اَڄُ اَڍَنگا وَيڻَ، مُکَي مُڪا جَيڏِيَين هارِي ! هَمِيرَنِ جا، جِڪُسِ کاڌءِ کَيڻَ سانبِيئڙا ۽ سَيڻَ، ڪِ تو وِئا وِسِرِي سُرُ مارِئِي اَڍَنگا = بي ڍنگا، بي سرا، اڻ سهائيندڙ وَيڻَ = مهڻا، طعنا، ٽوڪون مُکَي = مونکي مُڪا = موڪليا جَيڏِيَين = هڪجيڏين، سرتين، سهيلين، سنگتياڻين هارِي = هارايل، نادان هَميِرَنِ = بادشاهن، اميرن جِڪُسِ = شايد، گهڻو ڪري، يا تہ کَيڻَ = کاڌا، کاڄ، طعام سانبِيئڙا = ماروئڙا، جن جي سار هجي سَيڻَ = محبوب، دوست، سهيليون، سرتيون ڪِ = جيئن، يا بيت جو پس منظر ~ اڄ سرتين مون ڏانهن نہ سهڻ جهڙا طعنا ڏياري موڪليا آهن. ~ اي نادان ! شايد توکي اميراڻا ٻوڙ پلاءَ وڻي ويا آهن. ~ توکان پنهنجو ملڪ ٿر، محبوب ۽ سهيليون بہ وسري ويون آهن. سمجهاڻي سرتين پاران موڪليل مهڻا ٻڌي مارئي چئي ٿي: سهيلين مون ڏانهن اهڙا طعنا ڏياري موڪليا آهن، جيڪي سهڻ جهڙا ئي ناهن. سهيليون چون ٿيون: توکي عمر جا بخملي ويس وڳا، محل ماڙيون، ملڪيتون، زيور ۽ شاهاڻا طعام شايد وڻي ويا آهن. تون پنهنجي اباڻي ملڪ ٿر کي، ماروئڙن، محبوب ۽ پيارين سهيلين کي بہ وساري ڇڏيو آهي. ڀٽائي هن علامتي بيت ذريعي انهن بي ضمير ماڻهن کي وائکو ڪيو آهي. جيڪي اقتدار ۽ ڪرسيءَ جي لالچ ۾ قوم، ڌرتي ۽ ماڻهن سان ويساهه گهاتي ڪري غدار بڻجي ويا آهن. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____