اُجاڙا ڀَنڀورُ، سَرَتِيُون ! سَکَرُ ڀائِيان آرِياڻِي اَتورُ، ڏِٺُمِ جِتِ اَکِيَنِ سِين سُرُ حُسَينِي سَسُئِي اُجاڙا = سڃ کان، ويرانيءَ کان ڀَنڀورُ = سسئيءَ جو شهر - جتي پنهونءَ سان عشق ڪيائين سَرَتِيُون = سهيليون سَکَرُ = سٺو، بهتر ڀائِيان = سمجهان آرِياڻي = آري ڄام، آريءَ جو اولاد يعني پنهون اَتُورُ = اڻلڀ، بي مثال بيت جو پس منظر ~ اي سرتيون ! هي ويران ۽ سڃو ڀنڀور آهي پر مان ان کي سٺو سمجهان ٿي. ~ هتي ئي مون بيمثال پنهونءَ کي اکڙين سان پسيو هئو. سمجاڻي جڏهن ڪنهن سان محبت ٿي ويندي آهي تہ ساڻس لاڳاپيل هر شئي وليون، وڻ، ڳليون، ڳوٺ ۽ شهر پيارو لڳندو آهي. هر شئي منجهان محبوب جي مهڪ ۽ هٻڪار ايندي آهي. توڙي جو ڀنڀور جون بازاريون ويران، سڃيون ۽ سنسان بڻجي ويون آهن. هر شئي ڪنهن کنڊر جو ڏيک ڏئي رهي آهي. جتي هر وقت بازارين ۾ رونقون ۽ ميلا متل هوندا هئا، اتي هاڻي سڃ جو راڪاس واڪا پيو ڪري. هي سڀ پنهونءَ جي سسئيءَ سان بي وفائيءَ يا زبردستي کنڀجي کڄي وڃڻ کٰان پوء تباهي آئي آهي. پر تڏهن بہ سسئي چئي ٿي : هن اجڙيل ۽ ويران ڀنڀور شهر کي سڀني شهرن کان ڀلو ۽ اُتم ٿي ڀايان. ڇو تہ مون پنهنجي بي مثال ۽ املھ ماڻڪ محبوب پنهونءَ کي هن ئي ڀنڀور شهر جي بازارين ۾ وٽانئس خوشبو خريد ڪندي پهريون ڀيرو ڏٺو هو. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____