• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ٻوليءَ جو اردو سپورٽ رکندڙ فونٽ : سنڌسلامت رِيڊ فونٽ SSRead

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
سنڌي ٻوليءَ جو اردو سپورٽ رکندڙ فونٽ : سنڌسلامت رِيڊ فونٽ SSRead
السلام عليڪم ، سنڌسلامت جا ساٿيو...!

اِن ڳالھ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام (جي ٽيم) سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۾ سَرِ فهرست آهي، پوءِ اُهو ويبسائٽن جا سنڌي ترجما هُجن يا اُنهن جا ايڊآن ۽ ٽيمپليٽ، سافٽويئر ٺاهڻ هُجي يا ايڪسٽينشن، سنڌي ڪيبورڊ هُجي يا سِنڌي فانٽ، مطلب ته سنڌي ٻوليءَ کي انٽرنيٽ تي عام ڪَرَڻ ۾ سنڌسلامت ڊاٽ ڪام جي ٽيم جو وڏو هٿ رهيو آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ هِن وقت تقريبن 150 کان مٿي فونٽ موجود آهن جيڪي صرف سنڌي جي سپورٽ رَکَن ٿا.

ڪافي مهينا اڳ جڏهن سنڌسلامت جي سَروَاڻ محترم ذيشان رشيد کي سنڌسلامت ريڊ کي اپگريڊ ڪرڻ جو چيم، اُنهن چيو ته سنڌسلامت ريڊ ۾ ٻن فونٽن جي ڪوڊنگ ڪيل آهي جيڪا هاڻ گوگل ڪروم سپورٽ نٿو ڪري، ڪروم کي هڪ ئي فونٽ گھُرجي، هاڻ جيڪڏهن سنڌيءَ جو فونٽ ٿا ڏيون ته اردو صحيح نٿي ڏيکاري ۽ اردو جي فونٽ ۾ سنڌي نٿو ڏيکاري... اتفاق سان آئون سنڌسلامت فونٽ (جيڪو اردو ۽ سنڌي سپورٽ رکي ٿو ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ رليز ڪيو ويندو) تي تقريبن 80 سيڪڙو ڪم ڪري چُڪو هُئس، کيس اُن فونٽ جي باري ٻُڌايم ته اُنهن مونکي اهو فونٽ ايس.ايس ريڊ تي آزمائڻ جو چيو، مون ڏٺو ته اهو فونٽ فيسبوڪ سميت ٽويئٽر ۽ گوگل تي به صحيح نموني پڙهڻ ۾ نٿي آيو، ڇو ته اهو فونٽ ڪافي سنهو آهي..

