ڏُکِيُون جان نه مِڙَنِ، تان تان ڀَنَڻُ نه ٿِيَي ٻِيُون هُهِين هَٿَ هَڻَنِ، رُوئندِيُون رُئڻَ وارِيُون سُرُ حُسَينِي سَسُئِي ڏُکِيُون = ڏکن واريون، غمن واريون جان = جيستائين مِڙَنِ = ملن، گڏجن تان تان = تيستائين ڀَنَڻُ = رودن، ماتم، احتجاج هُهِين = هونئن ئي، هروڀرو، ايئين ئي، اجائي هَٿَ هَڻَنِ = پِٽِنِ، مُنهُن مٿو پِٽِنِ، ماتم ڪن بيت جو پس منظر ~ ڏکويل تيسين نہ گڏبيون آهن، جيسين ڪو ماتم نہ ٿئي. ~ ٻيون اجايو هٿ هڻنديون آهن، منهن مٿو تہ ڏکن واريون پٽينديون آهن. سمجهاڻي پنهونءَ جو وڇوڙي کان پوءِ جڏهن سسئي آسرو لاهي مايوس ۽ نااميد ٿي تڏو وڇائي پار ڪڍي روئڻ لڳي هئي، تہ سهيليون کيس دلجاءِ ڏيڻ لاءِ اچي گڏ ٿيون هيون. پر سسئيءَ جي سڏڪن، آنهن، دانهن، رڙين ۽ وڇوڙي جي ورلاپن ۾ جيڪو درد سمايل هو، اُهو سندس سهيلين جي ڏيکاءَ واري ڏک ۾ نظر نٿي آيو. ڀٽائي هن علامتي بيت ذريعي سمورن مظلوم ۽ محڪوم قومن ۽ ماڻهن کي گڏ ٿي، هر ڏاڍ، ظلم ۽ جبر جي خلاف احتجاج ۽ جدوجهد ڪرڻ جو سڏ ڏئي ٿو. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____