1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    37000

برمُودا ٽِڪنڊو ـــ نِڀاڳو يا سَڀاڳو

'الطاف شيخ جا ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 ڊسمبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,583
    ورتل پسنديدگيون:
    27,084
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    برمُودا ٽِڪنڊو ـــ نِڀاڳو يا سَڀاڳو


    الطاف شيخ

    دنيا ۾ ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون ۽ ڪيتريون اهڙيون شيون آهن جيڪي اڄ به انسان ذات لاءِ معمو بڻيل آهن ۽ اڄ جي ماڊرن سائنس به اهي راز يا ڳجهه کولي نه سگهي آهي. اسان جهاز هلائڻ وارن جو انهن مان جن ڳالهين سان واسطو رهندو اچي يا جن رازن بابت اسان کان اڄ به ماڻهو پڇندا رهن ٿا انهن مان هڪ ته ”جَل پريون“ آهن. جل پريون اهي خوبصورت ڊگهن وارن ۽ نيرين اکين واريون نوجوان عورتون آهن جن جو هيٺيون ڌڙ مڇيءَ جو آهي. اهي اڪثر سمنڊ تي نظر اچن ٿيون. ان ڳالهه جو نه فقط اسان وٽ ايشيا ۾ پر سڄي دنيا ۾ چوپچو آهي. يورپ جي اتراهن ٿڌن ملڪن ناروي، سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ وغيره ۾ وڃ ته اتي به ننڍن توڙي وڏن جي وات تي اها Mermaid (جل پري) آهي. ايتريقدر جو ڊئنمارڪ جي گادي واري شهر ۽ مشهور بندرگاهه ڪوپن هيگن ۾ جل پري جي مورتي ٺهيل آهي جيڪا هن شهر جي علامت سمجھي وڃي ٿي جيئن ”شينهن مڇي“ (Merlion) سنگاپور جي نشاني آهي. آفريڪا جي ممباسا، زنجبار، موپوتو جهڙن بندرگاهن ۾ وڃ ته اتي به اسڪول جا ٻار توڙي گهرن جي ٻاهران ڌڪين تي ويٺل واندا واندا پوڙها به ”جل پرين“ بابت پڇن ٿا .... ڄڻ ته اسان جهاز هلائڻ وارا سمنڊ تي رستو ڳولڻ يا سامهون ايندڙ ٽرئفڪ کي ڌيان ۾ رکڻ بدران جل پريون پيا ڳولهيون! سچي ڳالهه ته اها آهي ته هيترا سالَ ڏينهن رات جهاز هلائڻ جي باوجود اسان کي ته عام مڇي به نظر نه آئي. ڪڏهن ڪڏهن ڳاڙهي سمنڊ (بحر احمر) جي ڪنهن بندرگاهه .... جدي، رابيغ، ينبو ۽ پورٽ سوڊان يا مساوا جي ٻاهران لنگر ڪيرائي انتظار لاءِ ڏينهن ٻه بيٺو هجبو هو ته اتي مڙيئي ڪڏهن ڪڏهن شارڪ مڇي نظر ايندي هئي جو بحر احمر (Red Sea)۾ شارڪ مڇيون تمام گهڻيون آهن ۽ هن ئي سمنڊ ۾ (۽ ملاڪا واري ڳچي سمنڊ ۾) پڻ جهاز جي هلڻ دوران اڏامندڙ مڇيون نظر اچن ٿيون جن مان ڪجهه جهاز جي عرشي (Deck) تي به اچي ڪرن ٿيون ۽ پوءِ ڦٿڪڻ دوران ڪي واپس سمنڊ ۾ هليون وڃن ٿيون ته ڪي ڊيڪ تي رکيل مختلف شين ۽ مشينن جي وچ ۾ ڦاسي پون ٿيون.
    بهرحال شارڪ، وهيل يا فلائنگ مڇيون ان ڪري نظر اچن ٿيون جو انهن جو وجود آهي. باقي ’جل پري‘ لاءِ اڄ تائين بحث پيو هلي ته آيا اها مڇي جي ڌڙ واري عورت ”جل پري“ هڪ خيالي آهي يا واقعي سچ پچ ۾ آهي. ان کي ڏسڻ وارا به ڪيترائي آهن جن ۾ ڪي ته بيحد اعتبار جوڳا ماڻهو آهن جن جي ٻڌايل ڳالهه کي ڪوڙو چئي نٿو سگهجي. اهي جل پريون يورپ جي ماڻهن کي به نظر آيون آهن ته آفريڪا ۽ آمريڪا جي ماڻهن کي به. جپان ۽ چين جي ماڻهن کي به ڏسڻ ۾ آيون آهن ته فجي ۽ پاپئا نيوگني ٻيٽن جي رهاڪن کي به .... پر هر هڪ کي، خاص ڪري سائنسدانن کي، ڪڏهن اعتبار اچي ٿو ته ڪڏهن نه. هر هڪ اهوئي سوچي ٿو ته آيا جل پري جو وجود آهي يا نه! ۽ جيڪي ماڻهو چون ٿا ته هنن جل پريءَ کي اشارا ڪندي يا پنهنجن وارن کي ڦڻي ڏيندي ڏٺو انهن لاءِ ٻيا اهو ئي چون ٿا ته واقعي هنن جل پريءَ کي هوشن حواسن ۾ ڏٺو يا خواب خيال ۾!
    جل پريءَ وانگر ٻيون به دنيا ۾ ڪيتريون شيون آهن جيڪي عام ماڻهو توڙي سائنسدانن لاءِ مِٿ (Myth) بڻيل آهن ته آيا انهن ۾ ڪا حقيقت آهي يا نه. انهن ۾ سڀ کان گهڻو Curiosity پيدا ڪرڻ واري شيءِ برمودا ٽڪنڊو (Bermuda Triangle) آهي. جيئن ته ان جو واسطو اسان جهاز هلائڻ وارن سان آهي. ان ڪري هرڪو اسان کان سڀ کان گهڻا سوال ”برمودا ٽڪنڊي“ بابت ٿو ڪري. 1963ع ۾ جڏهن جهازراني ۽ جهازسازي جي ٽريننگ ۽ تعليم جي شروعات ڪئيسين ان وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين راز ۽ ڳُجھن جي دُنيا ۾ ”برمودا ٽڪندو“ هڪ Hot Topic هلندو اچي ته سمنڊ جي هن ٽڪنڊي ۾ جيڪو جهاز ٿو گهڙي اهو گهڻو ڪري تباهه ٿيو وڃي .... چاهي پاڻيءَ جو جهاز هجي يا هوائي جهاز. پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن وٽ ته ان برمودا ٽڪنڊي جا داستان گردش ڪن ٿا پر اسان جي اڻ پڙهيل مڪراني، پٺاڻن ۽ ڪڇي خلاصين وٽ به برمودا ٽڪنڊي جون ڳالهيون خوف ۽ هراس پئدا ڪن ٿيون ۽ هنن جو ان ٽڪنڊي جي غيبي ڳالهين مان هر ڳالهه تي پڪو ڀروسو آهي. برمودا ٽڪنڊي ۾ وقت به وقت پيش ايندڙ حادثن جو خوف هنن جي دلين تي هميشه سدا بهار رهي ٿو.
