پانڌِي پِرِينءَ پَنوهارَ جا، نِياپا نَي ڪَي سارَي ڏَيجِ سَرَتِيَين، يادِ پُنَئِي جَيڪَي وَلِيُون، وَڻَ ڦُلارِئا، ڪِرِڙَ پَڪا ڪَي ڪَي سَڱَرَ کِينِ سَرَتِيُون، سَيُئَنِ جِنءَ سَيڪَي زَيرِيُون ڀَڃِي جَيڪَي، مِلان مارُوئَڙَنِ کَي سُرُ مارُئِي پانڌِي = قاصد، نياپو کڻي ويندڙ نَي = کڻي وڃ پُنَئِي = پَوَنِي ڦُلارِئا = ٻُورُ جهليائون، انگوريا سَڱَرَ = سڱريون، ڪنڊيءَ جَي وڻ جو ڦلُ کِينِ = کائن سَيُئِنِ جِنءَ سَيڪَي = جيئن سَيُون پچائي کائبيون آهن زَيرِيُون = پيرن جون ڪڙيون ، زنجيرون ڀَڃِي = ٽوڙي بيت جو پس منظر ~ اي قاصد ! محبوب لاءِ جيڪي نياپا ۽ سلام ڏيانءِ سي کڻي وڃجان ~ منهنجي سنگتياڻين مان جيڪي ياد اچني تن کي سلام چئجان. ~ ٿر ۾ وليون وڻ ٻوٽا ڦٽي پيا هوندا ۽ ڪرڙ جا ڏيلها پُسيون بہ پچي ويا هوندا. ~ منهنجون سهيليون سڱريون سيئن جيان رڌي کائينديون هونديون. ~ جيڪي زنجير جڪڙيل آهن سي ٽوڙي، مارن سان ملان. سمجهاڻي ملير مان آيل قاصد کان حال احوال وٺڻ کان پوءِ واپس ورندي مارئي کيس چئي ٿي : سڀ کان پهريائين منهنجي محبوب کيت جنهن جي ڏاڍي سڪ لڳي اٿم، کي پيار، محتون ۽ سلام ڏجان. سهيلين کي منهنجي ۽ مونکي سهيلين جي بيحد سڪ لڳي آهي، کين بہ هڪ هڪ ڪري سلام ڏجان. برسات وسڻ کانپوءِ هينئر ٿر ۾ گاھ، وڻ، وليون ۽ گل ٻوٽا ڦٽي پيا هوندا، سڄو ٿر ٻُورَ ۽ گلن جِي هٻڪار سان واسيل هوندو. ڪِرِڙَنِ جا ڏيلها ۽ پُسِيُون پڻ پچي راس ٿيون هونديون. سهيليون سڱرين کي رڌي پچائي سَئِيُنِ جيان کائي خوش ٿينديون هونديون. دل چئي ٿي هي عمر جا لڳل زنجير، هٿ ۽ پير ڪڙيون ٽوڙي وڃي هڪدم مارن سان ملان جو مونکي سڪ لڳي آهي. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____