1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 45000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 45,000
    28000
  2. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  3. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

دهليءَ واريون تجويزون

'تاريخ جي دري' فورم ۾ عبيد ٿهيم طرفان آندل موضوعَ ‏7 ڊسمبر 2015۔

  1. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,379
    ورتل پسنديدگيون:
    6,739
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    223
    ڌنڌو:
    غير سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    دهلي پروپوزل (مسلمانن جون تجويزون)
    Dehli Proposals

    خلافت تحريڪ کان پوءِ ۽ سائمن ڪميشن جي اچڻ کان پهرين محمد علي جناح ۽ ان جي ساٿين هندو مسلم اتحاد لاءِ هڪ فارمولو پيش ڪيو، هي فارمولو عام طور تي “دهلي پروپوزل“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو پر ڪجهه ماڻهون ان کي “مسلم تجويزون“ جي نالي سان به سڏين ٿا.

    پس منظر :
    محمدعلي جناح پنهنجي سياسي زندگي جي شروعاتي دور ۾ هندو_مسلم اتحاد جو علمبردار هو، 1916ع ۾ سندس ڪوششن سان آل انڊيا مسلم ليگ ۽ ڪانگريس وچ ۾ لکنو وارو ٺاھ طئه ٿيو، پر ڪانگريسي رهنمائن جي غير ذميوارنه روين، پهرين مهاڀاري ويڙھ جي واقعن، 1919ع جي مسئلن ۽ تحريڪ خلافت جي ڪري هي معاهدو پنهنجي منطقي انجام تائين نه پهچي سگھيو، پر انهن سڀني واقعن باوجود به محمدعلي جناح هندو مسلم اتحاد کي خودمختيار حڪومت لاءِ لازمي سمجھندو هو. 1027ع ۾ مرڪزي اسيمبلي ۾ بجيٽ جي اجلاس دوران هندو رهنمائن خاص طور پنڊت جواهرلال نهرو ۽ سري نواس آئينگر جون محمدعلي جناح سان غيررسمي ملاقاتون ۽ گفتگو ٿي، جنهن دوران ان خواهش جو اظهار ڪيو ويو ته جيڪڏهن مسلم ليگ جا رهنما ڌار چونڊن (سيپريٽ اليڪٽوريٽس) تان هٿ کڻن ته انهن جا ٻيا سڀئي مطالبا ڪانگريس تسليم ڪندي. ڪانگريسي رهنمائن جي اُن پيشڪش کان پوءِ محمدعلي جناح ليگ جي اڳواڻن جي هڪ ڪانفرس دهلي ۾ ڪوٺائي. 20 مارچ 1927ع ۾ محمدعلي جناح جي صدارت ۾ منعقد ٿيندڙ اُن اجلاس ۾ ليگ جي رهنمائن ڪانگريس سان مفاهمت لاءِ هڪ فارمولو تيار ڪيو جنهن کي عام طور تي “دهلي پروپوزل“ يا ”مسلم تجويزون“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
    دهلي پروپوزل ۾ سڀ کان اهم شق اها هُئي ته قاعد اعظم ۽ ان جي ٻين ساٿين ڌار چونڊن تان هٿ کڻڻ ۽ گڏيل چونڊن کي منظور ڪرڻ لاءِ ڪانگريس کي هيٺيان مطالبا پيش ڪيا.

    1 سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪري ڌار صوبي جي حيثيت ڏني وڃي
    2 : سرحد ۽ بلوچستان صوبي کي باقاعدي مراعاتون ڏنيون وڃن ۽ اتي آئيني سڌارن کي به لاڳو ڪيو وڃي.
    3 : سنڌ ۾ مسلمانن کي اهڙي قسم جي اضافي نمائندگي جون مراعاتون حاصل هجن، جهڙيءَ طرح هندو اڪثريتي صوبي ۾ هندن کي حاصل هجن.
    4 : اهڙي قسم جو آئيني دستور بلوچستان ۽ اتر_اولھه سرحدي صوبي ۾ به عمل هيٺ ايندو.
    5 : پنجاب ۽ بنگال ۾ مسلمانن لي متناسب نمائندگي حاصل هوندي.

    رد عمل :
    دهلي وارين تجويزن تي گڏيل ردعمل سامهون آيو، ڪجهه حلقن انکي بيحد ساراهيو جڏهن ته ڪجهه حلقن ان تي تنقيد جا تير وسايا. سري نواس آئينگر جيڪو 1927ع ۾ ڪانگريس جو صدر هو ۽ جنهن جا محمدعلي جناح سان دوستاڻه رويا به هئا، ان هنن تجويزن جي کلي حمايت ڪئي. آل انڊيا نيشنل ڪانگريس به ان جو خيرمقدم ڪيو. پاتاٻائي سيتارا مايا جيڪو ڪانگريس جي تاريخ لکڻ تي مامور هوندو هو، ان تجويزن تي ڪجهه هيئن تبصرو ڪيو :
    “It is not evolution of a formula that was required but the approximation of the hearts a clearing of the minds, of the two great communities.”

    پنجاب جي هندوئن لالا لاجيت رائي جي اڳواڻيءَ ۾ انهن تجويزن جي اُن شق تي اعتراض ڪيو ته “پنجاب جي صوبائي اسيمبلي ۾ مسلمانن کي انهن جي آبادي جي تناسب سان اڪثريت حاصل هوندي“. ڊاڪٽر مونجي ۽ هندو مها سڀا جي ٻين رهنمائن گڏيل چونڊن متعلق ليگ جي راضپي تي ناراضگي جو اظهار ڪيو، سنڌ جي هندو رهنماء جئه رام داس دولت رام به بمبئي کي سنڌ کان ڌار ٿيڻ تي تنقيد ڪئي. مدارس ڪانگريس اهي تجويزون منظوريءَ لاءِ آل پارٽيس ڪانفرنس جي حوالي ڪرڻ جي تجويز ڏني . خود آل انڊيا مسلم ليگ انهن تجويزن جي ڪري ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. ليگ جا ٻه ڌڙا ٿي پيا، جناح ليگ ۽ شفيع ليگ. لاهور جي سر محمد شفيع ليگ ۽ ڪانگريس وچ ۾ جناح جي ان فارمولي کي رد ڪيو. ڇو ته هو ڪنهن به صورت ۾ ڌار چونڊن تان هٿ کڻڻ لاءِ راضي نه هو. ڊاڪٽر علامه اقبال جيڪو شفيع ليگ جو سيڪريٽري هو، اُن به اِن مسئلي تي شفيع ليگ جو ساٿ ڏنو ۽ ائين ئي پنجاب جي مسلمانن جي اڪثريت ڪنهن به شرط تي ڌار چونڊن تان هٿ کڻڻ جي مخالفت ٿي بيٺي.

    خلاصو :
    1916ع واري لکنو واري معاهدي کان پوءِ “دهليءَ واريون تجويزون“ جو فارمولو جناح ليگ ۽ ڪانگريس جي اتحاد متعلق ٻين سنجيده ڪوشش هئي. پر هندوئن ۽ مسلمانن طرفان گڏيل رد عمل ۽ سائمن ڪميشن جي ڪري قائداعظم جي اها ڪوشش به ڪاميابي نه ماڻي سگھي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو