وَهِيان ٿِيَنَ وَٿاڻَ، ڏوکاهِي هُئانِ جَي اَوءِ ڀَيڻِيُون ۽ ڀاڻَ، مَوٽِي مارُن اَڏِئا سُرُ مارُئِي وَهِيان = شاهوڪار، سکيا ستابا، آسودا وَٿاڻَ = ماڳ، هنڌ، بيٺڪ، رهڻ جون جايون ڏوکاهِي = ويڌن ۾، مشڪلات، تڪليف، ڏکيائيءَ ۾ هُئانِ جَي = انهن جا هئا، جي سندن هئا اَوءِ = اُهَي ڀَيڻِيُون = وٿاڻ، ماڳ، جايون ڀاڻَ = وٿاڻ، ماڳ، وستيون اَڏِئا = وري ٻيهر ٺاهيائون بيت جو پس منظر ~ شال سندن اهنج ايذاءَ دور ٿين ۽ وستيون ويڙها خوشحال ٿين. ~ اُهي ماڳ ۽ هنڌ شاهوڪار ٿين, جيڪي ٻيهر آباد ڪيائون. سمجهاڻي ڪنهن بيئراج يا ڪيئنال نہ هئڻ ڪري ٿر جا ماڻهون اڪثر پاڻيءَ لاءَ ٻاڏائيندا رهن ٿا. ٿري ماڻهن جو کوهن ۽ برسات جي پاڻيءَ کانسواءِ ڪو ٻيو ذريعو ناهي. وسڪارا نہ ٿيڻ ڪري ڏڪار جون حالتون پيدا ٿين ٿيون. مارو اڃ، بک ۽ بدحاليءَ سبب مال جا ڌڻ ڪاهي بيئراجي علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪن ٿا. ڀٽائي هن بيت ۾ ٿرين جي عذاب ۽ اذيت واري زندگيءَ کي فوڪس ڪندي دعا ڪئي آهي تہ شال ملير جي ملڪ تي پلر جي پالوٽ ٿئي. جيئن مارن ۽ سندن مال لاءِ اناج، ميوا، ڀاڄيون، چارو ۽ گهڻي مقدار ۾ گاھ پيدا ٿين. بيئراجي علائقن ڏانهن لڏي ويل مارو واپس اچن ۽ سندن وستيون، ويڙها، ڳوٺ ۽ شهر خوشحال ٿين ۽ سکيا ستابا ٿين. هر سال حڪومتون ۽ فلاحي ادارا ٿرين جي امداد واسطي ڪروڙين، اربين روپيا منظور ڪري پنهنجا پيٽ ڀرين ٿا ۽ ٿر جا ماڻهون بُڱ وگهي پيا مرن ۽ خودڪشيون پيا ڪن. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل