سنڌي ٻولي ۽ ڪمپيوٽر تي ان جو واهپو : ڊاڪٽر فهميده حسين

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 ڊسمبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي ٻولي ۽ ڪمپيوٽر تي ان جو واهپو

    ڊاڪٽر فهميده حسين

    سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر تي واهپي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪندي، اسان جي اهي نوجوان جيڪي سنڌي فونٽن ۽ انهن جي اکرن يونيڪوڊ ۾ داخله بابت گفتگو ڪندا آهن، انهن کي معلوم آهي ته ڪجهه اکرن ۽ مرڪب صورتن (Ligatures) جي ڪري ڪي بورڊ ۾ واڌو ڪنجين جي استعمال سبب ڪهڙيون ڏکيائيون درپيش اچن ٿيون، مثلن، جهه، گهه، ۽ ، ۾ ، (آءُ ۾ ) ءٌ وغيره واريون صورتون عربي ۽ فارسيءَ جي الف ب جي پٽيءَ ۾ نه هئڻ ڪري انهن جي بنياد تي ٺاهيل سنڌي الف ب جي پٽيءَ ۾ ڌار ڏيڻيون پون ٿيون، انهيءَ بابت نه صرف يونيڪوڊ وارن سان لکپڙهه ٿيندي رهي آهي پر مقتدره قومي زبان جي ڊاڪٽر عطش دراني ۽ لاهور ۾ لينگئيج انجنيئرنگ تي ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر سرمد حسين سان به ڪتريون گڏجاڻيون ۽ ورڪشاپ ٿيا، پر بنيادي مسئلو حل ڪو نه ٿيو آهي ۽ اڃا تائين به عارضي بندوبست ذريعي انهن اکرن کي ڪمپوز ڪيو وڃي ٿو، ڏٺو وڃي ته اهو مسئلو ڪو ايڏو مسئلو ڪونهي جو حل نه ٿي سگهي، پر اسان جا غير سائنسي رويا ۽ ضد انهيءَ ۾ رڪاوٽ آهن، سنڌي الف ب جي تياري ڪندڙ ماهرن انهيءَ موجوده پٽيءَ ۾ جيڪي 52 اکر وڌا آهن، انهن جي ڪا سائنسي توجيهه موجود ئي ڪانهي… انهن کي سائنسي انداز ۾ حل ڪرڻ لاءِ بحث مهل اسان جا ڪي ماهر ايئن وڙهندا آهن ڄڻ ته ڳالهه ڪرڻ وارو ڪا بلاسفيمي ڪندو هجي، سنڌي الف ب جي پٽيءَ ۾ اکرن تي غور ڪبو ته صاف نظر ايندو ته نه اها صوتيات يا آوازن جي علم موجب ٺهيل آهي ۽ نه ئي وري اکرن مقرر ڪرڻ لاءِ ڪو هڪڙو معياري طريقو اختيار ڪيل آهي، شروعاتي دور ۾ ڪنهن حد تائين صوتيات کي ڳڻپ ۾ آندو ويو هو ۽ الف ب جي ترتيب ۾ اوسرگ يا هلڪي آواز وارن اکرن کان پوءِ وسرگ يعني ” هه “ وارن ڳرن آوازن کي رکيو ويندو هو، پر مانند ميوارام جي ڊڪشنرين ۾ يا جارج اسٽيڪ وارين ڊڪشنرين ۾ انهيءَ ترتيب کي ڏسي سگهجي ٿو، جيئن ” ب “ ۽ ” ٻ “ کانپوءِ ” ڀ “ ” ت “ کانپوءِ ”ٿ“ ۽ ” پ “ کانپوءِ ” ڦ“ يا ”گ “ ۽ ”ڳ“ کانپوءِ ” گهه “ وغيره، پر اڳتي هلي جڏهن الف ب جي ترتيب کي محترم ڊاڪٽر بلوچ تبديل ڪيو ته ” پ“ کانپوءِ آيل ” ڦ“ کي اتان کڻي وڃي ”ف “ ۽ ” ق“ جي ڀر ۾ رکيو محض انهن جي شڪل هڪ جهڙي هئڻ جي ڪري ۽ ڪجهه ٻين اکرن کي به اڳتي پوئتي ڪيو ( ان ڳالهه تان ڪجهه وقت اڳ سنڌ اسيمبليءَ ۾ هڪڙو سوال به اٿاريو ويو هو جنهن جو پڇاڻو سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ کان به ڪيو ويو هو ). سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطي ٺاهڻ مهل ڪو به هڪ معيار نه رکڻ جو مثال اهو آهي ته ڳرن آوازن (وسرگن) ٺاهڻ مهل عربي ۽ فارسي اکرن کي ڪٿي چار نقطا ڏيئي سنڌي آواز لاءِ اکر ٺاهيائون ته ڪٿي وري ٻه نقطا ڏنا ويا، جيئن ڌ _ ڍ_ٺ۾، وري ڀ_ٿ_ڇ_ڦ وغيره ۾ چار نقطا وڌا ويا جڏهن ته ڄ ۽ گ مان ڳرا آواز (وسرگ) ٺاهڻ لاءِ فارسيءَ ۽ اردوءَ وارو طريقو اختيار ڪيو ويو يعني ” هه “ ملائي ” جهه “ ۽ ” گهه“ جا اکر جوڙيا ويا جيڪي ٻن اکرن جي جوڙڻ سان ٺهيل مفرد اکرن طور استعمال ٿين ٿا، ان ريت بنا ڪنهن مقرر اصول جي ٺهيل الف ب جي پٽي جڏهن ڪميپوٽر تي آئي ته مونجهارا پيدا ٿيا، ڇو ته عربيءَ ۾ ” هه “ جا به قسم آهن، مفرد هه جي شڪل وسرگ ۾ استعمال ٿيندڙ ” هه “ کان مختلف هوندي آهي جنهن کي اردوءَ وارا واضح ڪن ٿا ۽ هو ” گهر “ ۽ ” گڀرا “ ۾ ” هه “ جون مختلف صورتون استعمال ڪن ٿا جڏهن ته سنڌيءَ ۾ ” گهر “ ۽ ” گهرو “ لکڻ ته محتلف ” هه “ سان گهرجن پر ڪمپوزنگ ڪندڙ اهڙو ڌيان ڪو نه ڏيندا آهن، هڪ اعتراض اهو به ٿي سگهي ٿو ته سنڌيءَ ۾ ٻيا به ڪيترا وسرگ يا ڳرا آواز ٿيندا آهن مثلن ” ڳالهه “ ۾ ” لهه “ ، ” ماڻهو “ ۾ ” ڻهه“ ، ”پڙهه “ ۾ ”ڙهه“ ” سمهه“ ۾ ”مهه“، ”کنهه“ ۾ ”نهه“ وغيره، هاڻي جيڪڏهن ٻن يا چئن نقطن بدران سڀني اکرن کي وسرگ ڪرڻ لاءِ مخصوص ” هه“ جو ڌار ۽ صرف هڪڙو اکر رکجي ها ته ڪمپيوٽر ۾ واڌو ڪنجين جو مسئلو به نه پيدا ٿئي ها ۽ ٻولي سکندڙن لاءِ به آساني هجي ها ۽ سنڌيءَ جي سمورن وسرگ آوازن لکڻ لاءِ هڪڙو معيار رهي ها، پر سائين رڳو اها راءِ ڏيڻ سان ماڻهو ناراض ٿيو پون ته توهين ڪير ٿيندا آهيو اسان جي پاڪ پوتر ٻاونجاهه اکريءَ تي تنقيد ڪرڻ وارا، اسان جي پوتر ٻاونجاهه اکري جيئن آهي تيئن قبول پر ڪمپيوٽر جي ڊيٽا بيس ۾ ته لڪل يا پردي پويان تبديلي ڪرڻ ڏيو، ان تي به اعتراض آهي، ماضيءَ ۾ جن ماهرن عربي آوازن وارن اهڙن اکرن کي خارج ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي جيڪي سنڌيءَ ۾ اچاري نه ٿا سگهجن مثلن ث، ص، ح، ذ، ض، ظ وغيره ته انهن تي ماڳهين ڪفر جون فتوائون لڳيون ته ويچارا ماٺ ٿي ويا (هڪ ڪفر جي فتوا ته ترڪيءَ جي مفتي ۽ عالم ڏني هئي ڪافرن جي ايجاد پرنٽنگ پريس تي ڇپائي ڪرڻ ڪفر برابر آهي پر اڄ اسان جو پاڪ ڪتاب دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ پرنٽ ٿيندڙ ڪتاب آهي، سو هن وقت ڀلي ان مقرر صورتخطيءَ کي نه ڇيڙيو وڃي پر وقت اچڻ تي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ سان هم آهنگيءَ لاءِ ڪي تبديليون پاڻمرادو پيون ٿينديون جيئن هينئر ” جهه “ ۽ ” گهه “ جون ڪنجيون ڪي بورڊ ۾ ڌار ڪو نه آهن ۽ ڪم هلي پيو.

    ساڳيءَ ريت اڳي ڊگهن گُهڻن (غني) آوازن لاءِ تنوين جو استعمال عام هو ان ڪري ٽي اکر اسان کي اڃا به تنوين وارا لکڻا پون ٿا، ” ۾ “ ، ” ۽ “ توڙي ”ءٌ“ ( آءُ ) وارا، انهن جي لاءِ به گهٽ ۾ گهٽ ڪمپيوٽر ڪي بورڊ ۾ ڌار ڪنجين بدران ڪاٻي ترڪيب ڪڍڻ گهرجي.

    سترهين صديءَ ۾ مولوي ابوالحسن هڪڙي الف ب جي پٽي ٺاهي، جيڪا اڳ ۾ جدا جدا طريقي استعمال ٿيندڙ اکرن کي معياري صورت ڏيڻ لاءِ جوڙي وئي هئي، جنهن کي ابوالحسن جي سنڌي سڏيو ويو، کانئس پوءِ سندس هم عصرن ۽ شاگردن پنهنجيون پنهنجيون پٽيون ٺاهيون ته انهن کي به سندن نالن سان منسوب ڪري ٿوري گهڻي ڦير گهير سان رائج ڪيو ويو جن کي مختلف ” سنڌيون “ سڏيو ويو ( ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ان نالي سان ڪتاب به لکيو هو ) ان کانپوءِ به سنڌي لکبي رهي ان ۾ لغتون به ٺهيون، جيئن آخوند عبدالرحيم عباسيءَ واري لغت جنهن کانپوءِ انگريزن جي دور ۾ به مختلف اکرن تي سوچ ويچار ٿيندي رهي آهي ۽ ڦير ڦار به ٿي آهي، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ترتيب ۾ ڦيرو آندو ويو آهي، پر سنڌي ٻوليءَ کي هڪ زبان جي حيثيت ۾ ان سان گهڻو فرق ڪو نه پيو آهي، موهن جي دڙي کان وٺي لپي يا اسڪرپٽ تبديل ٿيندا رهيا آهن، ٻوليءَ ۾ به ارتقا ٿي هوندي پر اسان جي ٻولي بحيثيت هڪ مڪمل ٻوليءَ جي قائم ۽ دائم رهي آهي، ان ڪري جيڪڏهن موجوده دور جي گهرجن موجب ۽ ڪميپوٽر ٽيڪنالاجيءَ جي ضرورتن آهر ڪا ٿوري گهڻي تبديلي ڪرڻي پوي ته اسان کي ايترو سخت (Rigid) نه ٿيڻ گهرجي، گهٽ ۾ گهٽ پر ضروري ۽ اڻٽر تبديليءَ لاءِ راهه هموار ٿيڻ گهرجي پر هڪ ڳالهه جو ضرور ڌيان رکيو وڃي ته اهڙو ڪو به فيصلو ڪنهن هڪ فرد واحد جو نه پر لسانيات جي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ماهرن تي ٻڌل ڪنهن ڪميٽيءَ جي زير نگراني ٿيڻ گهرجي جنهن کي سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ کان نوٽيفاءِ ڪرايو وڃي، نه ته هر ڪو پيو پنهنجي طرفان ارڏايون ڪندو ۽ پاڻ کي عقل ڪل سمجهي ٻين جا ڪيل فيصلا ريٽيندو رهندو، اهڙي ڪميٽيءَ ۾ ٻوليءَ جي ماهرن سان گڏ ڪمپيوٽر لاءِ فونٽن جي تياري ڪندڙ ماهرن کي به ضرور شامل ڪجي، ڇو ته عملي طور پيش ايندڙ ڏکيائين کي اهي ئي سمجهڻ جي صلاحيت رکن ٿا، جيئن هڪ ماهر اردودان ۽ ڪمپيوٽر جي ماهر سان گفتگوءَ دوران هن مون کي ٻڌايو ته اهي stt يعني Speech to text يا ڳالهائڻ کي ڪمپيوٽر جي مدد سان لکڻ واري تجربي ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا آهن ڇو جو خود اردو ڳالهائيندڙ به ث، ص، ذ، ض، ظ، ط وغيره جي عربي آوازن کي س، ز، ت، وغيره ٿا اُچارين، ان ڪري ڪمپيوٽر انهن کي لکڻ مهل اهو فرق ظاهر نه ٿو ڪري سگهي، تنهن ڪري ڪمپيوٽر جا ماهر ان جي متبادلن جي امڪاني صورت (Options) کي گڏ رکي، انهن مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ وارو عمل هٿراڌو (Manual)ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن، جيڪو پروف ريڊنگ جهڙو عمل هوندو اهڙو ئي هڪ مسئلو اٿارٽيءَ اسان کي رومن ٽرانسلٽريشن لاءِ ڪم ڪندي پيش آيو هو جنهن ۾ لکت ۾ لفظن تي اعرابون نه هئڻ ڪري ڪمپيوٽر ” سِنڌ“ ۽ ” سَنڌ ” ڪَنُ“ ، ” ڪُنُ“ ، ۽ ”ڪِنُ“ ۾ فرق نه ٿي ڪري سگهيو ۽ پوءِ اسان ان حوالي سان هڪڙو ورڪشاپ ڪرايو هو جنهن ۾ اسلام آباد مان ڊاڪٽر عطش دراني به آيو هو جنهن اردوءَ لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ هتان جي ٻوليءَ جي ماهرن ۽ آءِ ٽي جي ماهرن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي هئي، پر اسان جي ٻوليءَ جي ماهرن جو رويو مايوس ڪُن هو، انهيءَ سموري مشق بابت ” سنڌي ٻولي “ جرنل جو خصوصي پرچو شايع ڪيو ويو هو، مرحوم حليم بروهيءَ ۽ ادا سراج طرفان عربي سنڌي لپيءَ سان گڏ رومن لپيءَ جوڙڻ بابت ڏنل تجويزن تي جيئن ماضيءَ ۾ جلهون ڪيون ويون هيون تيئن اسان تي ڪيون ويون هيون، اها ٻي ڳالهه آهي ته خود اهي ٻوليءَ جا ماهر به فون تي ميسيج ڪرڻ مهل رومن لپي ڪتب آڻيندا رهندا آهن، رومن ۾ سنڌي لکڻ وارن کي ڪو هڪڙو معيار ڏيڻ ۾ ته ڪو حرج ڪونهي، بجاءِ ان جي جو هر ڪو پيو پنهنجي نموني اکر گهڙي ۽ لفظ ٺاهي، سڀئي هڪڙو ئي طريقو اختيار ڪن ته ان ۾ ڪهڙو حرج آهي، جن کي عربي سنڌي لکڻ اچي ٿي يا ڪميپوٽر تي لکڻ ڄاڻن ٿا اهي ته ظاهر آهي ته ان ۾ لکندا پر جن کي نه ٿي اچي يا انڊيا ۾ ۽ يورپ، امريڪا وچ اوڀر ۾ رهندڙ سنڌي پاڻ ۾ رابطي لاءِ رومن سنڌيءَ ۾ لکن ته هڪ جهڙو لکن، ان ۾ ناراض ٿيڻ جي ته ڪا ڳالهه ئي ڪانهي، پر سچ آهي ته اسين ڪا به سائنسي ايجاد يا تبديلي سولائي سان يڪدم قبول ڪرڻ نه چاهيندا آهيون ۽ ايئن دنيا کان سوين سال پٺتي رهجي ويندا آهيون، ساڳئي وقت ٿيڻ واري ڳالهه ٿي گذرندي آهي، اسان کي گهرجي ته ٻوليءَ بابت معاملن ۽ مسئلن تي فرد واحد طور نه پر گڏجي سوچيون ۽ پوءِ گڏيل فيصلا ڪريون جيئن اسان جي ٻولي ترقيءَ جون منزلون طي ڪري ايندڙ هزارين سالن تائين زنده سلامت رهي.

    عوامي آواز جي ٿورن سان
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏9 ڊسمبر 2015
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    شاندار آرٽيڪل.. ميڊم جون سڀئي ڳالهيون درست آهن.. سندن هن آرٽيڪل لکڻ کان اڳ سنڌي لپي جي ساڳين اکرن تي منهنجي عبيدالله"عبيد" ٿهيم "عبيد" ٿهيم سان ڪو ڏيڍ ڪلاڪ کن ڪچهري هلي هئي.. ۽ آخر ۾ اختمام ميڊم جي آخري پيراگراف تحت ٿيو هو...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    مونکي خوشي ٿي ته فونٽ ٺاهيندڙن کي به اهميت حاصل آهي :)

    مون وٽ هڪ اهڙو ايڪسٽينشن ۽ سافٽويئر آهي، جنهن سان رومن ۾ مٿي ڏنل اکرن ۾ فرق ظاهر ٿئي ٿو.

    ان ڪري سال کن اڳ مون سائين رشيد جي مهرباني سان سنڌفورم جوڙيو هو، جنهنجو مقصد ئي رومن ۾ سنڌي هڪجهڙي لکڻ آهي، پر سائين منهنجا! منهنجي ڳالھ ڪير ٿو ٻُڌي ؟ ڪجهه ماڻهن اهڙا ڪامينٽ ڪيا هُئا جو پنهنجي محنت تي ڪاوڙ اچڻ لڳي هيم، سوچيم ته آئون ئي چريو آهيان جو اهڙي ڪم ۾ هٿ وڌم، پر سائين رشيد جي بار بار اتساھڻ تي ان پراجيڪٽ کي بند اڃان تائين نه ڪيو اٿم.. سوچيان ٿو ته ميڊم کي اهڙن پراجيڪٽس متعلق ڇو خبر ناهي؟
    خئير!! ڳالھ الائي ڪٿي کان ڪٿي پُهتي، بحرحال منهنجي چوڻ جو مطلب ته هاڻ سنڌفورم کي ٻيهر فعال ڪرڻو پوندو ۽ سائين ذيشان رشيد کي اها قرباني اڃان هڪ سال تائين ڏيڻي پوندي ته هُو فورم جو ڊومين رينيو ڪرائي وٺن.. :)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو