سڻڀن وارن کي خوبصورتي

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏12 نومبر 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد

    [​IMG]
    سڻڀن وارن کي خوبصورتي لاءِ وڌيڪ سٺو ناهي سمجهيو ويندو. اهڙن وارن کي جيڪڏهن شيمپو به ڪيو وڃي تڏهن به سڻڀا ئي نظر ايندا آهن. اهڙن وارن کي ڏسڻ تي ائين لڳندو آهي ڄڻ انهن يت جيل يا تيل لڳايو ويو هجي. سڻڀن وارن سان هميشه اهو تاثر ملندو آهي ڄڻ اهي ميرا يا خراب هجن. جڏهن ته حقيقت ۾ ائين ناهي هوندو بهرحال جن عورتن جا وار سڻڀا هجن انهن کي گهرجي ته هيٺ ڏنل هدايتن تي عمل ڪن.

    سڻڀن وارن جي حفاظت:

    1) سڻڀن وارن لاءِ اهڙو شيمپو استعمال ڪرڻ گهرجي جيڪو وارن جو سڻڀ ختم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو هجي. ان طرح سان وارن جو سڻڀ ختم ٿي ويندو. شيمپو بعد ڪنڊشنر استعمال ڪرڻ گهرجي يا اهڙو شيمپو ورتو وڃي جنهن ۾ ڪنڊشنر شامل نه هئڻ گهرجي.

    2) سڻڀن وارن تي شيمپو لڳائڻ بعد ڪنڊشنر لڳائڻ گهرجي ۽ وارن کي ٽوال سان خشڪ نه ڪرڻ گهرجي، پر تازي هوا ۾ خشڪ ڪرڻ گهرجي.

    3) سڻڀن وارن وارين عورتن کي اهڙيون شيون کائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي جن ۾ تمام گهڻو سڻڀ شامل آهي. مثال، گيهه، چرٻي واريون شيون ۽ اهڙيون شيون جن تيل وغيره ۾ تريل هجن. ڇو ته سڻڀ رت ۾ شامل ٿي سڌو سنئون وارن کي به متاثر ڪندو آهي. ۽ ان ريت وار خراب نظر اچڻ لڳندا آهن. ان کان علاوه وارن ۾ ڪا اهڙي شي به نه لڳائڻ گهرجي، جنهن ۾ سڻڀ شامل هجي. ڪجهه عورتون ڏهي وغيره سان وار ڌوئڻ پسند ڪنديون آهن، اها ڳالهه بلڪل غلط آهي. ان لاءِ سڻڀن وارن وارين عورتن کي ائين نه ڪرڻ گهرجي.

    4) اهڙو شيمپو به سڻڀن وارن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو آهي جنهن ۾ ليمون مليل هجي، اهو سڻڀ ختم ڪرڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندو آهي.

    5) ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته وار وڌيڪ هجڻ سان مٿي جي رت جو وهڪرو تيز ٿيندو آهي، جنهن سبب وڌيڪ سڻڀ پيدا ٿيندو آهي. ان لاءِ وار وڌيڪ نه هجن.

    6) ٻه ڀيرا شيمپو ڪرڻ دوران وقفو هوندو آهي، ان وقت دوران ڪپهه جي مدد سان ڪارن لڳايو.

    7) مٿي جي چمڙي تي برش نه ڪريو، پر وارن کي برش ڪريو. پهرين برش مٿان هڪ پٽي ويڙهيو، جنهن سان برش ڪرڻ سان سڄو سڻڀ ختم ٿي ويندو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو