ڏُنگَرَ ڀونئيِنِ ڪِيرَ، سَڄَڻَ مَيخُون ڏُونگَرَين هِهَڙا سَيڻَ سُڌِيرَ، ڪِينَ لَهندِينءَ ڪَي ٻِئا سُرُ ڪوهِيارِي سَسُئِي ڏُونگَرَ = جبل ڀُونئيِنِ = زمين لاءِ ڪِيرَ = ڪِلا، ڪِلِيُون مَيخُون = جَڙون ڏُونگَرَين = جبلن جون هِهَڙا = اهڙا، هن جهڙا سَيڻَ = دوست، پرين، محبوب سُڌِيرَ = هوشيار، دلبر بيت جو پس منظر ~ جبل زمين جا ڪِلا آهن، محبوب جبلن جي جڙن جيان آهن. ~ اهڙا ھوشيار ۽ دلبر ڪي ٻئا ڳوليي نہ لڀندا. سمجهاڻي هن بيت ۾ ڀٽائي قران جي آيت ”ڇا اسان زمين کي هموار نہ بڻايو، ۽ ان تي جبلن کي ڪِيرَنِ جيان نہ کوڙيوسين“ جو حوالو ڏيئي سمجهائي ٿو تہ جبل زمين جا ڪِلا آهن، کيس لُڏَڻَ ۽ کسڪڻ کان بچائي مظبوطيءَ سان جهلي بيهن ٿا. جبلن کي زمين جي ڪلَنِ ۽ جڙن سان تشبيھ ڏيئي ڀٽائي سندن مظبوط ۽ سگهاري هجڻ جي ڳالھ ڪئي آهي. سسئي پنهنجي محبوب پنهونءَ کي جبلن سان ڀيٽي چئي ٿي : جيئن جبل زمين لاءِ سهارو آهن، تيئن پنهون مون لاءِ وڏو ڏڍ، آٿت ۽ اتساھ آهي. منهنجي دلبر جهڙو مظبوط ۽ دلير ماڻهون ٻئي هنڌ ڳوليي نہ لڀندو. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____