سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (108) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”عڪرا مان مليل مسودو“ نامياري ناول نگار پائلوڪوئلهو جي انگريزي ناول Manuscript found in Accra جو سنڌي ترجمو آهي. هن ڪتاب جو سنڌيڪار محترم فهيم اختر ميمڻ آهي، جنهن جو هن کان اڳ به ساڳئي ئي ليکڪ جي ناول الڪيمسٽ جو سنڌي ترجمو، ڪيمياگر جي نالي سان سنڌ سلامت تي موجود آهي.
هي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچي پاران ڇپايو ويو آهي. لک ٿورا محترم فهيم اختر ميمڻ صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي ڊجيٽل ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.