1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

عزادري ۽ امام حسين عليه السلام جن جي تاريخ (عامر جوڻيجو) روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان

'اسلام زنده باد' فورم ۾ گل حسن لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2015۔

  1. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    399
    ورتل پسنديدگيون:
    810
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    هندستان ۾ نذر- عَلم وغيره جو رواج بابر بادشاهه جي مصاحبن کان شروع ٿيو. انهن مان بيرم خان گهڻو عقيدتمند هوندو هو، جيڪو هر سال هڪ قيمتي عَلم ڪربلا شريف موڪليندو هو ۽ مجالس عزا جو رواج پهرين پهرين مغل راڻي نورجهان وڌو ۽ پوءِ آهستي آهستي مغل شهنشاهت جي اميرن مان پکڙجندي عوام ۾ آيو.

    سنڌ ۾ عزاداري ميرن جي صاحبيءَ کان اڳ ظاهر نه ٿيندي هئي بلڪه جيڪي به مجلسون ڪندا هئا سي لِڪي ڪندا هئا، پر پوءِ جڏهن مير صاحبن پاڻ انهيءَ ڪم کي زور وٺايو، تڏهن اهو رواج سنڌ ۾ عام ٿيو. سنڌ ۾ عزاداريءَ جو باني سيد ثابت علي شاهه مرحوم هو، سندس مرثيا نوحا وغيره اڄ به مجلسن ۾ پڙهيا ويندا آهن.

    عزادار هر سال محرم جي چنڊ ڏسڻ سان ڪارا ڪپڙا يا نيرا ۽ ساوا ڪپڙا اوڍيندا آهن. پٽ تي سمهندا آهن، لذت وارو کاڌو نه کائيندا آهن. کير به انهن ڏينهن ۾ استعمال نه ڪندا آهن، زيب ۽ زينت ۽ عيش خوشي کان پري رهندا آهن. کل چرچو نه ڪندا آهن، گهڻو وقت مجالسن ۽ گريه ۾ گذاريندا آهن. گهڻو ڪري پهرين محرم کان 13هين محرم تائين گهر کان ٻاهر پڙن تي امام صاحب جي پٿر ۾ سمهندا آهن. نياز ڪندا آهن امام حسين عليه السلام جي عزاداري سان سنڌ ۾ گهڻو ڪري هي شيون منسوب هونديون هيون: ”عَلم، نقاره، سيج، ميندي، دلدل، ذُوالجناح“ ُوغيره. انهن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو.

