1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

امام حسين عليه السلام هدايت جو چراغ

'اسلام زنده باد' فورم ۾ ثمر علي چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏17 آڪٽوبر 2015۔

  1. ثمر علي چانڊيو

    ثمر علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 مارچ 2015
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    احب الله من احب حسينا
    ان الحسين مصباح الهدي و سفينة النجات
    قال رسول الله صلي الله عليه وآلہ وسلم

    هي اهڙو هدايت جو چراغ آهي جو ان جي روشني قيامت تائين نه وسامي آهي نه ئي وسامبي .
    هي اهڙو هدايت جو چراغ آهي جنهن جي نور جون شعاعون هر زمان ۽ هر مڪان تائين پهچن ٿيون .
    هي اهڙو هدايت جو چراغ آهي جنهن هڪ مڪان ۾ ۽ هڪ زمان ۾ هڪ ميدان ۾ دين مقدس اسلام جو دفاع ڪيو
    پر انهي ڪربلاء جي ميدان ۾ هر زمان ،هر مڪان جي بي دين ،ظالم ۽ ستمگر کي شڪست ڏني .
    هي چراغ ڀلي کڻي ظاهري حساب سان ته ڪربلاء جي ميدان ۾ آهن پر هر غيرتمند انسان هي دل رهي ٿو
    بي غيرت آهي اهو انسان جيڪو يزيد جهڙي پليد کي حق تي سمجهي.
    اهڙو چراغ آهي جنهن ظالم کي ،ظلم کي ، يزيد جي ڪم تي راضي ٿيڻ وارن کي ،سڀني کي ڪربلاء جي ميدان ۾ جمع ڪري اهو سمهجايو ته يزيد ۽ ان جي پوئلڳن جو اسلام سام ڪو به تعلق ڪو نه آهي .
    هي اهڙو ته چراغ آهي جنهن جي آبياري پاڻ آقا صلي الله عليه وآله وسلم جن پنهنجي مبارڪ هٿڻ سان ڪرڻ فرمائي
    دنيا وارن ڪوشش ڪئي ته اهڙي آبياري ڪيون جو اهو چراغ خاموش ٿي وڃي پر رسول اعظم جي هٿن مبارڪن سان تيار ڪيل چراغ کي يزيد ۽ يزيد جهڙا ڪٿي ٿا وسائي سگهن .
    جنهن به انهي چراغ کي وسائڻ جي ڪوشش ڪئي انهي جو

    الله سائين جي ذات سان
    دين مقدس اسلام سان
    پاڪ نبي ص
    قرآن سان
    ايمان سان
    اسلام سان
    نيڪي سان
    ڪنهن به شئي سان انهن جو ڪو تعلق ناهي

