ڪالَ گَڏِئوسُون ڪاپَڙِي، پَهَرَ سِڄَ کان پوءِ پَسو سُنهَ سامِيءَ جِي، رَتَ وَرِنو روءِ جو مُهِ مومل جَي پوءِ، موٽَڻُ تِهِ مَسَ ٿِيَي سُرُ مُومَلَ راڻَو ڪالَ = ڪالھ گَڏِئوسُون = اسان کي گڏيو، مليو ڪاپَڙِي = جوڳي پَهَرَ سِڄَ کان پوءِ = جڏهن سج پهر کن مٿي چڙهي آيو هو پَسو = ڏسو سُنهَ = سونهن، حسن سامِيءَ جَي = سنياسيءَ جي، جوڳيءَ جي رَتَ وَرِنو = رت گاڏڙ، رت مليل روءِ = روئي پيو، ڳوڙها پئي ڳاڙيائين مُهِ = مُنهَن تي، سامهون آيس تِهِ = تنهن مَسَ ٿِيَي = مشڪل، محال، ڏکيو ٿئي بيت جو پس منظر ~ ڪالھ سج اڀرڻ کان هڪ پهر پوءِ، اسان کي هڪ جوڳي مليو. ~ هل ! جوڳيءَ جي سونهن تہ ڏسو، هو اکين مان رت جا ڳوڙها پيو ڳاڙي. ~ چيائين پئي، جيڪو هڪ ڀيرو مومل سان مليو، ان جو واپس ورڻ مشڪل آهي. سمجهاڻي سن 1400ع ڌاري ٿر ملڪ تي سومرن جي حڪومت هئي ۽ انهيءَ گهراڻي جو پهريون حاڪم همير سومرو هيو. همير سومرو پنهنجي وزيرن ڏؤنر ڀٽِي، سنهڙو ڌماچاڻي ۽ راڻو مينڌرو سان گڏ هرڻ ۽ ڦاڙهن جو شڪار ڪري رهيو تہ اوچتو کين پراسرار جوڳي مليو. هي جوڳي سونهن ۾ سرس هيو، مٿي تي پٽڪو، ڪلهي تي شال ۽ ڳچيءَ ۾ سوني مالها پاتل هئيس۔ ڪاڪ محل جي حسينائن جي حسناڪين جي ڳالھ ڪندي سندس اکين مان رت جا ڳوڙها پئي ڳڙيا. هي سنياسي چئي ٿو: جيڪو ماڻهو هڪ ڀيرو ڪاڪ محل جي مومل جي ريشمي زلفن جو اسير بڻيو. سندس ناسي نيڻن، سونهن، حسن، جمال، ناز انداز ۽ ادائن تي مست ٿيو، انهيءَ جو زنده واپس ورڻ مشڪل آهي. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____