سان ويجھڙائيءَ قلمي ـ علمي اعتماد وڌايو ته همت افزائي سان پنهنجين صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جو ماحول به مهيا ڪيو.
هلال پاڪستان جي هفتيوار مئگزين جو انچارج انهن ڏينهن ۾ محترم نصير اعجاز هئو، ان شاعري جا صفحا ڄڻ ته مونکي سونپي ڇڏيا هئا. چونڊ، سٽاءُ، اکرَ (ڪئليگرافي) سڀ جا سڀ خفا پنهنجي ليکي، هو جيئن جو تيئن ڇاپڻ لڳو. پوءِ ته استاد بخاري، سرڪش سنڌي، بدر قريشي، مقصود گل، سرمد چانڊيو ۽ ٻين ڪيترن ئي مزاحمتي شاعرن جون سٽون اهڙي دؤر ۾ ڇاپيون ويون! اهي شايد ڪنهن وٽ محفوظ هجن....
پراڻا پنا اٿلائيندي ڪجهه شيون مليون آهن، هي به انهيءَ دؤر جي يادگار تخليق آهي، سائين آثم ناٿن شاهيءَ جي ورسي ڏينهن تي دوستن سان شيئر ڪجي ٿي.
(قاضي منظر حيات)
هي رباعيون 1986ع ۾ روزاني ”هلال پاڪستان“ ڪراچيءَجي هفتيوار مئگزين ۾ ڇپيون هيون ،جنهن جو انچارج سائين نصير اعجاز هئو، هن منهنجي اکرن کي پذيرائي ڏيندي شاعراڻي مواد کي جيئن جو تيئن هلائي منهنجي ڏات جي قدرداني ۽ همت افزائي ڪئي هئي.
هي رباعيون پڙهڻ کانپوءِ اڄ جي حالتن سان به ٺهڪندڙ نظر اچن ٿيون......ان جو مطلب اهو آهي ته سنڌ سدائين سورن ۾ آهي، حاڪمَ هر دؤر ۾ سنڌ جو استحصل ڪندا رهن ٿا!!!