ڏُکويِنِ اُهِڃاڻُ، ڪُلَي ڦاٽو ڪَنجُرو وَڃَنِ گُوندَرَ گَڏِيُون، لوڪَ نَہ آڇِنِ پاڻُ سُورَنِ اسان ساڻُ، نَنڍَيئِي نِيهُ ڪِئو سُرُ حُسَينِي سَسُئِي ڏُکويِنِ = ڏکويلن اُهِڃاڻ = نشاني، پار پتا، سڃاڻپ ڪُلَي = ڪلهي ڪَنجُرو = چولو، گج گُندَرَ = غم گَڏِيُون = ورتل، مبتلا لوڪَ = عوام، ماڻهن آڇِنِ پاڻُ = پنهنجو انت نٿيون ڏين، ڳالھ نٿيون ڪڍن، اظهار نٿيون ڪن. نَنڍَيئِي = ننڍي لاڪون، ڄمندي ئي نِيهُ = نينهن، عشق ڪِئو = ڪيو بيت جو پس منظر ~ ڏکويلن جي هي سڃاڻپ آهي تہ سندن چولو ڪلهي کان ڦاٽل آهي. ~ هو توڙي جو غم ۾ ورتل آهن پر، ماڻهن کي انت نٿيون ڏين. ~ ننڍي لاڪون ئي سورن اسان سان عشق ڪيو آهي. سمجاڻي ڀٽائيءَ هن بيت ۾ سنڌ جي غريب ڳوٺاڻي عورت جَي مفلسيءَ کي فوڪس ڪيو آهي. هي نشانيون سنڌ جي انهن مسڪين ماڻهن جون آهن جن جا لٽا ليڙون ۽ بت تي ٿڳڙيون اوڍيل اٿن. سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي عورت کان وڌيڪ شايد ڪو غريب ٿي نٿو سگهي. جنهن کي مٿي ڍڪڻ لاءِ ڪپڙي جو ٽڪر نصيب ناهي ۽ سندس چولو ڪلهي کان ڦاٽل آهي. هي ڏکيا ۽ بکيا ماڻهون سدائين غمن ۾ گهيريل آهن پر تنهن هوندي بہ ايڏا خوددار آهن جو ڪنهن اڳيان هٿ نٿا ٽنگن. پنهنجي مفلسيءَ جو ڪنهن سان اظهار بہ ناهن ڪندا. سندن ڪل ملڪيت ڏک، پيڙائون، ڀوڳنائون، عذاب ۽ اذيتون آهن، ڇو تہ هي ڄمندي ئي سورن سان عشق ڪندا آهن. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____