    عَلم: سنڌ ۾ گهڻو ڪري عام آهن ۽ گهڻو ڪري هر شيعي جي گهر جي اڳيان يا اوطاق جي اڳيان عَلم نصب ٿيل ضرور نظر ايندو. اها سندن عقيدي جي خاص نشاني به آهي. عَلم هڪڙي سڌي ۽ مناسب ڪاٺيءَ جو ٺهيل هوندو آهي، جنهن جي مٿئين حصي کي جنهن ۾ چار ڪاٺيون سڌيون ۽ چار پاسيريون لڳل هونديون آهن، ان کي ’مدن‘ چوندا آهن. مدن جي مٿان هڪ ڪاٺي هوندي آهي ان ۾ بيرق وجهندا آهن ۽ بيرق واري ڪاٺي جي مٿان ٽامي جي قلعي ڪيل يا چانديءَ يا سون کي ڪلس چاڙهيندا آهن. عَلم چاڙهڻ کان اڳ ماڻهو عَلم کي سائو يا ڳاڙهو رنگ ڏيندا آهن، ڪي ته وري عَلم ۽ مدن تي ڪمانگري جو اعليٰ ڪم ڪرائيندا آهن پوءِ نئين ڪپڙي جي بيرق ٺهرائي اها ۽ ڪلس ۾ وجهي محرم جي چنڊ ڏسجڻ سان نهايت احترام سان سينه زني ڪندي، نقاره وڄائيندي، ڪنهن مناسب جاءِ تي نصب ڪندا آهن، عَلم کي سال جي موسمن جي هوائن جي لوڏن کان بچائِڻ لاءِ ڪجهه رسيون جن ۾ ٿوري ٿوري وڇوٽيءَ تي نم يا سرنهن جون سبز ٽاريون لڳل هونديون آهن، آڻي انهن جو هڪ پاسو منڍن جي ڀرسان ۽ ٻيو پاسو ڪنهن مناسب هنڌ تي مضبوط ٻڌي ڇڏيندا آهن، انهن رسين کي ’سهرا‘ چوندا آهن. ائين هر سال محرم جي چنڊ ڏسڻ سان عَلم نصب ڪندا آهن ۽ وري ذوالحج مهيني جي آخرين ڏهن ڏينهن ۾ عَلمن کي لاهي مناسب مرمت ڪري، وري سينگاري محرم جي چنڊ ڏسجڻ سان چاڙهي ڇڏيندا آهن. عَلم لاهڻ مهل عَلم ۾ جيڪو بيرق جو ڪپڙو بچل هوندو آهي، ان جو ليڙون ليڙون ڪري تبرڪا عقيدتمند ڳچين يا ٻانهن ۾ ٻڌندا آهن. ڪي ماڻهو وري عَلم کي رنگ ڏيڻ جي بدران مٿس ڪپڙي جو غلاف چاڙهيندا آهن، اهو ڪپڙو گهڻو ڪري ڪارو هوندو آهي. اهي عَلم سپاهه حسينيءَ جي عَلمبردار حضرت عباس عليه السلام سان منسوب هوندا آهن ۽ جڏهن تعزيه يا عَلم وغيره نڪرندا آهن، تڏهن ماتمي، انهن نصب ٿيل عَلمن پٽ به ايندا آهن. عَلم گويا هڪ نشان به آهي ته هتي عزاداري آهي.

    جهنڊا: محرم جي 7 تاريخ پٽن مائون مٺيون مانيون پچائينديون آهن، جن کي روٽ چوندا آهن. اهي روٽ جيتري اٽي جا باسيل هوندا، اوتري اٽي مان پچائن ۽ نئين ڪپڙي مان ننڍيون ننڍيون بيرقون ٺاهي اهي کجي جي ٽاري سوئي انهي ۾ وجهي، شربت ٺاهي روٽن سان گڏ هر پڙ تي موڪلينديون آهن. جي شربت نه هوندو آهي ته پنج پئسا يا پنج آنا موڪلينديون آهن. اهي مليل جهنڊا وري وڏن عَلمن سان گڏ نصب ڪيا ويندا آهن ۽ 10هينءَ جي ڏينهن نهر ٿيڻ مهل لاهي وٺندا آهن، باقي هڪ جهنڊو ڇڏي ڏيندا آهن ۽ اهي جهنڊا وري ڪڏهن ڪڏهن گهوم سان گڏ کڻي ماتم ڪري خاص جهنڊن جو پڙ ڪڍندا آهن ۽ انهن جهنڊن سان ماتم ڪندا پڙن تي ويندا آهن. اهو رواج اصل ايرانين کان آيو. اڄ به ايراني جتي مجلس ڪندا آهن، انهن جاءِ يا خيمي جي اڳيان جهنڊا کوڙي ڇڏيندا آهن ته عقيدتمند کي خبر پوي ته هتي مجلس عزا آهي.

    محرم: عزادار محرم جو احترام تمام گهڻو ڪن. محرم جي چنڊ ڏسڻ سان هر خوشي کي ترَڪ ڪن. امام صاحب جي چاليهي تائين نه ڪنهن شاديءَ ۾ شريڪ ٿين ۽ نڪي وري ڪا اهڙي خوشي پاڻ ڪن. امام حسين عليه السلام جي سوڳ ۾ ڪارا، نيرا يا ساوا ڪپڙا پهرين. پينگهي يا کٽ تي نه ويهن، گهر جون کَٽون به اونڌيون ڪريو ڇڏين. انهن ڏينهن ۾ ڪنهن به شيءِ کي امام صاحب جي غم کان وڌيڪ نه سمجهن. پنهنجو سڄو وقت مجلسن ۾ گذارين. ڪوبه نئون ڪم شروع نه ڪن. لهو لعب جو قطعي نالو به ڪونه وٺن. انهن ڏينهن ۾ سفر نه ڪن. اهي سڀ لوازمات تيرهين محرم (ٽيجهي) تائين روا رکن. پر ڪي ماڻهو اها سُوءِ چاليهي تائين به ڪن. جيڪي اها سُوءَ ٽيجهي تائين ڪن، سي تيرهين محرم جو وهنجي سِهنجي سوءِ وارا ڪپڙا لاهي، حسب دستور پنهنجي دنيوي ڪمن سان لڳيو وڃن. پر ڪي ته اهڙا به هوندا آهن جو محرم ۾ ئي دنيوي ڪمن ۾ لڳا پيا هوندا آهن. ڪي ڪي زالون عشره ۾ پڙن تي رهڻ وارن لاءِ دال ۽ مانيون موڪليندو آهن.

    نَقاره: سنڌ ۾ نقاري کي عام طور نغارو چوندا آهن. ماتمي عَلم لهڻ کان نغارا وڄائڻ شروع ڪندا آهن، نقارا گهڻو ڪري معمولي حالتن ۾ صبح جو سويل، منجهند جو ۽ رات جو دير سان وڄائيندا آهن، پڙ جي اچڻ مهل ”ياحسين“ ۽ پڙ جي ترسڻ محل ”ڊڍ“ ۽ پڙ جي هلڻ مهل ”ٽاهو“ وڄائيندا آهن. نقارن وڄائڻ جو رواج ملتان کان آيو، پر هاڻي ته هتي ملتان کان به وڌيڪ رواج آهي، گهڻو ڪري هر پڙ تي ٽي-چار جوڙيون نقارن جون ضرور هونديون آهن ۽ وڄائڻ وارا به استاد ڪاريگر ٿي گذريا آهن، جن ۾ امام علي شيدي کي امام علي شاهه جي پڙ تي پاڻ نغارا وڄائيندي ڏٺو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته نقارن وڄائڻ ۾ امام علي شيدي جو ٻيو ڪوبه ثاني ڪونه هو.

    نقارن ۾ ڪل 6 تال وڄائيندا آهن، جن مان پهريون ”ياحسين“ آهي. ”ياحسين“ جي تال ۾ 6 ماترائون ٿينديون آهن، جن جا ٻول هي آهن: ”ڌا-ڌنا-ڌا- ڪتا.“ ياحسين کان پوءِ شاهه پنجن تنن وڄائيندا آهن. هن تال ۾ به 6 ماترائون ٿينديون آهن جن جا ٻول آهن؛ ”ڌا-ڌنا-تنا- ڪٽ،“ ان کان پوءِ ”حسن حسن“ وڄائيندا آهن، جنهن تال جون ٻه ماترائون هونديون آهن جن جا ٻول آهن: ”ڌن-تا،“ ان کان پوءِ ”ٽاهو“ وڄائيندا آهن، ٽاهوءَ ۾ پنج ماترائون ٿينديون آهن جا ٻول آهن: ”ڌنا-ڌا- تان-تان،“ ٽاهو پڙ جي رخصت ٿيڻ مهل وڄائيندا آهن ۽ آخر ۾ لولي وڄائيندا آهن، جنهن جون 11 ماترائون ٿينديون آهن. لوليءَ جا ٻول آهن: ”ڌا-ڌا-ڌي-ڌانا-تڪ-تات-نا-ڌي.“

    نقاري وڄائڻ وارا پوءِ نغارا وڄائيندي هر تال تي چوٽون ۽ مختلف ٽڪا ”ٺيڪا“ رکندا آهن. ڏهين جي سڄي ڏينهن پڙن تي نغارن تي رڱي ”ڊڍ“ وڄائيندا آهن ۽ پڙ هلندي هلاري ”يا حسين“ يا ”ڊڍ“ وڄائيندا هلندا آهن. ٻهراڙين ۾ ڏهين جي ڏينهن جيڪا ٻانهن تي پِٽ ڪندا آهن انهي تي به ”ڊڍ“ وڄندي آهي ۽ زالون جيڪي پڙ چونديون آهن اُتي به ”ڊڍ“ وڄائينديون آهن.

    ميندي: محرم جي 7 تاريخ رات جو ميندي نڪرندي آهي. اها ميندي زالون تيار ڪنديون آهن. اها ميندي حضرت قاسم ابن حسن عليه اسلام سان منسوب ڪئي ويندي آهي. چوندا آهن ته ڪربلا جي ميدان ۾ حضرت قاسم جي شاديءَ جي تياري به ٿي هئي ۽ انهيءَ رات (اٺين جي رات) ميندي به ڪڍندا آهن. زالون مينديءَ کي نهايت پاڪائيءَ سان سينگارينديون آهن، ڇا ڪنديون آهن جو مينديءَ جا پنج پاءَ يا جيتري پُڄي سگهي صاف ٿالهن ۾ پُسائي رکنديون. جنهن ۾ گلاب جو عطر، چندن جو ٻورو وغيره به ملائينديون آهن ۽ مٿان وري سونا ۽ چانديءَ جا ورق لڳائينديون آهن، ان مينديءَ ۾ ٿالهه جي ڪنن جي اندرئين پاسي گلاب جي گلن جون ٽاريون کوڙينديون آهن ۽ ٿالهه جي وچ ۾ اَگر بتيون ۽ ميڻ بتيون ٻارينديون آهن. انهن گلاب جي ٽارين جي مٿان کهنبو ڪپڙو وجهي ڇڏينديون، پوءِ انهي ٿالهه کي کڻي سينه زني ڪنديون، نوحا چونديون پڙن تي ڦيرائنيديون آهن. جي پڙ گهرن کان ٻاهر ۽ پري هوندا آهن ته ميندي سينگاري مردن سان گڏ پڙن تي وينديون آهن (اهي زالون جيڪي پردو نه ڪنديون آهن.) پوءِ پڙن تان گهمائي صبح ٿيڻ کان اڳ نهر ڪري ڇڏينديون آهن. نهر هيئن ڪنديون جو انهي ميندي کي ڪنهن وهندڙ پاڻيءَ ۾ وهائي ڇڏينديون آهن.

    سيجَ: ائين سيجَ به حضرت قاسم ابن حسن عليه السلام جن سان منسوب آهي، سيجَ اٺين محرم جي رات جو (9 جي رات) ڪڍبي آهي، سيجَ نڪرڻ کان اڳ سيجَ ڪڍندڙ نهايت پاڪائيءَ سان سيجَ کي سينگاريندا آهن. انهي سيجَ واري کٽ کي چڱي طرح ڌوئي پوءِ ان جي مٿان هنڌ وڇائبو آهي. اها کٽ ۽ هنڌ اهڙو ٿيندو آهي، جنهن کي ڪو به ماڻهو استعمال نه ڪندو آهي، بلڪه خاص هوندو آهي. سيجَ جي لاءِ ان هنڌَ تي وري ’ٻانڌڻي‘ ۽ ’کهنبو‘ وڇائيندا آهن، پوءِ ان تي گلن جا هار ۽ عطر وغيره رکي اَگر بتيون ٻاري هنڌ جي سيرانديءَ کان ڪلام الله رکبو آهي، پوءِ ائين سينگاري پڙن تي ڦيرائيندا آهن ۽ تيسين نهر نه ڪبي آهي، جيسين ڏهين محرم جي عصر جو وقت نه اچي. سيجَ کي ڦيرائي ڪنهن هڪ پڙ تي آڻي رکندا ته اتي ڪو نه ڪو ماڻهو سڄي رات ضرور جاڳندو، سيجَ تي به عقيدتمند ماڻهو باسون باسيندا آهن.

    پينگهو: سيجَ جيان 9 محرم جي رات پينگهون به نڪرنديون آهن. پينگهو حضرت علي اضغر ابن امام حسين عليه السلام جِن سان منسوب آهي. حضرت علي اضغر ڇهن مهينن جو ڪربلا ۾ شهيد ٿيو هو. ان جي ياد ۾ سندس پينگهي جي شبيهه ڪڍندا آهن. ٿيندو ايئن آهي جو ننڍڙو ٻاراڻو پينگهو وٺي ان کي گُلن ڦُلن سان سينگاري، مٿان سَنهو ڪپڙو وجهي، عطر لائي، اَگر بتيون ۽ ميڻ بتيون ٻاري پوءِ سيجَ ۽ مينديءَ وانگر پِڙن تي گهمائين. جن زالن يا مردن کي اولاد نه ٿيندو آهي، اهي عقيدي سان انهيءَ پينگهي کي لوڏيندا آهن ۽ اولاد ٿيڻ جي باس باسيندا آهن، ائين پينگهو به ڏهين محرم جي ڏينهن عصر جي وقت نهر ڪندا آهن. اهو پينگهو به سيجَ وانگر مخصوص هوندو آهي، جنهن ۾ ڪوبه نه لڏندو آهي. انهيءَ پينگهي کي وري حفاظت سان رکيو ويندو آهي ايندڙ محرم لاءِ.

    دُلدل: ڪي ماڻهو وري ڪاٺ جي گهوڙن وانگر قالب ٺاهي، ان تي لنگيون چاڙهي، انهن تي ڳهه ٽاڪي، نچائيندا آهن. ان دُلدل کي چوڌراي کٽ جي ايسين وانگر هڪ فريم هوندو آهي. جيڪو ماڻهو دُلدل نچائيندو آهي، ان جي پيرن ۾ ڇير ٻڌل هوندي آهي، پاڻ کٽ وانگر فريم جي اندر وچ ۾ ٿي بيهندو آهي، پوءِ انهيءَ فريم کي جهَلي دهل جي تال تي نچيندو آهي. ائين دُلدل کي به سيجَ جيان پڙن تي ڦيرائيندا آهن. دُلدل سان گڏ ڪي ماڻهو هوندا آهن، جيڪي دهل جي تال تي سهرن وانگر ڪجهه چوندا هلندا آهن. ماتم جي انهي نموني کي روڪي به نٿا سگهن.

    ذُوالجناح: ذُوالجناح امام حسين عليه السلام جِن جي سواريءَ واري گهوڙي جي شبيهه آهي. ڪربلا جي ميدان ۾ 10هين محرم جي ڏينهن نماز عصر وقت جڏهن امام حسين عليه السلام جن شهيد ٿي ويا هئا، تڏهن سندس گهوڙو واپس خيام ۾ اهلبيت ڏانهن خالي آيو هو ۽ خالي گهوڙي کي ڏسي ساڪنان -خيام کي يقين ٿي ويو ته امام حسين عليه السلام جِن شهيد ٿي ويا. انهي ياد ۾ هر محرم ۾ ذُوالجناح ڪڍيو ويندو آهي.

    گهوڙي کي وهنجاري صاف ڪري، پوءِ ان کي بهترين سازن سان سنجيندا ۽ گهوڙي جي پاسي ۾ تلوار ۽ ڍال لڳائيندا آهن، پوءِ واس ڏئي اچي پڙ ۾ بيهاريندا آهن. ائين پيو معلوم ٿيندو آهي ڄڻ ته مٿانئس هاڻي سوار لٿو آهي. پوءِ گهوڙي کي به سيجن وانگر پڙن تي سينه زني ڪندي نوحا چوندا ڦيرائيندا آهن ۽ وري ساڳي پڙَ تي اچي نهر ڪري ڇڏيندا آهن. راقم الحروم ٽنڊي ڄام جي مير صاحب جن وٽ هڪ گهوڙو ڏٺو، جنهن ۾ محرم جي ڏينهن ۾ هڪ عجيب ڪيفيت پيدا ٿي ويندي هئي. ان گهوڙي کي جڏهن سينگاري ڪڍندا هئا، تڏهن اهو گهوڙو زمين تي ڪجهه اهڙي قسم سان سنب هڻندو هو، جنهن مان معلوم پيو ٿيندو هو ته هي گهوڙو عام گهوڙن کان جدا آهي، ان کان سواءِ هر پڙ تي ٻين جي ارادي سان نه پر پنهنجي ارادي سان هلندو هو. چيو وڃي ٿو ته محرم جي ڏينهن ۾ اهو گهوڙو کائڻ پيئڻ به گهٽ ڪري ڇڏيندو هو. اهو گهڙو ڪيترا سال هر محرم تي نڪرندو هو ۽ مير صاحبن به ان گهوڙي تي ٻئي ڪنهن به ماڻهو کي نه چڙهڻ ڏنو. اهو گهوڙو ڪجهه وقت کان پوءِ مري ويو، ان جي بدران ٻيو گهوڙو مير صاحب ڪڍندا آهن، پر چيو وڃي ٿو ته انهيءَ گهوڙيءَ ۾ به ڪجهه خصلتون اهڙيون ملن ٿيون.

    مَجلِسون: لفظ مجلِس سنڌ ۾ امام حسين عليه السلام جِن جي گريه ڪرڻ واري ميڙ لاءِ مخصوص ٿي ويو آهي، جي ڪير چوي ته فلاڻي هنڌ مجلس آهي ته پڪ اتي ذاڪر حسين هوندو ۽ مجلس، خوشيءَ جي محفل ۾ استعمال نه ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ مجلسون ايران ۽ هندستان ۾ به عام آهن، پر هتي به انهن جو ذڪر غير مناسب ناهي. ڇو جو هتي به ڪي ڳالهيون ٻين مجلسن کان وڌ يا گهٽ هونديون آهن، ان ڪري ذڪر ڪجي ٿو.

    مجلس عزا هونئن ته هر سال ۽ هر مهيني ڪٿي نه ڪٿي ضرور ٿيندي آهي، پر هِن ملڪ ۾ محرم جي چنڊ ڏسڻ سان مجلِسون منعقد ڪيون وينديون آهن. ڇا ٿيندو آهي جو مجلس جي اهتمام لاءِ پاڪ صاف غلم غاليچا وڇائي، ڪنهن مناسب جاءِ تي ممبر رکندا آهن، جنهن تي غلاف وجهي مٿان گلدستا رکند آهن ۽ اَگر بتيون ٻاريندا آهن، پوءِ فاتحه پڙهي مجلس شروع ڪئي ويندي آهي، جن ۾ ذاڪر ذِڪر ڪندا آهن، مرثيا پڙهيا ويندا آهن، تبليغ ڪئي ويندي آهي، فضائل اهلبيت ۽ مصائب پڙهيو ويندو آهي، ان کان پوءِ جي محرم جو پهرون ”ڏهو“ هوندو آهي، ته وري سينه زني ٿيندي آهي، جنهن ۾ ”نوحا“ پڙهندا آهن ۽ زنجيرن سان ماتم به ڪيو ويندو آهي. پر جي محرم نه هوندو آهي ته اڳي زيارت پڙهي دعا گهري مجلس ختم ڪندا آهن. سينه زني کان پوءِ سڀ قبله رو ٿي امام حسين عليه السلام ۽ شهداءِ ڪربلا جي ۽ امام رضا عليه السلام ۽ امام غائب عليه السلام جن جي زيارت پڙهندا آهن، پوءِ دعا گهرندا آهن. دعا کان پوءِ مجلس ختم سمجهي ويندي آهي، پوءِ مومنن کي نياز ڪرائيندا آهن. ائين مجلس ۾ شريڪ ٿيڻ وارا رخصت ٿي ويندا آهن.

    ٽِيجهو: محرم جي13هين تاريخ امام حسين عليه السلام جو ٽيجهو ڪيو ويندو آهي، جنهن ڏينهن تي به نياز ۽ مجلسون ٿينديون آهن، جن کي ڪارا يا نيرا ڪپڙا هوندا، اهي سوءَ لاهيندا وهنجي سِهنجي پنهنجي گهرن ۾ وڃي سمهندا آهن ۽ حسب معمول وارا سڀ لوازمات مفلوج سمجها ويندا آهن، پر جيڪي چاليهي تائين سوءَ رکندا آهن. اهي برابر سوءَ ۾ رهندا آهن.

    چاليهو: 20 تاريخ صفر جي امام صاحب جِن جو چاليهو ڪيو ويندو آهي. ان ڏينهن تي به مجلسون ۽ نياز ٿيندا آهن، جن ماڻهن چاليهي تائين امام صاحب جن جي سوءُ رکي هوندي اهي سوءَ لاهيندا آهن ۽ دنيوي ڪمن ۾ لڳي ويندا آهن.

    اعمالَ: 10هين محرم جو ڏينهن نهايت غَم سان گذاريو ويندو آهي، انهيءَ ڏينهن کائڻ پيئڻ ترڪ ڪندا آهن. گهرن ۾ نه وهندا آهن ۽ مٿا اگهاڙا رکندا آهن، ٻانهون ٺونٺين کان مٿي کنجي ڇڏيندا آهن. گريبان کليو ڇڏيندا آهن ۽ مٿي ۾ مٽي وجهندا آهن، ان ڏينهن ڪوبه ڪم نه ڪند آهن. خاموشيءَ سان تسبيح پڙهندا آهن، ان ڏهين محرم جي ٻارهين وڳي کان اڳ عاشوري جا اعمالَ بجا آڻيندا آهن.

    نماز کان پوءِ فاقو ٽوڙيندا آهن، اهو فاقو ٽوڙڻ مهل پهرين ڪوهر کائيندا آهن، ڇو جو اهلبيت اطهر کي ٽن ڏينهن جي اڄ ۽ بک کان پوءِ پهرين پهرين ڪوهر کائڻ لاءِ مليا هئا، ان کان پوءِ پڙن تي مليل جهندا لاٿا ويندا آهن. صرف هڪ جهنڊو پڙ سان گڏ ڇڏيو ويندو آهي. ان وقت سيجن ۽ تعزين جو به نهر ٿيندو آهي. اهي آهن سنڌ ۾ عزاداريءَ جون رسمون جيڪي پشت بپشت هلنديون اچن ٿيون.

    محرم ۾ نغارا جنگ جي طبل جي صورت ۾ وڄايا ويندا آهن ۽ سواريءَ وارو ”تال“ انهيءَ وقت جو آهي، جڏهن ڪو بهادر گهوڙو ڊوڙائي دشمن ۾ ڪاهي پوندو آهي ۽ جيسين حملو هلندو رهندو آهي، تيسين سواريءَ وارو تال وڄائبو رهبو آهي.

    عَلم جو مطلب هيءُ آهي ته جِتي به عَلم کُتل آهي، اها جاءِ حسيني سپاهه جي گڏ ٿيڻ جي جاءِ آهي، ان کان پوءِ 7 تاريخ محرم جي پٽن مائون پٽن کي مٺيون مانيون شربت ۽ جهنڊو ڏئي، ڪنهن عَلم ڏي اُن ڪري موڪلينديون آهن ته اسان پنهنجي پٽ کي سفر جو توشو ڏئي خوشي سان سپاهه حسيني ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وغيره. اهي آهن اهي رسمون جيڪي محرم ۾ سنڌ ۾ رائج آهن.

    حاضريءَ جي مجلِس: حاضريءَ جي مجلس هڪ مخصوص مجلس ٿيندي آهي، جنهن کي حضرت عباس بن علي عليھ السلام عَلمبردار فوج حسيني سان منسوب ڪندا آهن. جي ڪو ماڻهو سخت بيمار هوندو آهي، يا ڪو سخت مشڪل ۾ ورتل آهي ته ڪپڙو ڳچيءَ ۾ وجهي، مٿو اگهاڙو ڪري، کٻي پير تي سڄو پير رکي ادب سان ڪعبتھ الله ڏي منهن ڪري حضرت عباس عليھ السلام جي حاضريءَ جو نياز باسيندا آهن. باس پوري ٿيڻ تي نياز جون تياريون هيئن ڪندا آهن: جو هر اهو ٿانو جيڪو نياز جي ڪم ايندو انهيءَ کي چڱي طرح ڌوئي پاڪ ڪندا، چُلهه کي به پاڪيزه مٽيءَ ۽ پاڻيءَ جو ليپو آيل هوندو ٻارڻ واريون ڪاٺيون به ڍوئيندا، پوءِ نياز تيار ڪرڻ وارو غسل ڪري پاڪيزه ڪپڙا پائي نياز تيار ڪندو. هوڏي وري مجلس جي جاءِ تي فرش فروش وڇائي لوبان اَگر بتيون ٻاري گُل رکي مجلس ۾ شريڪ ٿيڻ وارن جو انتظار ڪندا. هن مجلس ۾ صرف خاص خاص ماڻهو سڏيا ويندا آهن. ناپاڪ ماڻهوءَ کي مجلس ۾ اچڻ ۽ نياز کائڻ کان روڪيو ويندو آهي. مهمانن جي اچڻ سان مجلس شروع ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ ذڪر فضائل اهلبيت ڪندا آهن. هن ئي مجلس ۾ کل خوشي جائز سمجهي ويندي آهي. مجلس کان پوءِ نياز آندو ويندو آهي. ڪو پاڪيزه ڪپڙو وڇائي ان تي نياز کائيندا آهن، پوءِ مهمانن جا هٿ به ڪنهن محفوظ ٿانوَ ۾ ڌئاريندا آهن ۽ اهو هٿن جو ڌوپ نياز جا بچل ذرا يا نياز وارن ٿانون جو ڌوپ، ڪنهن وهندڙ پاڻيءَ ۾ وهائي ڇڏيندا آهن، جيئن پيرن جي هيٺيان نه اچي ۽ بي ادبي نه ٿئي.

    نذر: هن ملڪ جو عقيدتمند زالون سچي سانئڻ (جناب سيدت النساءِ العالمين فاطمھ الزهره اسلام الله عليها) جو نذر باسينديون آهن، جي ڪو سخت بيمار هوندو آهي يا ڪنهن سخت مشڪل ۾ ڦاٿل هوندو آهي ته زالون سچي سانئڻ جو نذر باسينديون آهن. بيمار جي چڱي ڀلي ٿيڻ کان پوءِ يا مشڪل حل ٿيڻ کان پوءِ اهو نذر ڏيڻ واجب سمجهيو ويندو آهي. اهو نذر زالن جي ئي باس هوندو آهي ۽ زالون ئي ڪري ڏينديون آهن. زالون اهو نذر نهايت ئي پاڪائيءَ سان ڪنديون آهن نذر جي باس ۾ جيڪو پڄي سگهي سو ڏئي. روٽ يا ڪُٽي ڪري يا ان سان گڏ ڪپڙا، ڳهه، ٿانوَ، عطر، سوپاريون، ڦوٽا جيڪي کپيس سو ڏئي.

    جتي نذر ڪرڻو هوندو اٿن: زالون انهيءَ گهر کي صاف ڪري، پٽ ڌوئي يا لِنبي، پوءِ پاڻ به وهنجي سِهنجي پاڪ ڪپڙا پائي، نذر جو روٽ پچائينديون، پوءِ انهيءَ روٽ کي ڪٽي ٺاهينديون، پوءِ اها ڪٽي ٿالهه ۾ وجهي ڍڪي رکنديون، پوءِ ڏِيئو ٻاري، نذر کائڻ کان اڳ ۾ ڪا ڳالهه کڻنديون آهن.

    اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به مرد کي اها خبر نه پئجي سگهي آهي ته نذر مهل عورتون ڪهڙي ڳالهه کڻنديون آهن. هن نذر جي تيار ٿيڻ يا کائڻ وقت ڪنهن به مرد جو آواز به اندر نه رَسي. ٻيو ته ٺهيو پر ڪنهن پيٽ واري عورت کي به اندر اچڻ نه ڏينديون ته متان سندس پيٽ ۾ ڪو نرينو اولاد هجي. هن نظر جي تياريءَ لاءِ سادات جو گهر ضرور سمجهيو ويندو آهي ۽ تيار ڪرڻ واريون سيد زاديون ئي هجن. ڪپڙا ۽ سامان به انهن کي ئي ملندو ٻين کي نه .

     
    روشن علي رحيمي هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,385
    ورتل پسنديدگيون:
    26,854
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪَربَلا ڪَڪَورِي، دُلدُلِ رَتَا پَيرَ
    سَٽُون ڏيندَي شَيرَ، مَٿَان سِجُ مُرڪيَو

    سُرُ ڪَيڏَارَو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو