مائِٽَ مُنهِنجا، سُومَرا ! مارُو نَہ مَيرا اُٿِيو ڏِيَنِ اَسُورَ جو، ڀِٽُنِ ڀَرِ ڀَيرا پَنهُوارَنِ پَيرا، وِڙُهه مَ وَيڙِيچَنِ سِين سُرُ مارُئِي مائِٽَ = عزيز مارُو = ماروئڙا، مالوند، لاڏائو ماڻهون مَيرا = مٽيءَ هاڻا اَسُورَ = اَسُرَ، پرھ ڦٽيءَ ويل، صبح ٿيڻ کان اڳ ڀِٽُنِ = ڀٽون، وارياسا دڙا ڀَرِ = ڀرسان، لڳ، آس پاس ڀَيرا = ڦيرا، اچ وڃ پَنهُوارَنِ = ماروئڙن، جهانگين وِڙُھ مَ = کئونس نہ، هٿ نہ اٽڪاءِ، هنن سان اُچاءِ نہ وَيڙِيچَنِ سِين = مارن سان بيت جو پس منظر ~ اي عمر! منهنجي ملڪ جا مارو ماڻهون دلين جا صاف، اڇا ۽ اجرا آهن. ~ هو پرھ ڦٽيءَ ويل اٿي ٻنين ڏانهن هليا ويندا آهن. ~ مونکي مارن جا پيرا پيا ڏسجن، انهن سان هٿ نہ اٽڪائجان. سمجهاڻي عمر بادشاھ مارئيءَ تي ٽوڪ ڪندي چئي ٿو ته تنهنجا اهي مارو جن لاءِ رات ڏينهن پئي روئين، هڪ دفعو بہ ملڻ ڪونہ آيا اٿئي. مارئي جواب ڏيندي چئي ٿي: اي عمر ! منهنجي مارن جي شان ۾ وڌيڪ نہ ڳالهائجان. هو سادا سٻاجهڙا ۽ اڇين اجرين، صاف شفاف دلين جا مالڪ آهن. هو پرھ ڦٽيءَ ويل مال جا ڌڻ ڪاهي ٻنين ۽ چراگاهن ڏانهن هليا ويندا آهن ۽ وري سانجهيءَ ويل واپس ورندا آهن. مونکي پڪ آهي تہ منهنجي سنڀال ڪرڻ ضرور ايندا. تون مارن سان گهڻي کئونس نہ ڪجان، هٿ نہ اٽڪائجان نہ تہ تنهنجي بادشاهي خطري ۾ پئجي ويندي. ڀٽائي هن بيت ۾ سنڌين جَي پاڪ پوتر، صاف شفاف ۽ اڇين اجرين دلين جو ذڪر ڪندي چئي ٿو : بظاهر هي سادا سٻاجهڙا ۽ معصوم آهن پر جيڪڏهن ڪنهن سندن عزت تي حملو ڪيو تہ هي پلئہ ڪري ڄاڻندا آهن. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____