    هن چراغ الله سائين جي حقيقي بندگي جو درس ڏنو
    علم جو درس ڏنو
    ايثار جو درس ڏنو
    اخلاص جو درس ڏنو
    صبر جو درس ڏنو
    سعادت جو درس ڏنو
    امانت جو درس ڏنو
    شجاعت جو درس ڏنو
    حلم جو درس ڏنو
    ديانت جو درس ڏنو
    شهادت جو درس ڏنو
    هي چراغ هر هڪ ضرورتمند تائين ضرورت جي مطابق نور ۽ روشنائي پهچائي ٿو
    دوستو اسان کي هن چراغ جو پروانو ٿيڻو پوندو تڏهن رسول اعظم جي ذات اسان کان راضي ۽ خوشنود ٿيندي
    پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآلہ و سلم جن فرمائن ٿا ته
    الله سائين انهي انسان سان محبت ڪري ٿو جيڪو منهنجي حسين عليه السلام سان محبت ڪري ٿو
    هن حديث کي اهل سنت ڀائرن جي معتبر ڪتابن ذڪر آهي
    اهڙي ئي مضمون تي مشتمل هڪڙي ٻئي ذڪر ڪيان ٿو جنهن کي
    مسند احمد ابن حنبل جلد 2 ص 288 تي ذڪر ڪيو ويو آهي
    عن ابي هريرة رضي الله عنہ قال
    قال رسول الله صلي الله عليه وآلہ وسلم من احبهما فقد احبني ومن ابغضهما فقد ابغضني يعني حسنا وحسينا
    پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآلہ و سلم جن کان ابو هريرہ رضي روايت نقل ڪن ٿا ته پاڻ ڪريم جن فرمايو جيڪو به حسن عليه السلام ۽ حسين عليه السلام سان محبت ڪندو ڄڻ ته ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن انهن ٻنهي سان بغض رکيو ڄڻ مون سان بغض رکيائون
    مون لکيو ۽ توهان دوستن انهي کي پڙهيو ۽ سڀ سولائي سان گذري وياسين انهي پاڪ حديث ڏانهن توجھ ڪو نه ڪيوسين
    رسول مرسل ص جي محبت جو پهريون شرط حسنين ڪريمين سان محبت آهي
    ان جو مطلب آهي ته اگر حسنين ڪريمين سان جنهن به صرف دل ۾ ئي بغض رکيو ،ڄڻ ته ان الله سائين جي رسول ڪريم ص سان بغض رکيو
    ۽ الله سائين جي موڪليل پاڪ نبي صلي الله عليه وآلہ وسلم سان بغض يعني پنهنجي لاء جهنم جي باھ تيار ڪرڻ جي برابر آهي...
    اي مسلمان تون اهو ته ٻڌاء جنهن پاڪ نبي صلي الله عليه وآلہ وسلم سان بغض رکي انهي جي ايمان کي تون ڇا چوندي تون انهي ماڻهو کي مسلمان ڪيئن چوندي جيڪو پاڪ نبي ص سان بغض رکي .... سوچڻ جو مقام آهي ؟؟؟؟؟؟
    پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآلہ وسلم جن جي الله سائين جي بارگاھ ۾ دعا
    انهي دعا کي مسند احمد ابن حنبل جلد 3 ص 369 تي ذڪر ڪيو آهي جنهن جو مضمون اهو آهي ته اللهم اني احبهما فاحبهما
    اي منهنجا رب ڪريم مان حسنين ڪريمين سان محبت ڪيان ٿو تو به انهن سان محبت ڪر
    پاڻ ڪريمن هميشه حسنين ڪريمين سان محبت ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي پنهنجي امت کي !!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!
    پاڻ ڪريم صلي الله عليه و آله و سلم جي دوش مبارڪ تي سواري
    قال عمر يعني ابن الخطاب رئيت الحسن و الحسين علي عاتقي النبي صلي الله عليه و آلہ و سلم فقلت نعم الفرس تحتکما و قال النبي صلي الله عليه و آلہ وسلم و نعم الفارسان (مجمع الزوائد جلد 9 ص 182)

    حضرت عمر رضي جن چون ٿا ته مان حسن عليه السلام ۽ حسين عليه السلام کي ڏٺو پاڪ نبي جي ڪلهن تي ۽ مان چيو ته ڪيتري نه ڀلي سواري آهي پاڻ ڪريم ص جن ارشاد فرمايو ته سوار ته ڏاڍا ڀلا آهن ......
    عربي ادب جو هڪڙو قانون
    عربي گرامر جي قانون مطابق جڏهن توهان ڪنهن انسان جي تعريف ڪيو ته ان جي لاء نعم جو لفظ استعمال ڪبو آهي حضرت عمر رضي جن پاڪ نبي صلي الله عليه وآله وسلم جن جي مدح ۽ تعريف ڪندي چيائون ته نعم الفرس
    پر پاڻ ڪريم صلي الله عليه و آله وسلم جن اهو ساڳيو لفظ حسنين ڪريمين جي مدح ۽ تعريف ڪندي چيائون ته
    نعم الفارسان سوار ته ڪيڏا ڀلا آهن
    هڪڙي حساب سان پاڻ ڪريم صلي الله عليه آله و سلم جن حضرت عمر رضي جي سامهون حسنين ڪريمين جي عزت ،مقام ،منزلت بيان ڪرڻ چاهين پيا .....
    سچ ۾ اگر انسان ٿوڙو سوچي ته سمهجڻ ڏاڍو سولو آهي حسنين ڪريمين جن ايترا مقدس انسان هئا جو انهن جي سواري پاڻ ڪريم ص جن ٿين ٿا
    پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن نماز جي حالت ۾ هئا
    عن ابي هريرة رضي الله عنه قال کنا نصلي مع رسول الله صلي الله عليه و سلم العشاءَفاذا سجد وثب الحسن والحسين علي ظهرہ فاذا رفع راسہ اخذهما بيده من خلفه اخذا رقيقا و يضعهما علي الارض فاذا عاد عادا حتي قضي صلواته فاقعدهما علي فاخذيہ . مسند احمد ابن حنبل ج 2 ص 513.
    ابو هريرہ رض جن روايت کي نقل ڪن ٿا ته اسان عشاء جي نماز پاڻ ڪريم صلي الله عليه و آلہ وسلم جن سان گڏ ادا ڪئي جڏهن پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن سجدي ۾ ويا ته امام حسن عليه السلام جن ۽ امام حسين عليه السلام جن ٻئي پاڻ ڪريم ص جن جي پشت مبارڪ تي سوار ٿي ويا جڏهن پاڻ ڪريم جن سجدي ما اٿيا ته پاڻ ڪريم ص جن انهن کي پاڻ هٿن سان آهسته آهسته ڪري لاٿائون ،جڏهن پاڻ ڪريم ص جن سجدي ۾ وڃن پيا ته حسنين ڪريمين وري وري پاڻ ڪريمن جي پشت مبارڪ تي سوار ٿين پيا اهيو معاملو اسان ڏسندا رهيا سين جيسيتائين پاڻ ڪريم ص جن پنهنجي نماز پوري ڪئي نماز کان بعد ۾ پاڻ ڪري ص جن انهن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڪري ويهاريو

    منهنجا دوستو علامه طاهر القادري اهل سنت جو معتبر عالم دين انهي ئي حديث جي وضاحت ڪندي ڪتاب (ذبح عظيم) جي ص نمبر 90 تي لکن ٿا ته
    پاڪ نبي ص الله سائين جي حضور سجدي ڪري رهيا هئا نماز به پڙهي رهيا هئا ته آهسته آهسته پنهنجن پيارن نواسن کي لاهن ٿا متان اهي زمين تي ڪري پون .....
    اي مسلمان ڪيترو تو کي امام حسين عليه السلام جن جي عظمت ۽ فضيلت سمجهائجي تون ڪهڙي دور ۾ زندگي گذاري رهيو آهين
    آخر تو کي حق ۽ باطل ۾ فرق نظر نٿو اچي ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟

    اهڙا انسان جن جي لاء نماز ۾“ سجدي کي طولاني ڪيو ويو
    عن انس کان رسول الله صلي الله عليه وآلہ وسلم يسجد فيجيئ الحسن والحسين فيرکب ظهرہ فيطيل السجود فيقال يا نبي الله اطلت السجود فيقول ارتحلني ابني فکرهت عن اعجلہ ( مسند من حديث عبد الله بن شداد)مجمع الزوائد ج 9 ص 181
    انس ابن مالڪ رضي جن حديث کي نقل ڪن ٿا ته پاڻ ڪريم جن نماز پڙهي رهيا هئا ته
    حسن مولا ۽ حسين مولا پاڻ ڪريم ص جن جي پشت مبارڪ تي سوار ٿي پيا ۽ پاڻ ڪريم ص جن انهن جي ڪري سجدي کي طولاني ڪيو پوءِ پاڻ ڪريم ص جن کي چيو ويو ته توهان سجدي کي طولاني ڪيو آهي پاڻ ڪريم ص جن جواب ڏنو ته منهنجا فرزند منهنجي پشت مبارڪ تي چڙهي ويا مان ان ڳالھ کي ناپسند ڪيو ته جلدي ڪيان
    .....
    سوال جيڪي منافقن کان پڇڻ ٿو چاهيان !!!!!!!!!
    پاڻ ڪريم ص جن سجدي کي ڇو طولاني ڪيو ؟؟؟؟
    پاڪ نبي صلي الله عليه وآله وسل جن اام حسين عليه السلام جن جي شهادت جي خبر پنهنجي زندگي ۾ پيش گويي جي حساب سان چئي چڪا هئا!!!!!!!!!!!!!!

    بيبي امه سلمه رضي الله عنها جي روايت
    عن ام سلمہ قالت قال رسول الله صلي الله عليه وآلہ وسلم
    اخبرني جبرئيل ان ابني حسين يقتل بارض العراق فقلت لجبرائيل ارني تربة الارض اللتي يقتل فيها فجاء فهذہ تربتها

    بيبي امه سلمه جن فرمائن ٿيون پاڪ بني ص جن فرمايو ته هڪڙي ڏينهن جبرائيل مونکي خبر ڏني ته منهنجو فرزند حسين عراق جي سرزمين تي قتل ڪيو ويندو مان برئيل کي چيو ان زمين جي مٽي موکي ڏيکار پوءِ جبرئيل مٽي کڻي آيو ۽ هي ان جي مٽي آهي
    اهل سنت جا معتبر ڪتاب
    البدايہ والنهايہ جلد 8 ص 196 کان200
    کنز العمال ج 12 ص 126


    بيبي عائشہ رضي الله عنها جي روايت
    عن عائشه عنه قال اخبرني جبرئيل ان ابني حسين يقتل بعدي بارض طف
    بيبي عائشه رضي کان روايت آهي ته پاڪ نبي صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته خبرئيل مونکي خبر ڏني ته منهنجو پٽ حسين مون کان بعد ۾ طف (ڪربلاءِ)جي سر زمين تي قتل ڪيو ويندو

    المعجم الکبير ج3 ص107
    امام علي عليه السلام جن جي روايت
    پاڪ نبي ص جن مون کي ٻڌايو ته
    ان الحسين يقتل بشط الفرات و اراني قبضة من تربتہ
    منهنجي ٻچري حسين کي ڪربلاء جي سرزمين تي ڪٺو ويندو
    ۽ پاڻ ڪريم ص جن مونکي اتان جي مٽي به ڏيکاري
    الخصائص الڪبري ج 2 ص 12
    اصبغ بن نباتہ رضي الله عنه جي روايت
    اتينا مع علي عليه السلام موضع قبر الحسين فقال ههنا مناخ رڪابهم وموضع رحالهم و مهراق دمائهم فئة من آل محمد يقتل بهذہ العرصة تبکي عليهم السموات و الارض
    اسان امام علي عليه السلام سان گڏ( امام حسين عليه السلام جي هاڻوڪي قبر واري جاءتي پهتاسون )ته مولا امي رعليه السلام جن فرمايو ته هي جاء اٺن کي ويهارڻ جي جاء آهي هتي ڪجاون کي رکڻ جي جاءِ آهي هتي خون وهڻ جي جاءِ آهي هتي محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي اولاد منجهان هڪ گروھ کي قتل ڪيو ويندو ،انهي گروھ جي مٿان آسمان ۽ زمين روئندي
    الخصائص الکبري ج 2 ص 126
    سر الشهادتين ص 12
    غور طلب ڳالھيون
    دوستو ! آءٌ توهان جي سامهون ڪافي مقدار ۾ پاڪ نبي صلي الله عليه وآلہ وسلم جن کان پاڪ حديثون ذڪر ڪري چڪو آهيان اهي حديثون هنن مضمونن تي مشتمل آهن
    امام حسين عليه السلام جي شهادت جي خبر الله سائين تبارڪ وتعالي جن جي طرفان پاڪ نبي صجن تائين جبرئيل جي ذريعي پهچائي وئي !!!!!!!!!!!!!
    صرف شهادت جي خبر نه بلڪه انهي جڳھ جي به نشاندهي ڪرائي وئي جنهن جاء تي امام حسين عليه السلام جن کي قتل ڪيو ويو
    انهن حديثن جا پاڻ ڪريم ص جي خاندان جو حصو هئا
    بيبي عائشه رضي الله عنها ، بيبي ام سلمہ رضي الله عنها ، امام علي عليه السلام
    هڪ مشهور انسان اصبغ ابن نباتہ رضي الله عنها
    اهم ڳالھ جنهن ڏانهن سڀ مسلمان توجہ ناهن ڪندا
    دوستو اها ڳالھ هي آهي ته امام حسين عليه السلام جي مظلوميت جي ڪري امام حسين عليه السلام جي شهادت جي ڪري امام حسين عليه السلام تي پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآلہ وسلم جن گريو فرمايو
    امام علي عليه السلم جن گريو فرمايو
    بيبي ام سلمہ جن گريو فرمايو

    بيبي فاطمہ الزهراءَ سلام الله عليها جن گريو فرمايو
    ان کان علاون آسمانن ۽ زمينن امام حسين عليه السلام تي گريو فرمايو
    منهنجا دوستو امام حسين عليه السلام جي غم ۾ روئڻ گريو ڪرڻ
    ان جي شهادت جو پرسو ڏيڻ پاڪ نبي ص جن سنت آهي!!!!!!!!!!!!!!!!!
    امام حسين عليه السلام تي گريو ڪري پاڻ کي صحيح مسلمان ثابت ڪري ڏيکار!!!!!



     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏23 آڪٽوبر 2015
    رضوان علي جمالي، ابو جواد ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  2. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,064
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    بيشڪ امام حسين عليه السلام نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي سچي قول مطابق هدايت جو چراغ آهن، ڪڏهن به هي چراغ خاموش نٿو ٿي سگهي، خدا کان دعا آهي ته الله تعالي اسان جي دلين ۾ انهي چراغ جون روشنيون هميشه جاري فرماء. آمين
     
    رضوان علي جمالي هيء پسند ڪيو آهي.
  3. روشن علي رحيمي

    روشن علي رحيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    سائين ڪافي ڏينهن کان پوءِ سنڌ سلامت تي واپسي ٿي اوهان جي تحرير پڙهي دل خوش ٿي يقينن ائين ئي آهي

    عاشور جٿي جٿي امت تقرار ڪندي اها قوم عزت پائيندي هي عزت جي مشق آهي جيڪو ڪندو سو ڪامياب رهندو ذلتن کان پري رهندو سبحان الله الله اوهان کي جس ڏئي روح پرور تحرير.
    وسلام
     
    رضوان علي جمالي هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ثمر علي چانڊيو

    ثمر علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 مارچ 2015
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    سائين رحيمي صاحب حوصلا افزائي ڪرڻ جي مهرباني...
    الله سائين قيامت جي ڏينهن اوهان کي محمد مدني صلي الله عليه وآلہ وسلم جن جي شفاعت جي ڇانو ۾ قرار ڏئي ......آمين يا رب العالمين
     
    رضوان علي جمالي هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,394
    ورتل پسنديدگيون:
    26,872
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪَربَلا ڪَڪَورِي، دُلدُلِ رَتَا پَيرَ
    سَٽُون ڏيندَي شَيرَ، مَٿَان سِجُ مُرڪيَو

    سُرُ ڪَيڏَارَو
     
    رضوان علي جمالي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو