مُسافَرِنِئُون، ماءِ ! وِرِھُ وِهايُمِ وِتِرو اَچَي ٿِيَمِ اوچِتَي، تَنِ سانگِيَنِ سِين ساڃاءِ جِيجا ! جَهلَ مَ پاءِ، هِيُون هوتَ هڻِي وِئا سُرُ حُسَينِي سَسُئِي مُسافَرِنِئُون = مسافرن کان، سفر ڪندڙن کان ماءِ = جيجل ، امڙ، امان وِرِھُ = درد، وڇوڙو، عشق جو عذاب وِهايُمِ = مليم، حاصل ٿيم، خريديم، پلئہ پيم وِتِرو = جهجهو، گهڻو، وڌيڪ سانگِيَنِ = پرديسين، پرڏيهين ساڃاءِ = ڄاڻ سڃاڻ، واقفيت، ملاقات جيجا = جيجل، او امان جَهلَ = روڪ مَ پاءِ = نہ ڪر هِيُون = هنيانءُ، دل، مَنُ بيت جو پس منظر ~ او جيجل ! هنن مسافرن کان مون گهڻو ئي درد پرايو آهي. ~ هنن پرديسين سان منهنجي اوچتي ملاقات ٿي هئي. ~ او امان ! مون کي نہ روڪ، منهنجي دل کي پرين زخم ڏئي ويا آهن. سمجهاڻي پنهون ۽ سندس ڀائر ڀنڀور شهر جا نہ، پر هو بلوچستان پرڳڻي جي ڪيچ مڪران کان سنڌ ۾ خوشبوءِ جي واپارين جا ويس ڍڪي آيا هئا. سسئي ۽ ڀنڀور جي ماڻهن لاءِ هي نوان، اوپرا ۽ ٻاهريان مسافر هئا، جيڪي واپار سانگي قافلا وٺي سنڌ ۾ آيا هئا. پنهونءَ جي بي وفائيءَ ڪري ڪيچ موٽڻ کان پوءِ سسئي هنجون هاريندي چئي ٿي : او جيجل ! هي مسافر جيڪي ڪيچ کان هتي آيا هئا، تن کان مون گهڻا ڏک، سور ۽ درد پرايا آهن. هي پرديسي مون اڳ ڪڏهن ڪونہ ڏٺا هئا، سي مون لاءِ نوان اوپرا ۽ ٻاهريان آهن. جن سان ملاقات بہ ڀنڀور جي بازارين ۾ خوشبو خريد ڪندي اوچتي ٿي هئي. او امان ! مونکي سندن قافلي پويان وڃڻ کان نہ روڪجان. ڇو تہ هي واپارين جي ويس ۾ آيل پرڏيهي منهنجو سر ساھ، دل ۽ سڀ ڪجھ پاڻ سان گڏ کڻي هليا ويا آهن. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____