    اسان ڪراچي کان آمريڪا ۽ ڪئناڊا هڪ ٻه دفعا آياسين ۽ موٽياسين پر هن برمودا ٽڪنڊي واري سمنڊ کان پرٻهرو ٿي لنگهي وياسين. منهنجي خيال ۾ آمريڪا وڃڻ ڏي اسان جو هي ٽيون دفعو هو جو اسان ان دفعي آمريڪا کان واپس ڪراچي موٽڻ بدران نيويارڪ کان اسپين جي بندرگاهه بارسلونا لاءِ لنگر کنيو. ان بابت مون کي جهاز جي ڪئپٽن هڪ ڏينهن اڳ ۾ ٻڌايو. آئون ان جهاز جو چيف انجنيئر هوس. اسپين، موراڪو، پورچوگال وغيره لاءِ اسان کي سڌي ليڪ ۾ وڃڻ لاءِ برمودا ٽڪنڊي واري سمنڊ مان لنگهڻو هو. اهو ٽڪنڊو Avoid ڪري هيٺان يا مٿان کان لنگھڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڏينهن وڌيڪَ ضايع ٿين ها ۽ هتي جهاز جا مالڪ ٻه ڪلاڪ فالتو تيل ٻارڻ تي به ارها ٿين ٿا. پئسينجر جهاز جي ٻي ڳالهه آهي جيڪي هلڪي طوفان ۾ به جهاز جو ڪورس تبديل ڪري اصل روٽ کان پاسو ڪري هلن ٿا جيئن مسافرن کي تڪليف نه رسي ڇو جو پاڻي جي جهاز ۾ سفر ڪرڻ لاءِ هوائي جهاز کان به ٽيڻو چؤڻو ڀاڙو ڏيڻو پوي ٿو. باقي اسان، ڪارگو جهاز هلائڻ وارا، جڏهن طوفانن جي اک ۾ جهاز اچي ٿو ته پوءِ ڪورس Alter ڪري سگهون ٿا جو ان ۾ جهاز جي ٻڏڻ جو خطرو آهي جيڪو نقصان جهاز جو مالڪ برداشت نٿو ڪري سگهي. باقي جهڙي تهڙي طوفان ۾ جهاز جي مالڪ طرفان اها ئي هدايت مليل هوندي آهي ته هلندا هلو، پنهنجي ڪورس تي قائم رهو .... پوءِ ڀلي اسان جهاز وارن کي سي سڪنيس ٿئي ۽ الٽيون ڪندا رهون.
    ”هاڻ ڏسجو پنهنجي خلاصين جو حال“ ڪئپٽن چيو.
    ”انهن کي ڪهڙي خبر ته جهاز کي ڪهڙي روٽ تي وٺي ڪهڙي بندرگاهه ڏي پيا وڃون؟“ مون چيو.
    ”اڄ جي دور ۾ ڪٿي ٿي ڳالهه لڪي. ڪنهن نه ڪنهن سکاني (ڪوارٽر ماسٽر) يا ڪئڊٽ کان کين خبر پئجي ويندي ته جهاز ڪهڙي ڪورس تي آهي.“ ڪئپٽن چيو.
    ”اهو به چڱو جو هي پروگرام گذريل Voyage (سفر) ۾ نه بڻيو جڏهن پُراڻو جهاز هلائي رهيا هئاسين جنهن جي هر وقت break down (خراب ٿيڻ) جو خطرو هو. ۽ اهو جهاز جي برمودا ٽڪنڊي واري سمنڊ ۾ خراب ٿئي ها ته هرڪو چوي ها ته هن تي جنن ڀوتن جو اثر ٿيو آهي.“ مون کلندي ڪئپٽن کي چيو جنهن جي جواب ۾ ڪئپٽن به کلندي وراڻيو:
    ”صحيح ٿو چوين. هن ڀيري ته جهاز نئون نڪورو آهي سو تنهنجي (يعني انجڻ) طرفان ته ڪو به خوف خطرو ناهي باقي اسان جي نيويگيٽرن کي ڌيان رکڻو پوندو. ڪٿي ڪنهن سمنڊ هيٺ ٽڪري يا ٻڏل جهاز کي نه وڃي هڻن.“
    آمريڪا جو ڪنارو ڇڏي اسان آرام سان ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪرڻ شروع ڪيو. ٻئي ڏينهن اسان برمودا ٽڪنڊي واري سمنڊ ۾ داخل ٿي چڪا هئاسين. موسم ۽ سمنڊ ماٺو هو پر اسان جي وهمي خلاصين (مڪرانين توڙي ڪڇي ۽ پٺاڻن) جي چهرن تي غم ۽ غصو هو ته جهاز ان حصي واري سمنڊ ۾ ڇو هلي رهيو آهي جڏهن سڄي دنيا واقف آهي ته هن ايراضيءَ ۾ جهاز ٻڏيو وڃن، جهاز تي موجود ماڻهو غائب ٿيو وڃن.... وغيره.
    منجھند جي مانيءَ تي مون ڪئپٽن سان خلاصين جي ڳالهه ڪئي تنهن چيو ته هاڻ اچي چڙهيا آهيون اسان جا وهمي ماڻهو بنهه جاهل آهن.
    ”مون کين اهو به سمجھايو آهي ته اهڙا وهم دل ۾ نه رکو.“ مون ڪئپٽن کي ٻڌايو، ”پر هو اهو چئي قائل ٿا ڪن ته اسين ته کڻي جاهل آهيون يورپ ۽ آمريڪا جا پڙهيل ڳڙهيل ڇو ٿا برمودا ٽڪنڊي کان گھٻرائين. هو اهي به مثال ٿا ڏين ته هتي نون جهازن جا به حادثا ٿيندا رهيا آهن ۽ توهان کان جھونن ڪپتانن جون به وايون بتال ٿينديون رهيون آهن جڏهن هن علائقي واري سمنڊ (برمودا ٽڪنڊي) ۾ نيويگيشن (رستو ڏيکارڻ) وارا اوزار ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏين ٿا.“
    بهرحال رات جي ماني بعد روزمرهه وانگر پنهنجن جونئرن ۽ خلاصين سان ڪچهري ڪرڻ بدران انجن روم جو چڪر هڻي اچي سمهي رهيس. انجن روم ۾ مونکي ڪا به انجڻ يا مشين اهڙي نه لڳي جنهن جي خراب ٿيڻ ۾ ٿورو به شڪ هجي. نئون نئون جهاز هو جيڪو يوگوسلاويا جي بندرگاهه رائيڪا ۾ ڪجهه مهينا اڳ ٺهي راس ٿيو هو. ان کي ڪراچي وٺي آيا هئاسين جتان ان تي ڪيوبا لاءِ چانور چاڙهياسين. سئيز ڪئنال اڃان بند هو سو آفريڪا کنڊ کي ڦيرو ڪري نميبيا وٽان ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪرڻ لاءِ اولهه جو رخ رکيوسين. ڪجهه ڏينهن جي سفر بعد اسان ڏکڻ آمريڪا جي ويجھو اچي پهتاسين ۽ برازيل وٽان ڪنارو وٺي سري نام ۽ فرينچ گيانا وٽان لنگهندا، ان بعد وينزوئلا ۽ ڪولمبيا جو پاسو ڏيندا جتان کان وچ آمريڪا جا ملڪ پاناما، ڪاسٽريڪا ۽ نڪراگئا شروع ٿا ٿين، اتان اسان اتر ڏي رخ رکيو ۽ جئميڪا ۽ ڪيمئن ٻيٽن وٽان ٿيندا ڪيوبا جي بندرگاهه ”هوانا“ ٻاهران اچي لنگر ڪيرايوسين. هوانا ۾ چانور لاهڻ ۾ ٻه هفتا لڳي ويا. اڃان ڪنٽينرن وارو سسٽم شروع نه ٿيو هو. هڪ ٻئي پويان ٽرڪون اچي ٿي جهاز ڀرسان بيٺيون جن ۾ ڄار ذريعي جهاز مان چانورن جون ڳوڻيون ڪڍي رکيو ويون ٿي. ڪيوبا بعد اسان جو جهاز هميشه وانگر ڪراچي، جدي ۽ پورٽ سوڊان لاءِ سامان کڻڻ لاءِ آمريڪا جي بندرگاهن نيو اورلينس، هوسٽن، فلڊلفيا، نيو ارڪ (نيو جرسي) ۽ نيو يارڪ ۾ رهيو ٿي. پر هن ڀيري اسان جي جهاز تي اسپين ۽ يورپ جي ٻين بندرگاهن لاءِ سامان چاڙهيو ويو. ان ڪري موٽڻ وقت پويان پير ڪرڻ بدران اسانکي آمريڪا جي سوانا بندرگاهه وٽان ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪرڻو پيو .... ان ڪري برمودا ٽڪنڊي واري سمنڊ مان لنگهڻ اسان جي مجبوري ٿي پئي. ان ٽڪنڊي کي پار ڪرڻ لاءِ اسان جي جهاز کي هڪ هزار کن ميل سفر ڪرڻو هو ۽ پاڻي واري جهاز جي رفتار موجب اهو سفر 50 ڪلاڪن جو يعني اٽڪل ٻه ڏينهن ٻه راتين جو ٿو ٿئي.
