سَسُئِي حُسَينِي سُورَ مَ وَڃيجاهُ، سَڄَڻَ جِنءَ سانگِ وِئا

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 آڪٽوبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سُورَ مَ وَڃيجاهُ، سَڄَڻَ جِنءَ سانگِ وِئا
    پِرِيَ پُڄاڻاءُ، آئُون اَوان سِين اورِيان


    سُرُ حُسَينِي سَسُئِي

    وَڃَيجاهُ = وڃجانءِ، وڃجو
    جِنءَ = جيئن
    سانگِ = سفر تي
    وِئا = ويا، هليا ويا
    پِرِيَ = محبوب، جانب، محب
    پُڄاڻاءُ = کان پوءِ
    اَوان = اوهان، توهان
    اورِيان= سليان، ٻڌايان

    بيت جو پس منظر

    ~ او سُورَ ! جيئن پرين پرديس هليو ويو، ايئن اوهان نہ هليا وڃجو.
    ~ پنهونءَ کان پوءِ آئون اوهان سان ئي حال اورينديس.

    سمجهاڻي

    سور، ڏک، تڪليفون، پيڙائون ۽ اذيتون ازل کان انسان جا دوست رهيا آهن. اهي درد ۽ عذاب ئي آهن جيڪي اڳتي وڌڻ، جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪرڻ لاءِ ماڻهونءَ کي اتساهيندا آهن. پنهونءَ جي جدائيءَ کان پوءِ سسئي سورن کي
    چئي ٿي :
    جيئن پنهون بي وفائي ڪري سڀ سڱ ۽ ناتا رشتا ڇني ڌار ڪري هليو ويو، ايئن اوهان هليا نہ وڃجو. جانب ! پنهونءَ کان پوءِ اوهان ئي منهنجا ساٿي ۽ دوست آهيو، اوهان سان پنهنجي اندر جا احوال اورينديس.
    اهو ڀٽائيءَ جو ئي ڪمال آهي جو سور، درد ۽ پيڙائون جيڪي اذيتون ڏين ٿا. ڀٽائي انهن مان مزو، لطف ۽ سرور حاصل ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو. اهي سور انسان کي ڏڍ، آٿت، اتساھ ۽ حوصلو ڏئي محبوب ۽ منزلون ماڻڻ جو
    سبب بڻجن ٿا.

    چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
    ____
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو