ڪَرَهو ڪَمِيڻِيءَ تَي، سوڍا ! وارِ، سُڄاڻَ ڪُهُ ڪَرِيان ڪاڪِ کَي؟ تَنَ توهِين ڏَي تاڻَ لاهَي غَيرَ گُماڻَ، اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڍِيَين سُرُ مُومَلَ راڻَو ڪَرَهو = اٺ - جنهن تي چڙهي ڍٽ کان ڪاڪ محل ڏانهن راڻو مومل سان ملڻ ايندو هيو. ڪَمِيڻِيءَ = ڪمتر، عيبن، خطائن، اوڻاين واري سوڍا = او راڻا وارِ = ڦيراءِ، موٽاءِ، ورائي اچ سُڄاڻَ = سياڻا، سلجهيل، ڏاها، عقل وارا ڪُهُ ڪَرِيان = ڇا ڪيان ڪاڪِ = ڪاڪ محل - لڊاڻي ۾ ڪاڪ نديءَ جي ڪپ تي جوڙايل مومل جو محلات تَنَ = جسم کي، بدن کي، دل کي توهِين = توڏانهن تاڻَ = تانگھ، سڪ، ڇڪ، ڪشش لاهَي = دور ڪري، ختم ڪري غَيرَ گُماڻَ = شڪ شبها، مونجهارا، وهم وسوسا اُڪَنڍِيَين = سڪ جي سڪايلين ڏانهن، انتظار ڪندڙ، عاشقياڻين، واجهائيندڙن ڏانهن بيت جو پس منظر ~ او سياڻا راڻا ! پنهنجي اٺ کي عيبن واريءَ ڏانهن ورائي موٽي اچ. ~ منهنجو مَنُ توڏانهن پيو تڪي، هن ڪاڪ کي آئون ڇا ڪنديس؟ ~ شڪ شبها ختم ڪري، انهن ڏانهن موٽي اچ جيڪي تنهنجي انتظار ۾ آهن. سمجهاڻي ڪنهن شڪ جي بنياد تي جڏهن راڻو رُسِي، ڪاڪ کي الوداع ڪري پنهنجي شهر ڍٽ هليو آيو تہ وري ڪڏهن ورڻ جِي نہ ڪيائين. مومل هڙئي هيلا هلايا، ايلاز، منٿون، ٻانهون ۽ نياپا سنيها ڪيائين پر راڻو رٺل ئي رهيو. تڏهن مومل کيس نياپو ڪندي چئي ٿي: او منهنجا سلجهليل، سياڻا، محبوب مڙس ! هن عيبن واريءَ جي خطائن ڏي نہ ڏس، پنهنجي ڪاوڙ ڪافور ڪري، اٺ تي لانگ ورائي جلد اچي ڪاڪ ۾ مون سان مل. تو سواءِ هي عيش عشرتون، خوشيون، شادمانا، باغ باغيچا، وڻ، گل ٻوٽا، پينگهون، محل ۽ محلاتون منهنجي ڪهڙي ڪم جون؟ منهنجو روح ۽ ساھ تہ تو ۾ اٽڪيل آهي. او راڻا ! هي جيڪي وهم وسوسا، شڪ شبها ۽ گمان ڪيا اٿئي سي سڀ اجايا آهن. آئون غير جي نہ صرف تنهنجي ئي آهيان. جيڪي رات توڙي ڏينهن، هر گهڙي ۽ هر پل تنهنجي اچڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن، تن سڪايلين جي اڱڻ تي جلد موٽي اچ. محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ______