واڪِيو واڪِيو وِکَ، پاٻوهِيو پَيرُ کَڻَي سَي نہ چَڙهندِيُون ڏِکَ، موڙَي پَيرُ مُڙَنِ جَي سُرُ حُسَينِي سَسُئِي واڪِيو = واڪا ڪندي، سَڏَ ڪندي، پڪاريندي وِکَ = قدم پاٻوهيو = مرڪندي، خوشيءَ مان پَيرُ کَڻَي = اڳتي وڌي، هلندي وڃي، پيرن جا نشان جاچي ڏِکَ = مشاهدو، منزل، سرخروئي موڙَي پَيرُ = پير پوئتي ورائي بيت جو پس منظر ~ سسئي هر قدم تي قافلي وارن کي پڪاريندي، مرڪندي ٿي وڃي. ~ جيڪي پير پوئتي ڪري واپس اينديون سي محبوب جو مشاھدو ماڻي نہ سگهنديون آهن. سمجهاڻي سسئي پنهونءَ جي قافلي پويان قدم قدم تي کين سڏيندِي ۽ پڪاريندي ٿي وڃي. هوءَ ڪڏهين بہ بيزار، تنگ يا ڪَڪِ نٿي ٿئي. پر قدم قدم سرهائي ۽ خوشي محسوس ٿي ڪري. سندس منهن ۽ چپن تي مرڪ ڦهليل هجي ٿي. هن پنڌ اُهي ڪڏهن سرخرو نہ ٿينديون ۽ محبوب جو مشاهدو نہ ماڻينديون، جيڪي پويان پير واپس موٽي اينديون. ڀٽائي اسان کي درس ٿو تہ محبوب ۽ منزلن جي تلاش ڪندي اڌ پنڌ ۾ ٿڪجي واپس ورڻ وارا ڪڏهن ڪاميابيون، محبوب ۽ منزلون ماڻي نہ سگهندا آهن. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____