لاوارث بڻيل سنڌ يونيورسٽي ..!

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ اصغر ناريجو طرفان آندل موضوعَ ‏10 آڪٽوبر 2015۔

  1. اصغر ناريجو

    اصغر ناريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سنڌ يونيورسٽي جيڪا ملڪ جي وڏين يونيوسٽين ۾ شمار آهي جيڪا ملڪ ٺهڻ کان هڪ سال پوءِ هڪ عظيم روحآني انسان علامه آءِ آءِ قاضي جي ڪاوشن سان وجود ۾ آئي، مادر علمي وجود کان اڄ تائين هزارين انسانن لاءِ روشن مستقبل زندگي جي ڪشمش سان گڏوگڏ هڪ شعوري انسان بڻايو. سنڌ يونيورسٽي جنهن کي مادر علمي ۽ سنڌ جي ناني به چونداآهن سنڌ يونيورسٽي جي دل آرٽس فئڪلٽِي جتان ڪنهن دور ۾ امر جليل، طارق عالم ابڙو جهڙا ليکڪ ۽ امداد حسيني ۽ حليم باغي جهڙا شاعر پيدا ٿيا اڄ ته اتي جهالت جو واسو آهي.

    اڄ اها مادر علمي لاعلاج مرض جيان مسئلن جي ڄار م ڦاٿل آهي جنهن ڪري روشن مستقبل جا خواب کڻي ايندڙ نئين نسل جو ڏيئو اونداهو نظر ٿو اچي.

    سنڌ يونيورسٽِي جي سينٽرل لائبريري آرٽش فئڪلٽي سائنس فئڪلٽِي فارميسي فئڪلٽِي ڊپارٽمينٽس ۽ هاسٽل ٻاهران گند ڪچري جا ڍير ڏسي يقين ئي نه ٿيندو آهي ته هي ڪا ايشيا کنڊ جي پراڻي يونيورسٽي آهي .اربين رپين جي ڪا هن جي بچيٽ به آهي ايترو گندو ڪچرو ڏسي ڄڻ ائين لڳندو آهي هي ڪا ولي ڀائي راجپوتانا هاسپيٽل جي ٻاهران گندگي جا ڍير لڳل هجن.

    سنڌ يونيورسٽي جا روڊ رستا ڏسي ائين لڳندو آهي جيئن تباھ ٿيل رني ڪوٽ جو قلعو۽ ڊپارٽمينٽس هاسٽلن جي عمارتن جا چاپڙبه ٻهراڙين جي اسڪولن جيان ڪرڻ لڳا آهن .شاگردن جا ته مسئلا هتي حل ٿيڻا ئي ناهن ڇو ته انهن جا ناجائز ۽ ناڪارا مسئلا آهن ،انتظاميان کان جديد دور جي سهولت انٽرنيٽ گهرڻ به ناڪارا مسئلو آهي،پيئڻ لاءِ صاف پاڻي گهرڻ،بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ صفائي ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف آواز اٿارڻ به گناھ جو ڪم آهي. جيڪڏهن انهن مسئلن جي حل لاءِ شاگرد احتجاج جو رخ ڪن ٿا ته انتظاميا پهريان وردي وارن کي کي گهرائي شاگردن کي چٿڻ توڙي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي فل ڇوٽ ڏئي،سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي خاموش رهڻ لاءِ حراسمينٽ ڪن ٿا،ان کانپوءِ انتظآميا طرفان مقرر ٿيل پرووسٽ اهو چئي مسئلي کي لئي مٽي ڪندو آهي ته شاگرد هروڀرو ناجائز مسئلن لاءِ احتجاج ڪن ٿا.

    استاد سڳورا به شاگردن کي پڙهائڻ کان وڌيڪ ٽائيم سنڌ يونيورسٽي کي ملندڙ پرڏيهي اسڪالرشپس جي ڳولا ۾ مصروف هوندا آهن ،يونيورسٽي جي فنڊ تي (ايم فل۽ پي ايڇ ڊي) جي بهاني سان وڃي ٻاهرين ملڪن مان گهمي اچجي ۽ جڏهن پوءِ استاد حضرات ايندا ته ڪلاسن وٺڻ کان پاسو ڪري سڻڀي سيٽ جي ماڻڻ لاء استادن جي تنظيم سوٽا جو سهارو وٺي ڪلاس وٺڻ کان پاڻ کي آجو سمجهندا آهن ڪجه استاد اين جي اوز جي پئڪيجين تي مهمان خاص يا خاص جي نالي سان پيا سرهائي محسوس ڪندا.استاد پلاٽن جي حاصلات،گريڊ جي ترقي ايڊمنسٽريشن ۾ برابر جو حصو ڏيڻ جهڙن مطالبن جو چارٽر ٺاهي گهر ڪندا آهن پر ڪڏهن اهو مطالبو نه ڪيو اٿن ته تباهي جي ڪناري پهتل ورسٽي جي روڊن رستن،انٽرنيٽ جي سهولت يا مدي خارج ڪورس ختم ڪري ڪي نوان ڪورس متعارف ڪرايا وڃن.استادن توڙي ملازمن کي پنهنجي مسئلن لاءِ آواز اٿارڻ تي آزادي آهي پر شاگردن جي آواز اٿارڻ تي مڪمل پابندي آهي، ڇو....؟

    سنڌ يونيورسٽي جي اڌ بجيٽ شاگردن جي تعليم جي واڌاري ۽ نوان ڪورس متعارف ڪرائڻ جي بجاءِ سيڪيورٽي تي خرچ ڪئي ويندي آهي ،ظاهري سيڪيورٽي جا چار ادارا ڪم ڪري رهيا آهن جن ۾ رينجرس،پوليس،پرائيويٽ سيڪيورٽي ۽ اداري جا ملازم سيڪيورٽي گارڊ به شامل آهن .سنڌ يونيورسٽي جيڪا حسن جو مرڪز هوندي هئي ءِ سيڪيولر به سڏي ويندي هئي سا هاڻي دهشتگردن جو مرڪز سمجهي ڪري سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي ۽ سنڌولاجي کان ويندي هاسٽل گيٽ تائين الرٽ بيٺل اهلڪار ڏسي وانا يا وزيرستان ۾ آپريشن جهڙو منظر لڳندو آهي. شاگرد ڪلاسز وٺڻ کان پهرين الرٽ اهلڪارن جي جيٿرين جو درشن ڪري پوءِ ڪلاسن ۾ وڃن ٿا.انهي ماحول ۾ شاگردن جي ذهنن تان ڇا گذرندو هوندو اهو شاگرد ئي محسوس ٿو ڪري..........

    خبر ناهي ته سنڌ جي اديبن،دانشورن، ليکڪن،سياسي۽ سماجي اڳواڻن کي ڪو نانگ سراپي ويو آهي جولاوارث ۽ ننڌڻڪي بڻيل سنڌ يونيورسٽي تي آواز اٿارڻ کان لاتعلقي جو الل اعلان ڪري خاموش ٿي ويهي رهيا آهن ،سنڌ جي واڳ ڌڻين سول سوسائٽي جي نمائندن ،صحافين ۽ وڪيلن کي نماڻي اپيل ٿي ڪجي ته لاوارث بڻيل سنڌ يونيورسٽي جي وارثي ڪري شاگردن مان بيچيني ختم ڪري حرامخورن کان آزاد ڪري پرامن فضا وارو ماحول پئدا ڪيو وڃي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    صرف سنڌ يونيورسٽي ئي نه پر سڄي سنڌ لاوارث آهي ....

    اوهان درست فرمايو ..... اديب شاعر، ساڃاهه وند ته ڇا پر سڄي سول سوسائٽي ختم ٿي چڪي آهي يا خاموش آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو