قربان جيلانيءَ جون ساروڻيون – سيد يار محمد شاهه

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏31 آڪٽوبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي


    قربان جيلانيءَ جون ساروڻيون

    سيد يار محمد شاهه

    سنڌي ۽ اردو ڊرامن، فلمن ۽ ريڊيو جو سپراسٽار قربان جيلاني اڄ جي ٽهيءَ کي ياد هجي يا نه هجي، پر سندس ٻه فرزند ڪامران جيلاني ۽ عدنان جيلاني اڄ نئين ٽهيءَ جا پسنديده فنڪار ضرور ليکيا وڃن ٿا. قربان جيلاني، محمد علي، مصطفيٰ قريشي وارن جي دور ۾ ريڊيو سان وابسته رهيو ۽ پهرئين جوڙ جو فنڪار ليکيو ويندو هو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان پوءِ هو ڪراچي ريڊيو سان بحيثيت انائونسر ۽ صداڪار آخر تائين وابسته رهيو، جڏهن ته سنڌي فلمن ۽ سنڌي اردو ٽيليويزن ڊرامن ۾ به هن پنهنجو پاڻ کي مڃرايو. ان کان علاوه فنڪارن جي فلاح و بهبود لاءِ اداره قائم ڪري، انعامي اسڪيمون به هلايون، جنهن تان کيس هڪ دفعو جيل به وڃڻو پيو
    قربان جيلاني هر فن مولا فنڪار هو، ۽ غزالا رفيق مرحومه سان سندس جوڙي ڄميل هئي. هنن سوين سنڌي اردو ڊرامن ۾ گڏ ڪم ڪيو ۽ بليڪ اينڊ وائيٽ جي دور کان وٺي رنگين دور تائين ڪئين يادگار ڊراما به ڪيا ۽ ڪيترا شو پڻ ڪيائون.
    مون سان سندس وابستگي ان وقت ٿي جڏهن اسان مزاحيه خاڪن جو پروگرام ”چهچٽو“ وڏي ڪاميابيءَ سان ڪري رهيا هئاسين. ان وقت هر وڏي فنڪار کي اسان سان گڏ ڪم ڪرڻ جو اشتياق هوندو هو. هڪ ڏينهن قربان جيلاني، منظور قريشيءَ جي آفيس ۾ آيو ۽ مزاحيه خاڪن ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش ڏيکاريائين. منظور قريشيءَ کيس ٽي عدد مزاحيه خاڪا مون سان گڏ ياد ڪرڻ لاءِ چيو. ريهرسل ڪرڻ دوران هو پنهنجي سينيارٽي جي ذريعي مون کي ڪافي مرعوب ڪري چڪو هو، پر جڏهن هڪ خاڪي ۾ هو غريب ٽانگي واري جي حيثيت ۾ مون وٽ اخبار ۾ ڏنل ايڊيٽريءَ جي پوسٽ لاءِ آيو، ۽ ساڻس جڏهن ريڪارڊنگ دوران، اضافي مڪالمن جي ڏي وٺ ٿي ته هن پنهنجي طرفان جيڪي اضافي مڪالما چيا، تن جو جڏهن مون ايڪشن ۽ جوابي مڪالمن سان منهن ڏنو، ته هو پنهنجا جملا وساري ويٺو ۽ پوءِ ڪيترا ري ٽيڪ ٿيا ۽ ان کان پوءِ منظور قريشيءَ کي چيائين ته ”هي فنڪار ڪٿان آندو اٿوَ“. منظور کلي ٻڌايس ته ”هي اسٽيج جو فنڪار آهي“. ان کان پوءِ هن منهنجي همٿ افزائي ڪئي ۽ دوستي جي دائري ۾ هميشه لاءِ شامل ڪري ڇڏيو. فنڪارن جي حقن جي جدوجهد لاءِ جيڪا به جاکوڙ ڪيائين ان ۾ مون کي هميشه گڏ رکڻ جي ڪوشش ڪيائين.قربان جيلاني سان جيئن ته ٽيليويزن جي مختلف ڊرامن ۾ گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو به مليو، هڪ يادگار ڪردار ڊراما سيريل ”زنگار“ ۾ ساڻس دوبدو ٽڪر جو هو. ڊرامي جو هدايتڪار پروڊيوسر اقبال انصاري هيو، جڏهن ته ٻين اداڪارن ۾ لاهور جو توقير ناصر به شامل هو. ڊرامو بي انتها مقبول ويو ۽ دوران ريڪارڊنگ ساڻس ڏي وٺ به ٿيندي هئي، ۽ ان ڏي وٺ مان مزو سڀئي ساٿي وٺندا هئا، خصوصا پروڊيوسر اقبال انصاري کيس منهنجي حوالي سان چيڙائيندو به هو. ان کان پوءِ اسان ۾ اندران فنڪار جيليسي به جاڳي پئي، ۽ پوءِ جڏهن به ڪو ڪم گڏ ڪيوسين، ته ريهرسل دوران پنهنجا پتا لڪائي رکندا هئاسين. بحرحال جواني هئي، ڪراچيءَ ۾ ۽ ڪراچي جي فلمي اسٽوڊيوز ۾ قربان جيلاني جي وڏي هاڪ هوندي هئي، وڏو دائرو هوندو هو، اخبارن ۾ سندس وڏي ڪوريج ڇپبي رهندي هئي، ۽ هن جاکوڙي فنڪار سنڌي ٻولي، سنڌي ڊرامن، ريڊيو جي صداڪاري ۽ سنڌي فلمن ۾ پنهنجي پورهئي سان پنهنجو پاڻ به مڃرايو ۽ سنڌي ثقافت ۽ فنڪار کي سندس حق ڏيارڻ ۾ تمام گهڻي محنت ڪئي. سندس مشهور سنڌي فلمن ۾ ”چانڊوڪي، جيجل ماءُ، غيرت جو سوال، البيلي، رت جا رشتا، رت جي راند ۽ شهزور“ شامل آهن.سنڌي شوبز جي تاريخ ۾ اڄ به قربان جيلانيءَ جو ڪردار ڪر کنيو بيٺو آهي.پاڻ وڏي عرصي تائين شوبز تي حاوي رهيو ۽ انيڪ يادون ڇڏي اسان کي ٻن پٽن عدنان جيلاني ۽ ڪامران جيلاني جي روپ ۾ پنهنجو تسلسل ڏيئي وڃي مالڪ حقيقي سان مليو. اسان جي هميشه جيان ڪراچي ٽيليويزن، ڪراچي ۽ حيدرآباد ريڊيو پاڪستان وارن ۽ سنڌ جي ثقافتي کاتي وارن کي اپيل آهي ته هو هن عظيم فنڪار جي پورهئي جي عيوض مڃتا لاءِ ڪي ايوارڊ مقرر ڪن. ڪنهن هال جو نالو ساڻس منسوب ڪن.

    قربان جيلاني 30 آڪٽوبر 1996 ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
     
    آخري ترميم: ‏30 آڪٽوبر 2018
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قربان جيلاني، ريڊيو ۽ ٽيليويزن جو مشهور اداڪار، 1938ع ڌاري حيدرآباد ۾ ڄائو.

    فني سفر
    سال 1959ع کان هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان پنهنجي فني زندگيءَ جي شروعات ڪئي. ترت پوءِ ريڊيو ڪراچيءَ تي ڊرامن ۾ صداڪاري ڪرڻ لڳو. ريڊيو تي مصطفيٰ قريشي ۽ محمد علي جهڙا وڏا آرٽسٽ سندس هـمعـصـر هئـا. جيـئـن ئـي پـاڪـستان ٽيليويزن ڪراچيءَ جي شروعات ٿي ته قربان جيلانيءَ به اردو ۽ سنڌي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. سندس شمار پهرين جوڙ جي اداڪارن ۾ ٿيڻ لڳو. سندس گهر واري عذرا شيرواني به ساڻس ڪيترن ئي ارود ڊرامن ۾ گڏ ڪم ڪيو. نامور ڊراما نگارن عبدالقادر جوڻيجي جي ڊرامي ’ڇوٽِي سِي دُنيا‘ ۽ حسينه معين جي ’انڪل عرفي‘ ۾ سندس ڪردار ساراهڻ جوڳا آهن. قربان جيلانيءَ سنڌيءَ کان وڌيڪ اردو ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي. فلمي دنيا جو به معروف اداڪار رهيو آهي.

    فلمي دنيا
    هن 16 فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي، جن ۾ 7 سنڌي، 8 اردو ۽ هڪ پنجابي فلم شامل آهن. قربان جيلانيءَ جي خاص ڊرامن ۾ ’هيلو هيلو‘، ’انتظار فرمايي‘، ’شمع‘، ’رات ڪي آنکين‘، ’ديوارين‘، نادان ناديه‘، ’الجهن‘ وغيره اچي وڃن ٿا،

    سنڌي فلمون
    جڏهن ته سنڌي فلمن ۾ ’چانڊوڪي‘ (1969ع)، ’جيجل‘ (1973ع)، ’غيرت جو سوال‘ (1974ع)، ’البيلي‘ (1974ع)، ’رت جا رشتا‘ (1975ع)، ’شهزور‘ (1976ع)، ’رت جي راند‘ (1976ع) وغيره شامل آهن.

    وفات
    قربان جيلانيءَ 30 آڪٽوبر 1996ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس پٽ عدنان جيلاني پڻ فني دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن رکيو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو