1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

اي الله پاڪ مون کي چند ماڻهن ۾ شامل ڪر

'قرآن مجيد' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏29 آڪٽوبر 2015۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,565
    ورتل پسنديدگيون:
    5,461
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    هڪ دفعي حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنه بازار ۾ وڃي رهيو هو ۽ هڪ شخص جي ڀرسان گذريو جيڪو دعا ڪري رهيو هيو ته ”اي الله مون کي پنهنجي چند ماڻهن ۾ شامل ڪر.. اي الله مون کي پنهنجي چند ماڻهن ۾ شامل ڪر“
    حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنه کائنس پڇيو ته هي دعا تو ڪنهن کان سکي آهي؟
    شخص جواب ڏنو ته ”الله جي ڪتاب مان، الله پاڪ قرآن ۾ فرمايو آهي..
    ”۽ منهنجي بندن مان صرف چند ئي شڪر گذار آهن..“ (القرآن 34:13)
    حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنه اهو ٻڌي روئي ڏنو... ۽ پنهنجو پاڻ کي نصيحت ڏيندي چيائين.. ”اي عمر! ماڻهون توکان وڌيڪ علم وارا آهن.. اي الله مون کي به پنهنجي چند ماڻهن ۾ شامل ڪر“


    اسان ڏسندا آهيو ته جڏهن اسان ڪنهن شخص کان ڪو گناه جو ڪم ڇڏڻ جو چوندا آهيون ته اهو چوندو آهي ته ”اڪثر ماڻهون اهو ڪم ڪندا آهن.. مان اڪيلو ته ناهيان ..“

    جيڪڏهن توهان قرآن ۾ ”اڪثر ماڻهون“ ڳوليو ته ...

    اڪثر...

    ”نه ٿا ڄاڻن“ (7:187)
    ”شڪر ادا نه ٿا ڪن“ (2:243)
    ”ايمان نه ٿا آڻن“ (11:17)


    جيڪڏهن توهان ”گهڻا ماڻهون“ کي ڳوليو ته توهان کي ملندو...

    گهڻا ماڻهون...
    ”شديد نافرمان آهن“ (5:59)
    ”جاهل آهن“ (6:111)
    ”سڌي رستي کان هٽي ويندڙ آهن“ (21:24)
    ”سوچن نه ٿا“ (29:23)
    ”ٻڌن نه ٿا“ (8:23)


    تنهن ڪري اسان کي گهرجي ته اسان پاڻ کي چند ماڻهن ۾ وجهون جن جي باري ۾ الله تعاليٰ فرمائي ٿو...

    ”منهنجا چند ماڻهون ئي شڪر گذار آهن“ (34:13)
    ”۽ ڪنهن ايمان نه آندو سوائي چند جي“ (11:40)
    ”مزن جي باغن ۾ پهرئين ۾ وڌيڪ ۽ پوءِ وارن مان چند“ (56:12-14)

    چند ماڻهن ۾ پنهنجو پاڻ کي شامل ڪريو ۽ ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪريو ته ٻيا ان رستي تي ناهن.. ۽ توهان اڪيلا آهيو..
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,153
    ورتل پسنديدگيون:
    5,163
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    الله پاڪ کان دعا آهي ته شال مولا ڪريم اسانکي چند ماڻهن ۾ شامل ڪري آمين ، سهڻي ونڊ ادا جزاڪم الله خير
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو