سياست  تعليم

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ سراج بودلو طرفان آندل موضوعَ ‏6 نومبر 2015۔

  1. سراج بودلو

    سراج بودلو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    70
    ورتل پسنديدگيون:
    101
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ليڪچرر ( سنڌ اقراڪاليج بدين)
    ماڳ:
    ڪراچي
    اسان سنڌين جي وس ۾ پڄي ت تعليمي ميدان ۾ پاڻ کي مڃانيو، پر افسوس جو اڄ جي ڪامريڊي سينا تاڻيو گهنڊا گردي ڪرڻ، پاڻ ۾ وڻهڻ آهي،! شل نڪو پڙهڻ واروٻار سامهون پوي بس پو ت سائين، رگو وارو وارو جهل پنهنجي ڀا کي! تان خبر پئي همراه چٽ، مائيٽن کي ڊگري بدران لاش تحفو! ڀلا ،اها ب ڪا سياست چئبي، سائين ، ڇوڪرا جيڪڏهن توهان ليڊرن جي ٻڌن ٿا ت پو ڪتاب ڏيون، باقي پسٽل وري ڇو؟ رزاق بروهي منهنجي 2008 واري بيج کان اگ جو شاگرد آهي 2008 کان 2012 تائين ان ئي وقت ۾ قربان مهر ب هو، جيڪي مون وقت گزاريو ولا تمام کراب رگو ناري بازي،جيهڙا ته آئي ڏينهن ٿيندا هئا، هڪ ڏينهن ته اسان جي ڊپارمنٽ جي ڀنڄ ڊاه به ٿي هئي بس مڊ ٽرم جا پيپر به ڪينسل ٿي ويا هئا، ادا سياست تعليمي ادارن ۾ جيڪڏهن هن انداز ۾ ٿي ته پو اسان جو ايندڙ نسل لا ڪجه ب ن بچندو جيڪڏهن مان غلط آهيان ت پو
    [​IMG]
    معاف ڪجو، سائين سياست ۾ ڪتابي ويڙه ڪيو امتحانن ۾ پهرين پوزيشن کڻن وارو ئي "سماج سدارڪ" ليڊر سڏبو پو ڀلي ڪهڻي ب پارٽي سان وابسطا هجي، باڪي پنجاه ڇوڪرن کي گڏي ڪري نارا هڻڻ  سڄي يونورسٽي ۾ زليل  کوار ڪرڻ واري کي ڪامريڊ چوڻ، لفظ "ڪامريڊ"کي تضليل ڪرڻ آهي،ڪامريڊ لفظ جي معنه "،مدد گار" آهي پر يونورسٽين ۾ ت "ويڙاهڪي" مڙس کي ڪامريڊ چوندا آهن  هقيقت ۾ ائين ن آهي ادا منهنجا پيارا دوستو قوم جو سوچو،غريب شاگردن جي مدد ڪيو،انهن کي يونورسٽي جي گندي سياست کان بچايو تعليم پرائڻ جو سوچ ڏيو، مان ڪنهن هڪ ڪامريڊ جي گاله نٿو ڪيان پر اهي سڀ اچن ٿا جنهن جا هي حال آهن .مان جڏهن ٿرڊئير ۾ پڙهندو هئس ت رهائيش ب هاسٽل تي هئي (لال شهباز روم نمبر 28 ) اتي سنڌه جون لگ ڀگ سڀ پارٽين جو هشر ب ساگيو هو، هنئير ڪجه سياسي ماحول گهٽ آهي پر وري ب ڪجه رهم ڪيو!جڏهن جوليسيزر مسر وارس ٿيو هو ت اتان جا قتب کانا ساَڙائين ڇڏيا هئا،ادا هلاڪو کان ن ٿيو،ڪامريڊ ٿيو، مدد گار ٿيو، درس گاه  لائيبريريون ڇا محترم بينظير ڀهٽو جي شهادت واري ڏينهن ڪامريڊن هلاڪو واري ڪار ڪئي هئي جنهن پنهنجو لائيبريريون ساڙائي ڇڏيون هيون ، ائين اسان وٽ دوستن سينٽرل لائيبريري کي باه ڏني هئي..بس سائين ڇا ڪجي ،پر ڪڏهن ڪڏهن ڪڏهن اسان پنهجي پيرن تي پاڻ ٿا ڪهاڻو هڻون  پنهجي سچ چوڻ وارن کي دمشن واري نظر ڏسندا آهن .........رزاق ڀا کي مبارکون يقينن اگتي هلي سچا ڪارڪن صابت ٿيندا
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu


