ڏورِيان ڏورِيان مَ لَهان !، شالَ مَ مِلان هوتَ مَنَ اَندَرِ جا لوچَ، مَڇُڻِ مِلَڻَ سان ماٺِي ٿِيَي سُرُ حُسَينِي سَسُئِي ڏورِيان = ڳوليان مَ لَهان = لڀي ئي نہ ، ملي ئي نہ ، ملاقات نہ ٿئي مَ = نه هوتَ = محبوبن سان، پرين سان لوچَ = اُساٽ، اُڃ، ڳولها، سِڪ، اُڪير مَڇُڻِ = متان، مبادا ماٺِي = جهڪي، هلڪي بيت جو پس منظر ~ محبوب سان ملاقات نہ ٿئي, کيس سڄي زندگي ڳوليندي ڳوليندي گذري. ~ هيءَ اندر جي اُساٽ, ملڻ سان متان جهڪي نہ ٿي وڃي. سمجهاڻي محبوب جي وڇوڙي ۽ جدائيءَ ۾ جيڪي راتيون ۽ ڏينهن تڙپندي، لڇندي ۽ ڦٿڪندي گذرندا آهن. انهن ۾ بہ هڪڙو سرور، سڪون، لطف ۽ مزو هوندو آهي. هر ڏينهن بيچيني، بيقراري، آھ زاري، سڏڪا، ساروڻيون ۽ دڳن ۾ ديدون هجن ٿيون. هر کڙڪي تي ڇرڪ ڀري اٿي پوڻ تہ شايد محبوب اچي ويو آهي. هر رات ڊگهي ٿي وڃي ٿي، اوجاڳا، اوسيئڙا، انتظار ننڊون ڦٽائي ڇڏيندا آهن. رات روئندي، سڏڪندي ۽ پاسا ورائيندي گذرندي آهي. تنهنڪري دل چئي ٿي : جيڪر سڄي زندگي ايئين ئي محبوب لاءِ تڙپندي ۽ ڳوليندي ڳوليندي گذري وڃي پر ملاقات نہ ٿئي. ڇو تہ ملڻ کان پوءِ هن محبت ۾، سڪ ۽ اُڪِيرَ ۾ متان ڪا گهٽتائي نہ اچي وڃي. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____
اڪثر دوست ڳوليان ڳوليان مَ لهان پڙهندا آهن جيڪو غلط آهي صحيح ڏوريان ڏوريان آهي. حوالو رسالا : غلام محمد شاهواڻي صاحب صفحو 214 ڊاڪٽر گربخشاڻي صفحو 423 ڪلياڻ آڏواڻي صفحو 214 سر حسيني سسئي داستان ستون
محبوب جو نه ھجڻ ئي بھتر آ ھجڻ کان. جيڪو مزو محبوب جي سڪ ۾ تڙپ جو آھي سو مزو محبوب سان گڏ ھجڻ ۾ ڪون آھي.