ا جَي ڏُونگَرَ ! مُون ۾ ڏکَ، سَي پَڌَرِ پُونِ مَ پِرِيَ رِي وِهَڻُ مُون وِھُ ٿِئو، ڪَيرَ سانڍِيندِي سُکَ هُيَمِ هوتَن سِين چُکَ، سَڄو سَڱُ نَه سارِيان سُرُ حُسَينِي سَسُئِي ڏُونگَرَ = جبل، پهاڙ پَڌرِ پُونِ = ظاهر ٿي پون مَ = نہ پِرِيَ رِي = محبوب کان سواءَ وِھُ = زهر ڪَيرَ = ڪهڙي سانڍَيندِي = لڪائيندي هوتَنِ = محبوبن، پرين چُکَ = عشق جي لغار، لِڇَ، محبت سَڱُ = ناتو رشتو، مٽي مائٽي نہ ساريان = برابري نٿي ڪريان بيت جو پس منظر ~ جيڪي منهنجي اندر ۾ محبوب جي ڏکن جا پهاڙ لڪل آهن, سي جيڪر ظاهر نہ ٿين. ~ سُک ڪا لڪائي رکي نہ سگهندي، پر منهنجي زندگي زهر ٿي وئي آهي. ~ منهنجي محبوبن سان ڪا ويجهي مائٽي ڪونہ هئي، رڳو عشق جي لڇ ڳنڍيل هئي. سمجهاڻي سسئي پنهونءَ سان عشق، پيار، پريت ۽ محبتن جون ساروڻيون ساريندي چئي ٿي: منهنجي دل ۾ پنهونءَ جي وڇوڙي کان پوءِ عذابن، اّذيتن ۽ پيڙائن جا پهاڙ سمايل آهن، سي شال ڪڏهن ظاهر نہ ٿين. سک لڪائي رکڻ ڪنهن جي وس جي ڳالھ ناهي هوندي، سک ۽ آرام واري زندگي سڀني اڳيان ظاهر هوندي آهي. پر منهنجي زندگيءَ مان سک موڪلائي ويا آهن، منهنجي زندگي زهر بڻجي وئي آهي، عذاب بڻجي وئي آهي. منهنجي پنهونءَ سان ڪا ويجهي مٽي مائٽي تہ ڪونہ هئي. باقي هن سان عشق، پيار جو پيچ اٽڪيل هو. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____