    اسان پهرين رات گذاري هاڻ ٻيءَ ۾ آيا هئاسين ۽ سمنڊ ساڳيو ماٺو هو، طوفان يا خراب موسم جي ڪا اڳڪٿي نه هئي. مونکي پنهنجي جهاز جي انجڻين تي اعتماد هو. هر شيءِ نئين هئي. هي ته سانتيڪو سمنڊ هو پر طوفاني رات ۾ به انجڻ طرفان مونکي خوف يا خطرو نه هو. آئون سمهڻ کان اڳ وارو رائونڊ هڻي رهيو هوس. رات جا ساڍا ڏهه ٿيا هُئا. انجڻ روم ۾ فورٿ انجنيئر جي واچ (ڊيوٽي) هئي جنهن سان گڏ هڪ ففٿ انجنيئر، هڪ تيل وارو ۽ هڪ آگ وارو (جيڪي گريزر ۽ فائر مين ٿا سڏجن) انجڻ روم ۾ هئا. پنهنجي ڪئبن واري پليٽ فارم وٽان انجن روم ۾ گهڙي مٿي Exhaust بئالر ڏي نهار ڪيم ۽ پوءِ پيوريفائر روم ۾ چڪر هنيم جِتي جهاز جي انجڻ ۾ ٻرندڙ تيل کي refine ڪيو ٿو وڃي. هر شيءِ نارمل هئي. ٻاهران ڪنڊ تي رکيل Evaporator کي چيڪ ڪيم ته هو روز مرهه وانگر 24 ڪلاڪن ۾ سمنڊ جي کاري پاڻي مان 30 کن ٽن مٺو پاڻي ٺاهي رهيو هو. ٽنهي جنريٽرن مان هڪ هلي رهيو هو ۽ ٻه Stand by هئا ته جيئن ڪنهن وقت به هڪ خراب ٿي پوي ته يڪدم ٻيو هلڻ شروع ٿي وڃي. آگ وارو تيل تي ٻرندڙ بئالر کي ٻاري رهيو هو. تيل ۽ پاڻي جا مختلف پمپ روز وانگر صحيح هلي رهيا هئا. رهائشي ڪمرن ۽ گوشت جي ڪمرن کي ٿڌو رکڻ لاءِ هلندڙ ايئر ڪنڊيشنر ۽ ڊوميسٽڪ فرج مشينيون صحيح ڪم ڪري رهيون هيون. گوشت ۽ مڇين واري ٿڌي ڪمري جو در کولي ڏٺم ته ان جو ٽيمپريچر ڪاٽو ويهه ڊگريون هئو. ٿلهي ليکي ڏهاڪو کن ٻڪريون ۽ ٽي چار ڍڳيون ڪُنڍن ۾ لڙڪيل نظر آيون جيڪو گوشت اسان کي ائٽلانٽڪ سمنڊ ٽپڻ لاءِ ته ڇا اسپين پهچڻ تائين ڪافي هو. سياري جي موسم هئي ان ڪري انجن روم ۾ فرحت وارو ماحول هو. فورٿ انجنيئر کي خدا حافظ چئي پنهنجي ڪئبن ۾ اچي ليٽي پيس. پنهنجي ڪمري ۾ انجڻ جي آواز ۽ Vibration مان ئي اندازو ٿيو پئي ته هر شيءِ نارمل آهي. ڪجهه دير ڪو رسالو پڙهڻ بعد سمهي رهيس.
    منهنجي خيالَ ۾ ته ٻه ٽي ڪلاڪ مس ستس ته ڪنهن ٺڪاءَ تي اک کلي پئي ۽ انهي دوران الارم وڄڻ شروع ٿيو ۽ ان سان گڏ انجن روم جي فون جي گهنٽي وڳي. گهڙيال ۾ وقت ڏٺم رات جا ٻه ٿيا هئا. انجن روم ۾ ان وقت ٿرڊ انجنيئر جي ڊيوٽي شروع ٿي چڪي هئي تنهن ٻڌايو ته بئالر جو ”سيفٽي والو“ ليڪ ٿي پيو آهي ۽ بري طرح ٻاڦ سڄي انجڻ روم ۾ پکڙي رهي آهي.
    ٺڪاءَ جي آواز تي ڪئپٽن به گھٻرائجي ويو. ان به فون تي خير عافيت معلوم ڪئي. انجن روم ۾ پهچي جائزو ورتم. مون سان گڏ ٻين سينيئر انجنيرن کي به حيرت ٿي ته اهو ڪم ٿيو ڪيئن جڏهن ان لاءِ ڪو سبب موجود نه هو ۽ بئالر جو پريشر به نارمل هو. بهرحال اهڙن موقعن تي ئي جهاز جي انجنيئرن (مئرين انجنيئرن) جو ڪم شروع ٿئي ٿو.
    ڪلاڪ ٻن جي مٿا ڪٽ بعد ڪئپٽن کي فون ڪيم ته ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آهي ته چوڌاري سڃ ئي سڃ پر تنهن هوندي به ڪو ويجھو ۽ رستي جي سنوت ۾ بندرگاهه آهي؟ هن ٻڌايو ته: ”اٺ نو ڪلاڪن جي پنڌ تي برمودا ٻيٽ آهي.“ بهرحال اهو فيصلو ٿيو ته ڪنهن به نموني سان جهاز کي برمودا ٻيٽ جي ”هئملٽن“ بندرگاهه تائين جهاز کي هلڻ جوڳو رکيو وڃي جِتي پوءِ ڪناري جي ورڪ شاپ جي ضرورت پوندي جو هڪ ته بئالر جهڙي شيءِ کي صحيح ڪرڻ لاءِ ڳري مرمت جي ضرورت آهي ۽ ٻيو ته جهاز اڃان گئرنٽي پيرڊ ۾ آهي ان ڪري جهاز ٺاهڻ واري ڪمپني جي صلاح سان مرمت ڪرائي وڃي جو ان جو خرچ پکو هو ڏيندا.
    بئالر جي بند ٿيڻ ڪري اسان جهاز هلائيندڙ انجن کي Crude تيل تي هلائڻ بدران ڊيزل آئل تي هلائي ٻئي ڏينهن منجھند ڌاري برمودا ٻيٽ تي پهتاسين جيڪو هن خطرناڪ سامونڊي ٽڪنڊي جو آخري ڇيڙو آهي. برمودا ٻيٽ تي ڪي خاص ساليانا جشن هلڻ ڪري ٻه ڏينهن آفيسون ڪارخانا بند هئا. ان بعد پنهنجي هيڊ آفيس ۽ جهاز ٺاهڻ واري ڪمپني سان وائرليسن ذريعي لکپڙهه هلندي رهي ۽ مقامي ورڪ شاپ کان ڪم وٺڻ جي اجازت ملي وئي. اتفاق اهڙو جو اسان جي جهاز کي برمودا مان به ڪجهه سامان کڻڻ لاءِ ملي ويو جيڪو جبرالٽر ۾ لاهڻو هو جنهن ۾ پڻ ٻه ڏينهن لڳي ويا ۽ انتظار ۽ مرمت وارا ڏينهن ملائي اسان کي برمودا ۾ ٽوٽل پنج ڏينهن رهڻ لاءِ ملي ويا. برمودا ڇڏڻ وقت جهاز جا خلاصي چوڻ لڳا ته سچ چيو اٿن ته برمودا ٽڪنڊو نڀاڳو آهي جنهن ڪيترن ئي جهازن ۽ جانين جي ستيا ناس ڪري ڇڏي.
    آئون کين اهو ئي سمجهائيندو رهيس ته ”برمودا ٽڪنڊو“ (Bermuda Triangle) ٻين لاءِ کڻي نڀاڳو هجي پر پاڻ لاءِ ۽ پنهنجي جهاز جي مالڪن لاءِ ته سڀاڳو چئبو. ان ڪري جو پاڻ کي پنج ڏينهن کن ههڙي سهڻي ٻيٽ تي گهمڻ ڦرڻ ۽ آرام لاءِ ملي ويا ۽ ڪارگو ملڻ ڪري جهاز جي مالڪن کي به لکين رپيا فائدو ٿي ويو.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    343
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,281
    ورتل پسنديدگيون:
    2,897
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين الطاف شيخ صاحب جي ڪهاڻي مان معلوم ٿيو ته برمودا ٽرينگل متعلق رڳو افواه آهن ليڪن نيٽ تي ڪافي ان متعلق مواد آهي ته جيڪي جهاز غائب ٿيا انهن جو پتو نه پئجي سگهيو ان متعلق ڪهڙو راز هو جيڪو اڄ تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو