سُتَي پونِ ڇِرِڪَ، آيَلِ ٻاروچَنِ جا وَمَ وِهاٽِي، وو! ڙَي ! ڪوهِيارَي ڪِرِڪَ ڌَڙُ ڌُوڻِئو تِهِ ڌَڪَ، جَڏِيَ جِيَڻُ نہ ٿِيَي سُرُ ڪوهِيارِي سَسُئِي پُونِ = پَونِ، پَونِمِ ڇِرِڪَ = درهڙيون، ڏڪڻيون، خوف، ڊڄ ٿيڻ آيَلِ = جيجل، ماءُ، امڙ وَمَ = ورم جو مخفف، رئيسہ عضوو، جسم جو اندريون نازڪ حصو وِهاٽِي = ڦهڪائي، زور سان هنيئي وو = دانهن، رڙ ڙَي = الا ڙي ڪوهِيارَي = جبل جي ماڻهونءَ يعني پنهونءَ ڪِرِڪَ = تير، ڪمان، ٻاڻ ڌَڙُ = جسم، بدن، سرير ڌُوڻِئو = لوڏيو، لوڏي ڇڏيو تِهِ = تنهن ڌَڪَ = زخم، ڦٽ، گهاءُ بيت جو پس منظر ~ او جيجل ! ننڊ ۾ سُتِي پئي آهيان تہ ٻاروچن جي ياد ايندي ئي ڇرڪ نڪري ٿا وڃن. ~ الا ڙي ! ڪوهياري مون کي زور سان سنڌائتو ڌڪ هنيو آهي. ~ هن ڌڪ تہ منهنجو سڄو جسم لوڏي ڇڏيو آهي، هن ڦَٽِيَلِ جو جيئڻ ڪيئن ٿيندو. سمجهاڻي هر ڪم هر ڳالھ وسري سگهي ٿي، پر محبوب سان گهاريل پيار جا پل، روح رهاڻيون ۽ ڪچهريون وسري ناهن سگهنديون. اها ئي محبوب جي ڏنل سوغات ۽ سوکڙي انمول ۽ املھ ماڻڪ هوندي آهي، جيڪا سدائين ساھ ۾ سانڍيل هوندي آهي. اڄ سسئيءَ کي پنهنجي محبوب پنهونءَ سان گهاريل پيار جا پل، رهاڻيون ۽ ڪچهريون وري وري ياد پيون اچن. سسئي انهن ساروڻين کي ساريندي چئي ٿي : او جيجل ! پنهونءَ پڄاڻان منهنجيون نيڻين ننڊون ڦٽل آهن، پر جيڪڏهن ڪڏهن کڻي اک لڳي بہ ٿي تہ پنهونءَ جي ياد ايندي ئي ڇرڪ ڀري اٿي پوان ٿي. الا ڙي ! پنهونءَ منهنجي ساري وجود تي اهڙو زوارائتو ڌ ڪ هنيو آهي جو منهنجو سڄو وجود ڌڏي، لُڏِي ويو آهي. هاڻي هن گهايل جو پنهونءَ سواءِ جيئڻ مشڪل ٿي پيو آهي. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ___