محترم شمس جعفراڻيءَ جي آتم ڪٿا ”ڪتيم سڀ ڄمار“ جي مهورتي تقريب

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 نومبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    پيڪاڪ پرنٽرز ۽ پبلشرز پاران محترم شمس جعفراڻي صاحب جي آتم ڪٿا ”ڪتيم سڀ ڄمار“ جي مهورتي تقريب اربع 4 نومبر 2015ع تي شام جو ساڍي چئين وڳي ريجنٽ پلازه، ڪراچي ۾ منعقد ڪئي پئي وڃي.
    دوستن کي شرڪت جي ڪوٺ ڏجي ٿي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هڪ آتم ڪٿا جي ڪٿا

    هالار

    سنڌي ادب ۾ جيڪا صنف اڄڪلهه سڀ کان وڌيڪ اهميت اختيار ڪري رهي آهي، سا آهي ’آتم ڪٿا‘. مختلف شخصيتن پاران آتم ڪٿائن لکڻ ۽ شايع ڪرائڻ جو سلسلو هلندڙ آهي. ڪيترائي ڪتاب اچي چڪا آهن ۽ ڪجهه اشاعتي مرحلن ۾ آهن. تازين اهم آتم ڪٿائن ۾ فضل الله قريشي جي ڪجهه يادون ڪجهه ڳالهيون، رٽائرڊ جسٽس ديدار حسين شاهه جي آتم ڪٿا گوندر ويا گذري ذڪر جوڳيون آهن.
    پر ڪجهه ورهيه اڳ لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪٿا ’وهي کاتي جا پنا‘ سنڌي ادب ۾ تمام گهڻي اهميت ماڻي، اها آتم ڪٿا جيتوڻيڪ مڪمل نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته لڇمڻ ڪومل سان سندس زندگي وفا نه ڪئي، ۽ ايئن اهو سلسلو اڻپورو رهجي ويو.
    تازو شمس جعفراڻي پنهنجي آتم ڪٿا لکي مڪمل ڪئي آهي، جنهن کي پيڪاڪ پبلشرز شايع ڪرائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب جو گيٽ اپ، اشاعت بهترين آهن. شمس جعفراڻي صاحب سڄي ڄمار جيڪو ڪتيو آهي، تنهن کي پنن تي اوتي پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو اٿس. سندس وڏا ڇُرباز يا ڇُر جا ماهر هئا، شمس جعفراڻي به ان پيشي سان لاتعلقي نه ڪئي، پنهنجي زندگيءَ جي مختلف رنگن کي نهايت سادگيءَ سان هن ڪتاب ۾ ڀريو اٿس. اهڙيءَ ريت هر رنگ ۽ رنگ جو ونگ اڀري بيٺا آهن، جتان سندس زندگي ۽ ان دؤر جي حالتن کي نه فقط پسي سگهجي ٿو، بلڪه ڇهي به سگهجي ٿو ۽ محسوس به ڪري سگهجي ٿو.
    مهورت جو اهتمام شمس جعفراڻي صاحب جي هڪ پياري دوست ان شرط تي ڪيو هو ته سندس نالي پڌري ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، جس هجي ان علم ۽ ادب دوست شخص کي جنهن اهڙي شاندار پروگرام جو اهتمام ڪيو. تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي.
    پيڪاڪ پرنٽرز ۽ پبلشرز جي چئيرمين ڊاڪٽر آفتاب ابڙي آيل مهمانن جي آجيان ڪندي، سندن ٿورا مڃيا ۽ پنهنجي اداري پاران شايع ڪرايل اهم ڪتابن ۽ اشاعت جي مختلف مرحلن ۾ شايع ٿيندڙ ڪتابن جو وچور پيش ڪيو.
    ليکڪ ۽ اڀرندڙ اڳواڻ ذوالفقار هاليپوٽي چيو ته هن آتم ڪٿا يا يادگيرين جي اها خوبي آهي ته، ان ۾ مختلف واقعن کي سنن ۽ تاريخن سان پيش ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جي اهم واقعن کي بيان ڪيو ويو آهي، تن تي کوجنا ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته شمس جعفراڻيءَ جن اسلوب ۽ انداز بيان ۾ سادگي ۽ انفراديت آهي.
    نامياري شاعر تاج جويي چيو ته شمس جعفراڻي هڪ غريب جي گهر ۾ جنم ورتو. مان کيس هاڻي به لوئر مڊل ڪلاس جي طبقي ۾ ليکيندس. شمس ۽ منهنجي زندگين ۾ گهڻيون ئي هڪجهڙايون آهن، تنهن ڪري هيءَ آتم ڪٿا مون کي پنهنجي آتم ڪٿا محسوس ٿئي ٿي. شمس بيل گاڏيءَ تي سفر ڪندو هو ۽ مان گڏهه تي چڙهي اسڪول ويندو هئس. هن چيو ته شمس جي زندگيءَ جي جدوجهد ۾ سندس مٽن مائٽن جي دعا کي وڏو دخل حاصل آهي.
    صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ ڏاهي مهتاب اڪبر راشدي خطاب ڪندي چيو ته شمس جعفراڻيءَ جو لکيل ڪتاب نوڪريءَ واري دؤر جي واقعن جو ريڪارڊ آهي، جنهن ۾ شمس جعفراڻي پاڻ ڪٿي به نظر نٿو اچي، هن ۾ رڳو حڪومت موجود آهي، سندس زال، ٻارن ٻچن ۽ ٻين جو ذڪر ڪونهي. هن چيو ته نوڪريءَ ۾ رهندي گهڻيون ڳالهيون ۽ ڪم مزاج ۽ اصولن جي ابتڙ ڪرڻيون پونديون آهن، انهن کي ڪندي يا نه ڪندي ڪهڙي پيڙا مان گذرڻو پوي ٿو، ان جو ذڪر جعفراڻي صاحب نه ڪيو آهي. ڪتاب ۾ منهنجو پيرائتو ذڪر ڪيو اٿس. هن چيو ته مون کي ڪتاب ۾ حيدرآباد شهر جو ذڪر پڙهي سڀ کان وڌيڪ مزو آيو، مان حيدرآباد کي، شهرِ جانان چوندس. مون اتي اکيون کوليون، پنهنجي سانڀر ۾ آيس. زبيده ڪاليج ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي کي صفا وساري نٿي سگهان. هن چيو ته مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته سنڌي ماڻهو اڳتي وڃڻ بدران پوئتي ڇو پيا وڃن. اسان کي ٻئي دشمن جي ضرورت ڪانهي، اسين پنهنجا دشمن پاڻ آهيون. هن چيو ته هاڻي ووٽر لسٽون به سنڌيءَ ۾ شايع نٿيون ٿين. مڪاني ادارن جي تازين چونڊن ۾ ووٽر لسٽون اردوءَ ۾ هيون ۽ سنڌين جا نالا ۽ ذاتيون به صحيح لکيل نه هيون. هن چيو ته اسان کي تاريخ ري وزٽ ڪرڻي پوندي.
    سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي سرواڻ ڊاڪٽر سليمان شيخ چيو ته آتم ڪٿا لکڻ صبر وارو ڪم آهي، جنهن ۾ يادگيرين کي سهيڙڻ جي گهرج پوي ٿي. شمس جعفراڻي جاکوڙ ڪري زندگيءَ کي جوڙيو ۽ سنواريو آهي، جيڪا ڳالهه نوجوانن کي اتساهيندڙ آهي. دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ لاءِ پراڻن نه پر نون نسخن جي ضرورت آهي. بنيادي تعليم جو نظام اڄ جي دؤر جي ٻار کي ميسر ناهي.جيڪو اسان سڀني لاءِ وڏو سوال آهي. اسان سنڌي ٻوليءَ کي زندهه رکڻ چاهيون ٿا، پر ان بابت ذميداري ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون. اسان جو اندر خالي آهي، ان ڪري ڪابه سگهاري جدوجهد نه ڪري سگهيا آهيون. اسان سنڌي ٻوليءَ کي عاق ڪري چڪا آهيون. ويهن سالن کان پوءِ مون کي سنڌي ٻولي ڪٿي نظر نٿي اچي.
    برک افساني نگار ۽ سينيئر صحافي مدد علي سنڌيءَ چيو ته ليکڪ لاءِ پنهنجي ماضيءَ تي لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. شمس جعفراڻي هي ڪتاب لکي سنڌي ادب ۾ وڏو اضافو ڪيو آهي. هن چيو ته ڪتاب پڙهي اندازو ٿيو ته ليکڪ محنت ڪري تاريخي دستاويز جوڙيو آهي. هن جيڪي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو، تنهن کي ڪتاب ۾ آندو اٿس.
    اڳوڻي ڪاموري شفيق پراچا چيو ته شمس جعفراڻي جي عظمت کان ايترو واقف نه هئس، جيترو ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ٿيو آهيان. ڪتاب جو تخيليقي حصو پنهنجي زندگيءَ بابت لکيو اٿس. هن چيو ته سياستدانن جي سيني ۾ دل هوندي آهي پر سياست جو سينو بنا دل جي هوندو آهي. شمس جعفراڻي سياستدانن ۾ رڳو سسئي پليجو جو ذڪر ڪيو آهي. سنڌ ۾ شاهه لطيف ۽ سنڌو درياهه ٻه شيون آهن، جيڪي هميشہ قائم ۽ دائم رهندا. شاهه لطيف تائين پهچڻ لاءِ سرڪار کي ٻيا قدم کڻڻا پوندا. سنڌ جو نوجوان نهايت ذهين، ڀرپور صلاحيت ۽ طاقت جو مالڪ آهي، کين ميرٽ ڏانهن وٺي وڃڻ جي سخت گهرج آهي. سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن وسيلي اسان جي معاشري کي ورهايو ويو آهي. هن چيو ته جي ميرٽ کي نظرانداز ڪيو ويو ته سنڌ جو سماج ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ويندو. ان لاءِ انصاف تي ٻڌل معاشري جي قيام جي سخت گهرج آهي.
    پروفيسر سليم ميمڻ چيو ته ڪتاب ۾ جيڪو ڪجهه بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهڻ کان سواءِ نه فقط ڇهي به سگهجي ٿو بلڪ محسوس به ڪري سگهجي ٿو. هي ڪتاب سنڌ جي سياست، ثقافت جي مڪمل تاريخ آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سياست ۾ اکر ۽ ڀوري، ٻئي سياستدانن جا هوندا آهن، جي غيرسياسي بنيادن تي چونڊون ٿين ته انهن جي آڪهه ۽ عيال اچي، جي سياسي جماعتن جي بنيادن تي چونڊون ٿين ته انهن کي ئي اچڻو آهي. هن چيو ته فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۽ پنجاب هر سال مقابلي جو امتحان وٺن ٿا پر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ورهين کان پوءِ ستل شينهن جيان جاڳي ٿي ۽ مقابلي جي امتحان ۾ بدديانتيءَ جو مقابلو ڪري ٿي، ميرٽ جي لتاڙ ڪئي وڃي ٿي ۽ اتي به سياستدانن جا جاهل ٻار چونڊجي اچن ٿا. هن چيو ته هي ڪتاب هڪ اهڙو دستاويز آهي، جنهن مان محقق ڀرپور لاڀ پرائي سگهندا.
    حميد آخوند چيو ته شمس جعفراڻي جو لکيل ڪتاب ان وقت جي تاريخ آهي، جڏهن سنڌ سان پنهنجن ۽ پراون زيادتيون ڪيون. هن چيو ته ننڍي هوندي کان ٻڌندا پيا اچون ته هي دؤر سنڌ جو خراب ۽ ڪڏهن خراب ترين دؤر آهي، پر جيئن جيئن دؤر گذرن ٿا تيئن سنڌ لاءِ عذاب ۽ پيڙائون وڌنديون ٿيون وڃن. هن چيو ته جڏهن اسين نه هونداسين، پر هي ڪتاب پڙهندڙن کي سنڌ جي ڀوڳنائن جي خبر پوندي. هن چيو ته سنڌ جي حالت ڪڏهن به نه سڌرندي.
    ليکڪ ذوالفقار قادريءَ خطاب ڪندي چيو ته شمس جعفراڻي پنهنجي ڪتاب ۾ اسان جي دؤر جي حالتن جي نهايت اثرائتي انداز ۾ عڪاسي ڪئي آهي، کيس پنهنجي زندگيءَ جي واقعن کي ان ۾ سچائيءَ سان پيش ڪرڻ گهرجي ها، جيئن جوش مليح آبادي يا ٻين شخصيتن پنهنجي زندگيءَ جي اڇن ڪارن پنن کي پڌرو ڪيو آهي. آتم ڪٿا لکڻ ۽ ان سان انصاف ڪرڻ هڪ ڏکيو ۽ دل گردي جو ڪم آهي، مان پاڻ به ان عمل مان گذريو آهيان، تنهن ڪري مون کي احساس آهي ته ليکڪ تي وڏي ذميدار عائد ٿئي ٿي.
    ”ڪتيم سڀ ڄمار“ ڪتاب جي ليکڪ شمس جعفراڻي، چيو ته ڪتاب کي ذاتي زندگي نوڪريءَ واري دؤر ۽ سنڌ ۽ پاڪستان جي سياسي سماجي اپٽار وارن ٽن حصن ۾ ورهايو اٿم. هن چيو ته ڪتاب لکڻ جو ڪارڻ ماضيءَ ۾ ٿيل تجربن کي ماڻهن آڏو آڻڻ آهي. هن چيو ته ڪتاب ۾ ٽنڊوبهاول سانحي جو ذڪر ڪيو اٿم، جنهن جو سنڌي اخبارن ڀانڊو ڦاڙيو ۽ وڏي سطح تي ان سانحي جو نوٽيس ورتو ويو هو. هن چيو ته مير مرتضيٰ ڀٽو سان دوستاڻا لاڳاپا هئا ۽ ان کي مون کان ڪابه شڪايت نه ملي. هو مهذب ۽ شائسته هوندو هو. مير مرتضيٰ ڀٽو کي پنهنجي پسند جا گارڊ به نه بچائي سگهيا. هن چيو ته ڪتاب لکڻ تي توقع کان وڌيڪ ڀيٽا ملي آهي، مون ڪتاب ۾ شادي ۽ ٻارن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي.
    تقريب جي صدارت ڪندي رٽائرڊ جسٽس سيد ديدار حسين شاهه چيو ته ميرٽ ۽ انصاف تي هلڻ گهرجي ته جيئن سنڌ آباد ٿئي. هن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻي طور هئڻ شمس جعفراڻي لاءِ وڏو امتحان هيو، ڇاڪاڻ ته ان وقت سياسي ڇڪتاڻ هئي. هن چيو ته هن آتم ڪهاڻي ڏاڍي ايمانداريءَ سان لکي آهي. ڪتاب ۾ وڻندڙ ڳالهيون به شامل آهن. ڪتاب لکڻ تي کيس واڌايون هجن ڇو ته ڪتاب لکڻ شعور ۽ همت جي ڳالهه آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو