ڪو جو آهِسِ ڪوڏُ، ٻاروچاڻِيءَ ذاتِ سِين جَي هُو چُونِسِ ٻوڏُ، تَه جِيءُ سُڻائَي جَڳَ کَي سُرُ حُسَينِي سَسُئِي آهِسِ = آهيسِ ڪوڏ ُ = شوق، نينهُن ٻاروچاڻِيءَ = ٻروچڪي، بلوچڪي سِين = سان چونِسِ = جي هو چون ٻوڏ ُ = فوٽُ، ويڻ، طعنا، ميهڻا، گلائون - فوٽُ لفظ جِيءُ جو ضد آهي. جِيءُ = سڏَ جو مٺڙي آواز ۾ جواب ڏيڻ سُڻائَي = ٻڌائي جَڳَ کَي = جهان کي، ماڻهن کي بيت جو پس منظر ~ ٻاروچاڻي ذات سان سسئيءَ جو ڪوتہ نينهن لڳل آهي. ~ هو جي فوٽُ ٿا چون تہ هيءَ ماڻهن کي جيءُ ٿي ٻڌائي . سمجهاڻي محبوب سان لَنئُون لڳڻ کان پوءِ ڪيئي گلائون، شڪايتون، طعنا، مهڻا ۽ ٽوڪون عاشق کي سهڻا پوندا آهن. محبوب جي ڪري هي سڀ ڳالهيون اکين تي رکي وري بہ محبوب جي ئي ساراھ ۽ تعريف ڪبي آهي. سسئيءَ کي پنهونءَ جَي ڀائرن ٻانڀڻياڻي سمجهي نظر انداز ڪيو ۽ پنهنجي ٻروچڪي ذات ۽ سردار هجڻ واري حيثيت کي مٿاهون ڀانئيو. سسئيءَ کي سردار آري ڄام جي گهر جي عزت بڻائڻ کان انڪار ڪري، کيس ڪيچ ڏانهن ڪونہ وٺي ويا. ڀنڀور جا ماڻهون ۽ سسئيءَ جون سهيليون جڏهن ان عمل خلاف ڳالهيون ڪيون . سسئي سندن تعريف ۽ ساراھ ڪندي چئي ٿي: شايد مون ۾ ئي ڪي عيب هوندا، نہ تہ پنهون، سندس ڀائر ۽ ٻروچڪي ذات عزت ۽ احترام لائق آهن. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____
سهڻا سائين توهان سان عرض آ ته هيٺين فيس بوڪ تي ليطيف جي ڪلام جو تفسير ڏسو https://www.facebook.com/profile.php?id=100010063576809