سوڍَي مُنهِنجَي ساهَه سِين، جَيڏِيُون جِيئن ڪَيو ڪَڙِي مُون ڪاڪِ ٿِيِي، آتَڻُ وِسريِو پَسان ڪِينَ ٻِئو، تورِيءَ اَکَڙِيُنِ سِين سُرُ مُومَلَ راڻو سوڍَي = راڻَي، مينڌري ساھَ سِين = روح سان، دل سان، مَنَ سان جَيڏِيُون = سرتيون، سهيليون، سنگتياڻيون ڪَڙِي = زهر آتَڻُ = سٽ ڪتڻ جي جاءِ پَسان = ڏسان، نهاريان تورِيءَ = تو سوا، توکان سوءِ سِين = سان بيت جو پس منظر ~ او سرتيون ! منهنجي روح سان، دل سان راڻَي هي ڪهڙو قهر ڪيو آهي. ~ سٽ ڪتڻ تہ ٺهيو، ڪاڪ بہ زهر ٿي لڳي ~ او راڻا ! تو سوا هنن اکڙين سان ڪنهن ٻئي ڏانهن نهاري نٿي سگهان. سمجهاڻي راڻَي جي رُسِي وڃڻ کان پوءِ مومل هر پل هنجون هاريندي، سوڍي کي ساريندي ٿي رهي. سرتيون کيس آٿت ۽ دلجاءِ ڏيڻ آيون اٿس، تڏهن مومل نيڻين نير وهائيندي چئي ٿي: او سرتيون ! هي راڻَي منهنجي روح سان، مَنَ سان ۽ دل سان ڪهڙو ويلُ وهايو آهي، ويڌن ڪئي آهي، ڪِيسُ ۽ قهر ڪيو آهي. هن ڪاڪ جا هي حسين محل، محلاتون، چرخو، باغ باغيچا، وڻ، گل ٻوٽا ۽ سڀ دلڪشيون ۽ حسناڪيون سوڍي سوا زهر ٿيون لڳن. مان اڳ بہ سوڍي جي هيس، هاڻي بہ سندس آهيان ۽ آخري دم تائين سوڍي جي ئي رهنديس. هي نيڻ جن ۾ راڻَي جي رهاڻين جا عڪس اڃان موجود آهن، سي ڪنهن ٻئي ڏانهن کڻي نهارڻ پاپ، حرام ۽ گناهه ٿي سمجهان . محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ______