راڻو ڪا راتِ وِئو، ڳُجِهي ڳالِ ڪَرَي سوڍَي رِيَ سَرَتِيُون، هَڏِ نَه ساهُه سَرَي وَڃِي، مانَ وَرَي، آسائِتِي آهِيان سُرُ مُومَلَ راڻو ڳُجِهي = لڪل، مخفي، اشارو ڳالِ = ڳالھ سوڍَي رِيَ = راڻَي کانسواءِ سَرَتِيُون = سهيليون، سنگتياڻيون، هڪجيڏيون هَڏِ = هرگز ساھُ سَرَي = دم گذري، ساھ کي مونجهارو ٿئي، ساھ ساھ ۾ نٿو ماپي مانَ وَرَي = من وري، شال موٽي اچي آسائِتِي = آسروندي، آسري واري، اميد واري بيت جو پس منظر ~ راڻو رات مونکي ڳجهو اشارو ڏيئي ويو آهي. ~ اي جيڏيون ! راڻَي کان سواءِ منهنجو روح رهي نٿو سگهي. ~ مونکي اميد آهي تہ راڻو وري ڪاڪ تي موٽي ايندو. سمجهاڻي راڻَي جَي رُسِي وڃڻ کان پوءِ مومل اٻاڻڪي ۽ اڪيلي ٿي پيئي تہ هن پنهنجي وڏي ڀيڻ سومل کي قميص، سلوار ۽ پٽڪو پارائي، رات جو پاڻ سان گڏ سمهاريندي هئي. هڪ رات اوچتو جيئن ئي راڻو مومل جَي ڪمري ۾ داخل ٿيو تہ مومل سان هڪ غير مرد کي ڀاڪر پائي ستل ڏٺائين. سندس مردانگي غيرت جاڳي تہ ٻنهي کي ماري ڇڏيان پر بي انتها پيار هجڻ ڪري مومل جَي ڀر ۾ پنهنجو لڪڻ رکي هليو ويو. اَسُر ويل يا صبح ٿيڻ تي مومل لڪڻ ڏسي سمجهي وئي تہ رات راڻو آيو هئو ۽ لڪڻ رکي پيغام ڏئي ويو آهي تہ تون سچي ناهين رهي. تڏهن مومل لڙڪ لاڙيندي چئي ٿي: او سرتيون ! رات راڻو هي ڳجهو پيغام ڏيئي ويو آهي، کيس شڪ پئجي ويو آهي. پر راڻَي سواءِ آئون ڪيئن جي سگهنديس. سوڍي سواءِ مان اڪيلي، اڻپوري ۽ نامڪمل آهيان. او جيڏيون ! اميد اٿم تہ راڻو منهنجي ڪيل خطا معاف ڪري، ڪاوڙ ڇڏي وري ڪاڪ تي موٽي ايندو. محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ______