گُجَرِ گاروڙِيُنِ، اَچو اَڏِي اُڀِيَي مَٿا پَيئِي تَنِ، ٻَڌا ٻاڻَ هَڻَنِ جَي سُرُ مُومَلَ راڻو گُجَرِ = مومل - گجر قوم آرين جيان وچ ايشيا مان لڏي ڇهين عيسوي صديءَ جي اوائل ڌاري، اتر هندستان ۾ اچي بيٺڪ ڪئي. ٿوري عرصي 840ع ڌاري وڏي بادشاهت جو پايو وڌو ۽ سارو اتر هندستان گجرن جي حڪومت هيٺ هيو. گاروڙِيُنِ = نانگ مُنڊِيندَڙ جوڳين اَڏِي = سامهون اُڀيَي = بيهي رهي مَٿا = مٿان تَنِ = تن جي، انهن جي ٻَڌا = ٻٽ، ٻہ ٻہ گڏي ٻاڻَ = تير بيت جو پس منظر ~ مومل نانگ مُنڊيندڙ جوڳين جَي سامهون اچي کين مُنڊي ڇڏيندي هئي. ~ جيڪي شڪاري ٻہ ٻہ تير گڏي شڪار ڪندا هئا، تن مٿان ڪڙڪي غالب پئجي ويندي هئي. سمجهاڻي مومل جي حُسن، جمال ۽ ادائن کان بهادر، ڪوپا، راجا توڙي شهزادا ڪير بہ بچي نہ سگهندو هئو. هوءَ جنهن ڏانهن بہ پنهنجيون خماريل، الماسي اکيون کڻندي هئي سي گهوٽ گهائجي پوندا هئا. مومل سينو ساھي جڏهن نانگ مُنڊيندڙ جوڳين جَي سامهون اچي بيهندي هئي، تہ سندس سونهن ۽ سندرتا کين مُنڊي ڇڏيندي هئي. ڪيترائي پهلوان، بهادر، راجا، شهزادا ۽ ماهر تير انداز، جيڪي هڪ ئي وقت ٻہ ٻہ تير هلائي شڪار ڪندا هئا سي پاڻ مومل جي ادائن جو شڪار ٿي ويندا هئا. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____ لفظ گُجر بابت وڌيڪ معنائون سائين ثناءُ الله مهر ڏنيون آهن: ان ۾ شڪ ڪونھي تہ گجر ھڪَ ذات جو نالو پڻ آھي جيئن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جامع سنڌي لغات م ڄاڻايو آھي تہ: گُجَر = (اسم خاص) بلوچن ، چھواڻن ، راجپوتن ۽ سوڍن جي ھڪَ قوم جو نالو . پر جيئن تہ ھن بيت م مومل جي سونھن ۽ سندس قاتل اکين جو ذڪر آھي سو ان جي معنى ۾ بلوچ صاحب وڌيڪَ لکيو آھي تہ : گُجَرِ = (جمع) گجريون (صفت) - سھڻي زال - حسين عورت - پري - اپسراء - حسين - ماھرو - خوبصورت زائفان - عورت. آءُ لانگوٽيا لال، ڪنھن پر ڏٺي گجريون .(شاھ صاحب سر مومل راڻو) حسين ڪنيا ، ( ڇوڪرين کي لاڏ مان سڏ ڪرڻ جو لفظ) مٺڙي، پياري، لاڏلي ، البيلي،