اَڳَي اِينءَ هُياسِ، جِنءَ پُنهونءَ ڌوتَمِ ڪَپِڙا هاڻَي اِينءَ ٿِياسِ، جِنءَ جَتَ نَہ نِيَنِمِ پاڻَ سِين سُرُ حُسَينِي سَسُئِي اِينءَ = ايئين هُياسِ = هيس، مان هيسَ جِنءَ = جيئن ڌوتَمِ = منهنجا ڌوتائين ٿِياسِ = ٿي آهيان نِيَنِمِ = وٺي وڃن، گڏ وٺي وڃن بيت جو پس منظر ~ اڳي ايئين هوندي هيس جو، آري ڄام جو پٽ پنهون منهنجا ڪپڙا ڌوئندو هيو. ~ هاڻي ايئين ٿي وئي آهيان جو، جت پاڻ سان گڏ نٿا وٺي وڃن. سمجهاڻي سسئي پنهونءَ سان پيار جي شاديءَ کان پوءِ واري خوشحال وقت جون ساروڻيون ساريندَي چئي ٿي: ڪو وقت هيو جڏهن پنهونءَ سان لانئون لڌيون هيم تہ ڪيچ مڪران جي سردار آري ڄام جي پٽ پنهونءَ جَي دل مٿان حڪومت ڪندي هيس. پنهون پنهنجي هٿن سان منهنجا ڪپڙا ڌوئندو هيو . وقت بدليو آهي تہ هاڻي ايتري حيثيت بہ ناهي رهي جو، پنهونءَ جو پيار تہ پري جِي ڳالھ آهي . پر جَت جڏهن پنهون ساڻ ڪري ڪيچ روانا ٿيا تہ مون کي پاڻ سان گڏ ڪونہ وٺي ويا . ڀٽائي اسان کي درس ٿو ڏئي تہ وقت بادشاھ آهي، سدائين هڪجهڙو نٿو رهي. تنهنڪري هر مشڪل وقت ۽ حالتن لاءِ اڳواٽ تياري ۽ رٿابندي ڪرڻ گهرجي. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____