ڀَنڀورَ جَنِ سُکَنِ، مُون کَي ساٿا کارِيو هاڻِي ساڻُ ڏُکَنِ، تان ڪِين ڏُونگَرَ ڏورِيان سُرُ حُسَينِي سَسُئِي ڀَنڀورَ جَنِ = ڀنڀور جَي سُکَن = عيش عشرتن واري زندگي ساٿا = ساٿ کان، قافلي کان، پنهونءَ کان کارِيو = ڇنو، ڌار ڪيو، پري ڪيو ساڻُ = وسيلي، گڏ تان ڪيئن ڏونگَرَ ڏوريان = سان ڪيئن جبل جهاڳينديس بيت جو پس منظر ~ ڀنڀور جي سُکن، مون کان ساٿ پري ڪيو. ~ هاڻي ڏک ساڻ ڪري، جبل ڪيئن جهاڳينديس. سمجهاڻي سسئي هندو هئي ۽ ذات جي ٻانڀڻياڻي هئي. محمد نالي کٽي جنهن کي ڪا اولاد ڪانہ هئي، کيس لاڏ ڪوڏ سان پاليو هيو. سندس هيٺان پنج سؤ ڪاريگر ڪم ڪندا هئا. سسئي جڏهن ڦوهه جوانيءَ کي رسي تہ ڪيترائي گهوٽ گهائي وڌا هئائين. جيڏاهن ويندي هئي تہ سندس سونهن سندرتا ڏسي هن چنڊ جهڙي حسين چهري جي چوڌاري ماڻهون ڪَتِيُنِ جي ميڙ جيان گڏ ٿي ويندا هئا. محمد کٽي سسئيءَ جي سک ۽ آرام لاءِ هڪ عاليشان محل جوڙايو هو. جنهن جي چوڌاري باغ، باغيچا، وڻ، گل ۽ ٻوٽا رکيل هوندا هئا. پر شايد سک ماڻهونءَ ۾ غرور، وڏائي ۽ هلڪڙائپ پيدا ڪن ٿا. سسئي سکن واري زندگيءَ کي ياد ڪندي چئي ٿي : هن ڀنڀور جي سُکن، عيش عشرتن واري زندگيءَ مون کي غافل بڻائي ڇڏيو هيو. مان غرور ۾ اچي پنهونءَ کي ڇڏي سمهي رهيس. قافلي وارا مون کي رهائي محبوب پنهون کسي ويا. هاڻي هي ڏک ئي زندگيءَ جا ساٿي آهن. جن کي ساڻ ڪري قافلي پويان جبل جهاڳينديس. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____