    [​IMG]


    ادا سراج بودلو صاحب السلام عليڪم.توهان جو ليک هڪ تلخ حقيقت جي طرف نشاندهي ڪري رهيو آهي.اسان جي درس گاهن ۾ تعليمي چٽابيٽي جي بدارن نفرت وارين سياستن کي ڪڏهن قوميت جي نالي ته ڪڏهن پارٽين جي نالي تي فروغ ٿو ڏنو وڃي.اهو شاگرد جنهن کي مائٽن پنهنجي حلال ڪمائي مان پيٽ ڪٽي تعليم حاصل ڪرڻ لاء پيسئا ڏئي درسگاهن ڏي موڪلين ٿا،تعليم حاصل ڪرڻ واري مقصد کي پوئتي رکي ٻين غير نصابي حرڪت ۾ لڳي وڃي ٿو.هو اهو نه ٿو سوچي ته ايئن ڪرڻ سان نه رڳو هن جو مستقبل تباه ٿو ٿئي پرمعاشري ۽ پنهنجي والدين کي به تمام گهڻو نقصان پهچائي ٿو.هڪ لمحي لاء اهو شاگرد پنهنجي والدين جي ان ڪفيت جو اندازو لڳائي ته جن ان کي پڙهڻ لاء قرض کڻي يا پنهنجي ضرورتن کي نظر انداز ڪري هن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاء موڪيلو پر هي ان جي ابتڙ سياست ۽ ٻين غير نصابي عملن جي ڪري يا ته جيل ويو يا تعليم صحيحي حاصل نه ڪري سگهيو.ته يقين ڪيو هن شاگرد کي پنهنجي پاڻ سان نفرت ٿئي ويندي.شاگرد درسگاهون جو رخ ڪندو آهي پنهنجو مستقبل سڌارڻ لاء ۽ نه وري مستقبل تباه ڪرڻ لاء ...معذرت سان هت اسان جو شاگرد پوين مقصد لاء درسگاه جو رخ ڪري ٿو .هاڻي توهان پاڻ ٻڌايو ته هو ان سوچ سان ڪيئن معاشري جو تعليم يافته سٺو شهري ٿئي سگهي ٿو.تمام گهڻي معذرت سان هي جيڪي اڄڪله اسان جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽن ۾ پنهنجي پاڻ کي ڪامريڍ ڪوٺائين ٿا،حقيقت ۾ هو اصلي ڪامريڍ جي ”ڪ “ کان به واقف نه آهن.اهئي ناڪام ترين شاگرد آهن جيڪي پنهنجي ناڪامين جو معاشري کان انتقام وٺڻ لاء ساده ۽ معصوم نئون شاگردن کي پنهنجي گفتگو جي ڪوڙ ڄار ۾ ڦاسي انهن جو تعليمي ڪيرئير کي تباه ٿا ڪن. اسان جو شاگرد به ايڏو اٻوجه آهي جو انهن جي چالاڪين کي حقيقت سمجهي انهن کي پنهنجو آئيڊيل يا رول ماڊل ٺاهي انهن جي غير اخلاقي ۽ غير نصابي حرڪتن ۾ شامل ٿئي وڃي ٿو.. شل الله پاڪ اسان جي شاگردن کي انهن چلباز نام نهاد ڪامريڊن کان پنهنجي پناه ۾ رکي ۽ هو پنهنجي اصلي مقصد يعني تعليم کي حاصل ڪرڻ ۾ لڳي معاشري ۾ هڪ سٺو مقام حاصل ڪرڻ جي جستجو ۾ لڳي وڃن.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مظفر

    مظفر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2014
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    113
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    بيلفيلڊ ، جرمنی
    ادا هنن ڪامريڊن ڪيترن ئي ماڻهن جي زندگي تباه ڪري ڇڏي. معصوم ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي هيسائڻ ،انهن جي پڙهائي ۾ خلل وجهڻ،ڌڙابندي ڪرائي انهن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ انهن جو مشغلو هوندو آهي پر اڳتي هلي هنن جي پنهنجي زندگي به اڪثر عبرت جو نشان ٿي ويندي آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو