مارِيو جَي مَعذُورِ، ته هَيڪارِي هَوَرُ لَهَي ساڄَنَ ! اَهُجَي سُورِ، ڪَينَ جِيان ٿِي ڪَيچِيا سُرُ حُسَينِي سَسُئِي مَعذُورِ = هيڻي، ڪمزور، نٻل هَيڪارِي = ويتر، پاڻ وڌيڪ، مورڳوئي هَوَرُ = اُڊڪو، ڳڻتي، فڪر، پريشاني، چنتا ساڄَنَ = سڄڻ، جانب، پرين، محبوب سُورِ = درد، پيڙا، اذيت ڪَيچِيا = ڪيچ وارا، پنهون ۽ سندس ڀائر بيت جو پس منظر ~ جي هن هيڻيءَ کي ماري وڃو ها، تہ ويتر ڳڻتين کان آجي هجان ها. ~ او ڪيچان آيل محبوب ! اوهان جا درد جيئڻ ئي نٿا ڏين. سمجهاڻي ڪڏهن ڪڏهن ايئين ٿيندو آهي تہ ماڻهون پنهنجو پاڻ مان اچي ڦاسندو آهي. زندگيءَ مان خوشيون، لطف ۽ مزو ختم ٿي ويندو آهي. زندگي زهر لڳندي آهي. ڇو ۽ ڪنهن لاءِ جيئڻ گهرجي؟ اهي سوال ڪاريهر جيان ڪَرُ کڻي ڏنگيندا آهن. جيڪڏهن اهي اذيتون ۽ پيڙائون سر ساھ جي مالڪ محبوب طرفان ملنديون آهن تہ زندگي ويتر عذاب بڻجي پوندي آهي. پنهونءَ کان پوءِ سسئي ڏاڍي اداس، غمگين ۽ غمن ۾ گهيريل آهي. تڏهن ئي تہ هوءَ پنهون کي ميارون ۽ ڏوراپا ڏيندي چئي ٿي : او منهنجا ڪيچان آيل محبوب ! هينئن ڇني ڌار ڪرڻ کان اڳ جيڪڏهن ماري ڇڏين ها تہ هنن رولاڪن ۽ عذابن کان جان آجي ٿي پئي ها. او محبوب ! تنهنجي وڇوڙي ۽ جدائيءَ ۾ تہ نہ جي سگهان ٿي ۽ نہ وري موت ٿو ماري. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____
شاھ سائين ماروي لاءِ جيڪا بيتن جي تخليق ڪئي آھي، ان ۾ سائين ماروي جي احساسن جذبن ۽ دل جي حال کان ڪيئن واقف ٿيا........... ؟ ھڪ عاشق ۽ محبوب ئي ھڪ ٻئي کي سمجھي ٿا سگھن ۽ ھڪ ٻئي جو حال دل ڄاڻين ٿا.