مونکي خيال آيو ته بجاءِ سنڌسلامت فونٽ جي، ايس.ايس ريڊ جي لاءِ هڪ الڳ ئي فونٽ جوڙجي جيڪو فيسبوڪ سميت ٻين ويبسائٽن تي پڙهڻ ۾ آساني ٿئي، انٽرنيٽ تي موجود کوڙ سارن فونٽس مان مونکي عربيءَ جو هيءَ فونٽ تمام گهڻو وڻيو، ۽ اُهو فونٽ حاصل ڪري ورتم. هاڻ مرحلو آيو فونٽ ۾ سنڌي ۽ اردوءَ جا اکر شامل ڪرڻ جو، وڏي محنت کان پوءِ اهو ڪم مڪمل ڪري فونٽ ٽيسٽ ڪيم ته ڪافي اکرن جي وچ ۾ وِٿِي نظر آئي، اَعرَابَ پنهنجي جاءِ کان هَٽِيَل هُئا (زَبَرَ ڏيڻ چاهيان ته اُها گُم، پيش اکر جي مٿيان اچڻ بجاءِ وچ ۾ آيو پئي، جزم به صحيح نٿي لڳِي) مطلب ته اعرابن جي سيٽنگ ڪرڻ جو مرحلو انتهائي ٿَڪَائِيندڙ هو، لاڳيتو 20 ڪلاڪ اعرابن جي سيٽنگ ڪرڻ لاءِ ڪمپيوٽر جي اسڪرين ۾ اکيون وِجھي ويٺو رهيس (توهان اهو سوچيندا ته 20 ڪلاڪ سوبه پاڪستان ۾!؟ ته دوستو حيران ٿيڻ جي ڳالھ ناهي، توهان کي ٻُڌائيندو هَلان ته تَن ڏينهن ۾ لوڊشيڊنگ به گھٽ هُئي ۽ گھر ۾ بيٽري (يو.پي.ايس) جي سهولت مان ڀرپور فائدو حاصل ڪيم).. اعرابن کي سيٽ ڪري فونٽ ٻيهر ٽيسٽ لاءِ محترم ابو واصف جَن کي ڏِنم ته اُنهن ڪوڊپليٽس ۾ موجود غلطين کان آگاھ ڪيو.. ڪمپيوٽر تي گھڻو وقت ڏيڻ ڪري اکين ۾ ٿڪاوٽ هُئي، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ فونٽ جي ڪوڊ پليٽس ۾ موجود ايررز کي ٺِيڪ ڪري فونٽ محترم ذيشان رشيد جَن کي ڏِنم، ۽ اُنهن سنڌسلامت جي ڪجهه انتظامي رُڪنن کي فونٽ موڪليو ۽ اُن کي ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ چيو، الله ڀلو ڪري محترم عبدالحفيظ لغاري جو جَن فونٽ ۾ سنڌي “ئ“ جِي فائنل فارم باقي اکرَن کان الڳ هُجڻ جو ٻُڌايو جيڪا تمام وڏي غلطي هُئي.. يقين ڪريو ته ايترو ڏُکيو ڪم...! سوبه اڪيلو ماڻهون..! اُن ڏينهن ئي مٿي ذڪر ڪيل اکر کي سيٽ ڪري فونٽ کي فائنل ڪيم ۽ اُهو فونٽ ويبسائٽن تي چيڪ ڪيم ته دُرُست ڪم پئي ڪيائين.

جيئن ته توهان کي ٻُڌائيندو هلان ته هِن جهڙو فونٽ اڳ ۾ محترم عبدالماجد ڀُرڳڙيءَ ايم.بي لطيفي نالي سان ٺاهيو هو جيڪو صرف سنڌيءَ کي سپورٽ ڪَري پيو اردو کي نه.. مُون هِن فونٽ ۾ ڪوڊ پليٽس ۽ پروگرامنگ پنهنجي ڪَئِي آهي. هِن فونٽ ۾ هيٺيان فيچرز ۽ لگيچرز موجود آهن.

  • فونٽ سنڌي ۽ اُردو ٻنهي ٻولين کي سپورٽ ڪري ٿو
  • فونٽ جي سائيز تمام گهٽ رکڻ ڪري ويبسائٽ تي پڻ آساني سان امبيڊ ڪري سگھجي ٿو.
  • هِن فونٽ ۾ سنڌسلامت ڊاٽ ڪام جا لگيچر پڻ رکيا ويا آهن جيڪي هيٺ تصوير ۾ ڏسي سگهو ٿا.
  • سنڌسلامت جا لگيچرز استعمال ڪرڻ لاءِ آسان ڪوڊنگ ڪئي وئي آهي صرف هڪ ئي بٽڻ دٻائڻ سان اِهي ليگيچرز لکي سگهو ٿا.

ليگيچر استعمال ڪرڻ لاءِ پهرين سنڌي ڪيبورڊ فَعال ڪريو ۽ ڪمپيوٽر ڪيبورڊ مان انگريزي بَٽَڻ S ٽي ڀيرا دَٻايو (سسس) توهان جي سامهون ڀليڪار جو لگيچر ظاهر ٿيندو ۽ ساڳئي بٽڻ کي توهان چار ڀيرا دٻائيندا ته (سسسس) سنڌسلامت ڊاٽ ڪام جو خوبصورت لگيچر ظاهر ٿيندو ۽ اهو بٽڻ پنج ڀيرا دٻائڻ سان (سسسسس) سنڌسلامت جو لوگو توهان جي ٽيڪسٽ ايڊيٽر ۾ ظاهر ٿي پوندو..

azTrjLn.jpg



جيئن ته هِي فونٽ خاص طور تي سنڌسلامت رِيڊ ايڪسٽينشن جي لاءِ ٺاهيو اٿم ته اُن ڪري هِن فونٽ جو نالو پڻ ايس.ايس رِيڊ رکيو اٿم.

هِن سان گڏ ٻيا به فونٽ جيڪي اردو ۽ سنڌي سپورٽ رکن ٿا، ڪجهه ئي ڏينهن ۾ رليز ڪيا ويندا.

هِن فونٽ ۾ جَن دوستن مُنهنجي مدد ڪَئي (ٽيسٽنگ ۽ صلاح مشورا ڏِنا) آئون مڙنِي جو تمام گهڻو شڪرگذار آهيان، الله اُنهن کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي آمين.

فونٽ جي حوالي سان جيڪي به سوال پُڇڻا هُجن اُهي توهان مونکان بنا هٻڪ جي پُڇي سگهو ٿا.


22118884266_c56d01faf7_o.jpg


سنڌسلامت ، ساٿ سلامت...
فونٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو..
http://font.sindhsalamat.com/search_f.php?search=ssread
 
آخري ترميم:
هن قسم جو ڪم شروعاتي طور ذيشان رشيد ڪيو هو ۽ جلد ئي برائوزر جي اپڊيٽ جي ڪري ٻن فونٽس جي سپورٽ تي جُڙيل ان ايڊ آن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ صرف گوگل ڪروم 32 جي اسٽيبل ورجن تي ڪم ڪيس پئي. پراڻي برائوزر استعمال ڪرڻ سان به مسئلا هُئا ته ساڳي وقت فيس بُڪ به اپڊيٽ ٿيڻ تي سنڌيءَ لاءِ ايڏا ته سنها فونٽ رکيا جو پڙهڻ ئي دُشوار هو.
ان کان پوءِ اسان سڀني دوستن جي رشيد کان اها گهُر هُئي ته ان جو ڪو حل ڪڍيو وڃي پر رشيد جي ڏور پوسٽنگ ۽ وڌيل ڪم سبب هو وقت نه ڏيئي سگهيو ۽ ڪم نه ٿي سگهيو.
پر جڏهن ڪم ڏجي عبيد کي ته پوءِ ڪم ٿڪي ته ٿڪي عُبيد ۾ ٿڪڻ واري ڳالهه ناهي. رشيد اهو ڪم عبيد حوالي ڪيو. اسان جي خوش نصيبي جو ڪُجهه ڏينهن اوهان وٽ لوڊ شيڊنگ گهٽ هُئي ۽ بيڪ پڻ هو جنهن جو اسان پاران اڪثر سُمهي ننڊ ڪرڻ ۾ بهتر استعمال سمجهندا آهن پر اوهان 20 ڪلاڪ لاڳيتو ڪم ڪري هي ڪم تڪميل تي پُهچايو ان تي جس هُجيو.
يقينن سنڌي ٻوليءَ جو فيس بڪ يا گوگل تي سهڻو نظر اچڻ اسان لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي.
 
ايس ايس ريڊ جي عادت پئي ته ان کان سوا فيسبوڪ خاص ڪري ڪروم ۾ مزو ئي نه پيو ڏئي ...... ڪجهه ڏينهن اڳ رشيد آيو ته ان بابت ٻڌايائين ۽ مان پڻ تجربي طور استعمال ڪرڻ لڳس..... اوهان جي محنت تي اوهان کي داد نه ڏيڻ نا انصافي ٿيندي ....... اوهان کي جس هجي، بهترين ڪم ....
استعمال ڪيون پيا ۽ مسئلا سامهون آيا ته اوهان اڳيان آڻبا ....... هن وقت ڪم لاجواب ٿي پيو آ
 
دوستن جا ٿورا جَن منهنجي اِن ڪم کي ساراهيو..

مون سمجهيو ته اهو فونٽ مُڪمل آهي، پر اڃان به ڪجهه ايررز آهن جيڪي دُرست ڪيا پيا وڃن (جَن جو اطلاع اڄ محترم ابو واصف جَن ڏِنو)
تمام جلد اپڊيٽ ورجن پڻ رکيو ويندو.
 
ارر ملي سگهن ٿا..... مايوس نه ٿجو پر دوستن جا ٿورا مڃجو جيڪي رهنمائي ڪن ۽ اوڻاين بابت ٻڌائن .... بهتر کان بهتر فونٽ ئي اوهان جي سڃاڻ هوندو
 
ارر ملي سگهن ٿا..... مايوس نه ٿجو پر دوستن جا ٿورا مڃجو جيڪي رهنمائي ڪن ۽ اوڻاين بابت ٻڌائن .... بهتر کان بهتر فونٽ ئي اوهان جي سڃاڻ هوندو

ان معاملي ۾ توهان به منهنجي رهنمائي ڪندا رهيا آهيو توهان جا اڻ ڳڻيا احسان.
اميد ته آئنده پڻ رهنمائي ڪندا رهندا..
 
ادا عبيد ان فونٽ کي جلد آف لائين رليز به ڪيو ته جيئن سڀ دوست آف لائين ڊائون لوڊ ڪري پنهنجي ڪم آڻي سگهن. اهڙي بهترين ڪم تي توهان کي جس هجي شال هميشه خوش هجو.
 
ادا عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم جي هن محنت کي ڏسي دل فخر سان ڀرجي وئي آهي.

سڄي دنيا ۾ ۽ خاص طور تي پاڪستان ۾ سنڌي ماڻهن بابت جيڪو افسوسناڪ تصور پيش ڪيو وڃي ٿو اهو ڪنهن کان ڳُجهو ناهي.....!.

سنڌي چريا رڳو هوٽلن تي ويهي وقت وڃائيندا آهن...!!!
ڪم ڪار، محنت پُڄين ئي ڪو نه..!!!
سڀ جاهل ۽ پاڻ کي غيرتمند ثابت ڪرڻ لا چانهه جي ڪوپ تي به ماڻهو ماريو ڇڏين...!!

هن قسم جا طنزيه جملا ڌارين قومن واتان هر ڪنهن ٻڌا هوندا...!!!
سلام آهي سنڌ سلامت جي پوري ٽيم کي جنهن هن فورم ذريعي سنڌي قوم ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب کي دنيا آڏو پيش ڪرڻ لا جديد ٽيڪنالوجي جو استعمال ممڪن ڪري ڏيکاريوآهي ۽ سنڌي ٻولي جي هڪ الڳ حيثيت مڃرائڻ لا پاڻ پتوڙي رهي آهي..!!!

سلام آهي هر ان سنڌي کي جنهن پنهنجي قوم ، پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي ثقافت کي زندهه رکڻ لا پنهنجي علم ، پنهنجي ذهن ۽ پنهنجي عقل کان ڪم ورتو آهي ۽ ڏينهن رات محنت ڪري دنيا آڏو اهو ثابت ڪيو آهي ته سنڌي قوم جاهل قوم ناهي، سنڌي هوٽلن تي ويهي هر وقت ڊش ڏسي سُوٽا ناهن هڻندا، سنڌي قوم هڪ محنتي قوم آهي جيڪا دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين ۽ ترقين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ جي اهليت رکي ٿي.

سنڌ سلامت تي مضمون لکندي ڪئين ڀيرا اڙدو جا اقتباس لکندي مُنجهارا ايندا رهيا آهن. ڪڏهن اڙدو کي سنڌي رسم الخط ۾ لکي مقصد پورو ڪرڻو پيو ته ڪڏهن وري ڪنهن اڙدو سائيٽ جي مدد سان اڙدو فونٽ ۾ لکي ڪاپي پيسٽ ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي. ڪافي ڀيرا ته لفظ ٽُٽڻ جيڪري پڙهندڙن کي درست مؤقف پهچائڻ ۾ به ناڪامي ٿي آهي.

جيڪڏهن هڪ ئي جا تي سنڌي لکندي اڙدو به لکي سگهجي ته ان کان وڌيڪ ڀلي ڳالهه ٻي ڪهڙي هوندي.

سچ پڇو ته منهنجي خواهش آهي ته هڪ اهڙو پروگرام هجي جيڪو سنڌي، اڙدو، انگريزي سان گڏوگڏ عربي کي به سپورٽ ڪندو هجي. اڪثر مضمونن جي تياري دوران قرآني آيتن يا حديثن جا لفظ لکڻ جي به ضرورت پوندي آهي جيتوڻيڪ سنڌي فونٽ ۾ زير زبر جي مدد سان عربي لکڻ ممڪن آهي پر ڪافي عربي لفظ اهڙا به آهن جيڪي نٿا لکي سگهجن.

ادا عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم کان هڪ ٻي اهم ڳالهه اها به پُڇڻي آهي ته اهوSSRead ٽيبليٽ يا اينڊرائيڊ سيٽن تي به ڪم ڪري سگهي ٿو يا صرف ڪمپيوٽر لا ڪارآمد آهي..؟

شل الله پاڪ سنڌي ٻولي کي دنيا جي ٻين ٻولين جيان ترقين جي بلندين تائين پهچائي. آمين.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سنڌي چريا رڳو هوٽلن تي ويهي وقت وڃائيندا آهن...!!!
ڪم ڪار، محنت پُڄين ئي ڪو نه..!!!
سڀ جاهل ۽ پاڻ کي غيرتمند ثابت ڪرڻ لا چانهه جي ڪوپ تي به ماڻهو ماريو ڇڏين...!!

هن قسم جا طنزيه جملا ڌارين قومن واتان هر ڪنهن ٻڌا هوندا...!!!
ڌاريا ته ڌاريا پر پنهنجن کان به اهڙا ئي جملا ٻڌڻ ۾ اينداي رهيا آهن.
 
ادا عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم کان هڪ ٻي اهم ڳالهه اها به پُڇڻي آهي ته اهوSSRead ٽيبليٽ يا اينڊرائيڊ سيٽن تي به ڪم ڪري سگهي ٿو يا صرف ڪمپيوٽر لا ڪارآمد آهي..؟

ٽيبليٽ سميت ٻين ائنڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم لا ان فونٽ کي اينڊرائيڊ فونٽ پليٽ ۾ تيار ڪريان پيو، ڪجه ڪم ڪيو اٿم. اينڊرائيڊ جي لا هڪ الڳ ايپليڪيشن ٺاهڻي پوندي جنهن ۾ اهو فونٽ انسٽال ڪرڻ جي سهولت هوندي.
انشا الله اهو ڪم پڻ جلد کان جلد ڪيو ويندو.
 
ادا عبيد ان فونٽ کي جلد آف لائين رليز به ڪيو ته جيئن سڀ دوست آف لائين ڊائون لوڊ ڪري پنهنجي ڪم آڻي سگهن. اهڙي بهترين ڪم تي توهان کي جس هجي شال هميشه خوش هجو.

فونٽ کي آفلائين ڊائونلوڊ لا ڪيو ويو آهي :)
هاڻ سنڌسلامت تي لاگ اِن ٿيڻ بغير به فونٽ ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو. :)
وڏي مهرباني :) :)
 
سنڌي چريا رڳو هوٽلن تي ويهي وقت وڃائيندا آهن...!!!
ڪم ڪار، محنت پُڄين ئي ڪو نه..!!!
سڀ جاهل ۽ پاڻ کي غيرتمند ثابت ڪرڻ لا چانهه جي ڪوپ تي به ماڻهو ماريو ڇڏين...!!


هن قسم جا طنزيه جملا ڌارين قومن واتان هر ڪنهن ٻڌا هوندا...!!!
ڌاريا ته ڌاريا پر پنهنجن کان به اهڙا ئي جملا ٻڌڻ ۾ اينداي رهيا آهن.

ڀلا پهنجن جو ايترو درد اٿو ته انهن کي سڌاريو جو ٻيون قومون اسان کي طعنا نه هڻڻ
اسان جي علائقي جي ننڍڙي شهر سيتاروڊ ۾ لڳ ڀڳ 50 هوٽلون آهن انهن سڀني تي ڪيبل ، سي ڊي هلندي آهي تمام جا تمام هوٽل ڀريل هوندا آهن سڄو ڏينهن اسان وٽ هڪ حصو پنجابي آبادي آهي مجال آ جو انهن جو ڪو ماڻهو ان هوٽلن تي ويهي
پوء سيتا روڊ ۾ تمام وڏا واپاري اهي پنجابي آهن

باقي هي ته حقيقت آهي
سنڌي چريا رڳو هوٽلن تي ويهي وقت وڃائيندا آهن...!!!
ڪم ڪار، محنت پُڄين ئي ڪو نه..!!!
سڀ جاهل ۽ پاڻ کي غيرتمند ثابت ڪرڻ لا چانهه جي ڪوپ تي به ماڻهو ماريو ڇڏين...!!

ان کان انڪار ڇو ٿا ڪريو
 
ادا عبيد جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي.... بس سمجهي ته ويو هوندو.... ڪم تعريف جوڳو آهي. منهنجي وس ۾ هجي ته ادا عبيد کي لوٽي ۾ بند ڪري پنهنجي ڪٻٽ ۾ رکي ڇڏيان. پر وري سوچ اچيم ٿي ته سنڌي ماڻهن کي هن مان فائدو ملي ٿو:D
 
اڪثر مضمونن جي تياري دوران قرآني آيتن يا حديثن جا لفظ لکڻ جي به ضرورت پوندي آهي جيتوڻيڪ سنڌي فونٽ ۾ زير زبر جي مدد سان عربي لکڻ ممڪن آهي پر ڪافي عربي لفظ اهڙا به آهن جيڪي نٿا لکي سگهجن.

ادي ممتاز جي ڳالهه بالڪل درست آهي ته هن فونٽ ۾ عربيءَ جي سپورٽ پڻ هئڻ گهرجي، خاص طور تي زير، زبر، پيش ۽ شد جيڪي خالص عربي طرز تي هوندا آهن، انهن جي جاءِ تي جيڪڏهن انهن کي سنڌي طرز تي لڳايو وڃي ته تمام بهتر رهندو.
 
ادي ممتاز جي ڳالهه بالڪل درست آهي ته هن فونٽ ۾ عربيءَ جي سپورٽ پڻ هئڻ گهرجي، خاص طور تي زير، زبر، پيش ۽ شد جيڪي خالص عربي طرز تي هوندا آهن، انهن جي جاءِ تي جيڪڏهن انهن کي سنڌي طرز تي لڳايو وڃي ته تمام بهتر رهندو.

بهترين صلاح آهي ان تي پڻ عمل ڪيو ويندو.
عربي سپورٽ پڻ ڏئي سگهجي ٿِي پر اهو ڪم تمام گهڻو ٿي ويندو ۽ ڪوڊنگ ۾ تمام گهڻو وقت لڳندو، انڪري في الحال هِن فونٽ ۾ عربي جا ڪجهه اکر ۽ اعراب سنڌي وارا شامل ڪري سگهجن ٿا.
 
Back
Top