جُه سَي لوڙائُو ٿِئا، جَنِين ڀَرِ رَهَنِ مارُو مَنجِهه ٿَرَنِ، رَهِي رَهَندا ڪَيتَرو؟ سُرُ مارُئِي جُه = جَي، جڏهن لوڙائُو = ڦورو، لٽيرا، چور، ڌاڙيل ڀَرِ = ڀر ۾، پاسي ۾، آڌار، آسري مَنجِھ = ۾ ، اندر بيت جو پس منظر ~ جن جي آڌار تي مارو رهن ٿا، سي ئي جي ايذائيندا. ~ تہ پوءِ مارو ٿر ۾ ڪيئن رهي سگهندا؟ سمجهاڻي ماڻهن جَي مال، جان، ننگن ۽ دنگن جي سنڀال ۽ حفاظت وقت جَي حڪمرانن جو فرض بڻجي ٿو. جيڪڏهن اُهي حاڪم ئي ماڻهن جي مال، جان، ننگن ۽ دنگن جا دشمن ٿي بيهن تہ پوءِ باقي اتي رهڻ جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو. مارئي عمر بادشاھ سان مخاطب ٿيندي چئي ٿي: جن جَي ڏڍ ۽ آسري تي مارو ٿر ۾ رهن ٿا. اُهي ئي حاڪم جيڪڏهن ظالم ٿي عوام جَي ننگن ۾ هٿ وجهندا تہ پوءِ مارو ماڻهون آخر ڪيئن، ڪيترو وقت، باقي ڪنهنجي آسري ٿر ۾ رهندا؟ ڀٽائي ماضي، حال ۽ مستقبل جو شاعر آهي. ٽي سؤ سال اڳ لکيل ڀٽائيءَ جو هي بيت سنڌ جَي هاڻوڪين حالتن جي بہ عڪاسي ڪري ٿو. اڄوڪي سنڌ جا ڪرپٽ ۽ غدار حڪمران سنڌ جَي ننگن ۽ دنگن جِي حفاظت ڪرڻ بجاءِ سنڌ جي تيل، گيس ۽ سڀني وسيلن تي ڌارين سان گڏ ڦرلٽ ۾ شامل آهن. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____