سَهَسِين سَيبا ڪَنجُرَي، لوئِي لِيڙَ ٿِئامِ اَباڻَنِ جَي آسِرَي، ڪَتِي ڪِينَ ڪِئامِ جا ڍَٽِ ڍَڪِيامِ، تَهِجِي، پَرِوَرَ ! پَنُ رَهائِيَين سُرُ مارُئِي سَهَسِين = سوين سَيبا = ٽوپا، ٽاڪا ڪَنجُرَي = چولي، گج لوئِي = کٿي - مارو ماڻهن جو ڍڪڻ وارو ڪپڙو ڪَتِي = اُنَ جِي ڪتيل لوئي لِيڙَ = ليڙون ليڙون، ڇيهون ڇيهون، ٿڳڙيون ٿڳڙيون ڍَٽِ = ٿر جو وچ وارو حصو پَرِوَرَ = اي مولا پاڪ پَنُ = پردو، عزت، پَتِ، لڄ رَهائِيَين = رکين بيت جو پس منظر ~ منهنجي چولي کي سوين ٽوپا ڏنل آهن ۽ لوئي بہ ڦاٽل آهي. ~ مارن جي آسري تي مون, اُنِ جِي ڪتيل لوئي نہ پهري آهي. ~ او مولا پاڪ ! جيڪا لوئي ٿر کان اوڍيل آهي, ان جي عزت رکجان. سمجهاڻي مارئي عمر بادشاھ جا ڏنل ويس وڳا، گج، چولا ۽ اونيون لويون واپس ڪري ڇڏيون. کيس عمر جي قيد ۾ گهاريندي ڪيترا ڏينهن لنگهي ويا آهن. سندس بدن تي اوڍيل ڪپڙا نہ رڳو ميرا ٿي ويا آهن پر ڦاٽي بہ پيا آهن. مارئي چئي ٿي: منهنجي بت تي چتيون لڳل چولي کي سوين ٽوپا ڏنل آهن ۽ لوئي بہ ليڙون ليڙون ٿي وئي آهي. عمر جا موڪليل ويس وڳا ۽ اونيون لويون واپس ڪيم تہ مارو ٿر مان موڪليندا پر هنن ڪا سار ئي نہ لڌي. او مولا پاڪ ! منهنجي عزت، عصمت ۽ ٿر مان اوڍيل لوئيءَ جي لڄ رکجان. محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ______