1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو: تاريخ ۾ عوامي اڳواڻ ورلي پيدا ٿيندا آهن..!!

'ذوالفقار علي ڀٽو' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏14 ڊسمبر 2015۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    996
    ورتل پسنديدگيون:
    1,699
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    ڪنهن به عوامي اڳواڻ لاءِ انهيءَ کان وڏو خراج ٻيو ڪهڙو ٿي سگھي ٿو ته سندس شهادت جي 35 ورهين جو ڊگھو عرصو گذرڻ کانپوءِ به ڪروڙين غريب ۽ مسڪين عوام جي دلين تي راڄ ڪندو هجي ۽ خاص ڪري اهڙي سماج ۾ جت ڪم لٿو ڪاغذ ڦاٽو، واري ڪار هجي؟ اهڙيَ اڳواڻ کي عوام جي هر طبقي جا ڪروڙين ماڻهو اڄ به پسند ڪن ٿا خاص ڪري غريب ۽ مسڪين ماڻهو. هو مجموعي طور غريبن جي دل جو راڻو هو، نه رڳو ايترو پر سندس مقبوليت کي گھٽائڻ ۽ اميج کي بگاڙڻ لاءِ ملٽري ڊڪٽيٽرشپ ۽ ان جي حامين، مذهبي ۽ لساني انتهاپسندن توڙي سنڌي قومپرستن وسان ڪونه گھٽايو تڏهن به سندس عوامي مقبوليت گھٽجڻ بدران اڃا به وڌندي رهي.
    شهيد ذوالفقار علي ڀٽيَ ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَالحق کان پنهنجي حياتيءَ جي بيک گھرڻ کان ڪنڌ ڪپائڻ بهتر سمجھيو، تاريخ ۾ شهيد ڀٽي جو نالو سنڌي سپوت طور لکيو وڃي ٿو ۽ اڄ به ڪروڙين ماڻهو کيس ياد ڪن ٿا جڏهن ته ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَالحق تي بيشمار لعنتون وجھن ٿا ۽ جنرل ضياءَ جا عذاب ساري ملڪ ۾ نه رڳو هاڻوڪو نسل ڀوڳي رهيو آهي پر خبر ناهي ته اڃا به ڪيترا ايندڙ نسل ڀوڳيندا رهندا.
    جنرل ضياءَ جي دور ۾ نه رڳو سنڌين تي مگ هوائي جهازن کان بمباري ڪري ڪيترن سنڌين کي شهيد ڪيو ويو پر سنڌ جو تعليمي نظام تباهه ڪيو ويو ۽ ڪلاشنڪوف توڙي منشيات عام ڪري، سنڌي سماج کي تباهه ڪيو ويو ۽ ڌاڙيل ڪلچر کي هٿي ڏني وئي پر افسوس ته سنڌ جا ڪجھه ٺيڪيدار، شهيد ڀٽي جي دشمنيءَ ۾ جنرل ضياءَالحق جا اهڙا سڀ ظلم وساري ويٺا آهن.
    مونکي اڄ به چڱي ريت ياد آهي ته جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، اقتدار کي لت هڻي عوام ۾ آيو هو ته حيدرباد جي هڪ وڏي عام جلسي کي خطاب ڪيائين جنهن تي تڏهوڪي پاڪستان جي پهرين ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل ايوب خان جي، اولهه پاڪستان (هاڻ پاڪستان) جي گورنر جنرل (ر) محمد موسى خان مرحوم جيڪو اڳ ۾ فوج جو سربراهه به رهيو تنهن گورنر جي حيثيت ۾ ٽوڪ هڻندي بيان ڏنو هو ته شهيد ڀٽي جي عام جلسي ۾ رڳو ٽانگن، گڏهه گاڏيون ۽ ريڙها هلائيندڙن هئا جنهن تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو چوڻ هو ته مونکي فخر آهي ته منهنجي جلسي ۾ غريب ۽ مسڪين شريڪ ٿيا.
    اڄ به شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جون رڪارڊ ٿيل تقريرون ٻڌو ته هر تقرير ۾ غريبن ۽ مسڪينن جي ڳالهه ڪيل هوندي هئي يعني هارين توڙي مزدورن جو ذڪر لازمي هوندو هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي هر تقرير ۾ غريب عوام کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته عوام ئي طاقت جو اصل سرچشمو آهي. دوست توڙي دشمن اها ڳالهه ضرور مڃيندا ته عوام ۾ سياسي سجاڳيءَ وارو انقلاب صرف ۽ صرف شهيد ڀٽي جي ڪوششن جو نتيجو آهي نه ته ان کان اڳ، عوام سياست ۾ سرگرم حصو ڪونه وٺندو هو ۽ نه ئي اميدوار عوام ۾ اچي ڳالهائڻ پسند ڪندا هئا جڏهن ته ماڻهن جي، ووٽن وجھڻ ۾ ڪا خاص دلچسپي به ڪانه هوندي هئي، ٻين جا ڪوڙا ووٽ وجھڻ جو ته عام رواج هوندو هو. پوءِ، شهيد ڀٽي سياسي سجاڳي وارو طوفان ملڪ اندر آندو جيڪو ڏسنديَ ڏسنديَ ساري ملڪ اندر ڇانئجي ويو جڏهن ته غريبن، هارين ۽ پورهيتن کي احساس ٿيو ته هو پنهنجي قسمت ووٽن ذريعي بدلائي سگھن ٿا.
    شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ اهڙو عالمي اڳواڻ هو جنهن جي صلاحيتن، ذهانت ۽ قابليت کي دوست توڙي دشمن به مڃيندا هئا. ٻيو ته ٺهيو پنهنجي دور جي مشهور آمريڪي پرڏيهي وزير هينري ڪيسنجر به مڃيو هو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کانئس بهتر انگريزي لکي، پڙهي ۽ ڳالهائي سگھي ٿو (حوالو: ويڪلي فار ايسٽرن رويو، هانگ ڪانگ).
    ريڊيو پاڪستان جي ويب سائيٽ تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي عوامي ڪچهريءَ جي اٽڪل 10 منٽن واري وڊيو لڳل آهي جنهن ۾ سندس عوامي ڪچهريءَ ۾ غريبن کي اهميت ڏيڻ ۽ کين ڳالهائڻ جو بار بار موقعو ڏيڻ توڙي سندن مسئلا ٿڏيَ تي نبيرڻ وارا سندس وڏا ڪارناما ڄاڻايل آهن. هاڻوڪي نئين نسل جا ڪجھه نوجوان جن شهيد ڀٽي کي ڪونه ڏٺو ۽ ٻُڌل سُڌل ڪوڙي پرچار کان متاثر ٿي شهيد ڀٽي جا مخالف بڻجي ويا تن پاڻ به سوشل نيٽ ورڪ يعني فيس بوڪ تي لکيو هو ته شهداد ڪوٽ جي کلي ڪچهري واري وڊيو کي ڏسي، هو شهيد ڀٽي جي غريبن جي محبت ۽ سندس عوامي انداز کان گھڻو متاثر ٿيا آهن.
    مونکي ته پنهنجو ڊي سي هاءِ اسڪول، نوابشاهه ۾ پڙهڻ وارو زمانو ياد اچي ويو جڏهن ملڪ جي صدر جنرل ايوب خان (بعد ۾ پاڻ کي ترقي ڏئي هٿ ٺوڪيو فيلڊ مارشل بڻيو) جي هڪ جھلڪ ڏسڻ لاءِ عوام سميت اسان شاگرد ڪلاڪن جا ڪلاڪ روڊ جي ڀر ۾ بيٺل هوندا هئا سون پر پوءِ به جنرل ايوب خان جي موٽرڪار، واءُ مينهن هڪ ڪري لنگھي ويندي هئي۽ شاگردن توڙي عوام کي خير سان جھلڪ مس پلئه پوندي هئي پر شهيد ڀٽو پهريون حڪمران هو جنهن کليون ڪچهريون ڪيون ۽ عوام سان سڌو رابطو قائم ڪيو، اهو سندس وڏن ڪارنامن مان هڪ هو.
    نه رڳو ايترو پر شهيد ڀٽو ته روڊ ويندي به غريبن جي جھوپڙين ۾ گھڙي ويندو هو ۽ انهن سان کٽ يا ڪڏهن ڪڏهن پٽ تي ويهي سندن مسئلا ٻڌندو هو ۽ انهن جي مطالبن تي آرڊر به جاري ڪندو هو. حيدرآباد شهر ويجھو ڪولهين جي لاءِ فليٽ به سندس انهيءَ عوامي رابطي سبب ٺهيا هئا. هت ٿورو ذڪر انهيءَ شخص جو به ضرور دهرائجي ته هڪ ڀنگي 70 ڪلفٽن ۾ ايندو هو، تن ڏينهن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو صدر هو ۽ بعد ۾ 1973 جي آئين منظور ٿيڻ کانپوءِ 14 آگسٽ 1973 تي ملڪ جو پهريون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم بڻيو. اهو شخص، شهيد ڀٽي سان هٻَڪي ڳالهائي رهيو هو ۽ دل جي ڳالهه نه پئي ڪري سگھيو. شهيد ڀٽو سمجھي ويو ته هو ڪجھه چوڻ چاهي ٿو پر چئي ڪونه ٿو سگھي، سو پنهنجي ڪرسي خالي ڪري، انهيءَ شخص کي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهاريائين ۽ کيس چيائين ته ٿوري دير اڳ هن ڪرسيءَ تي ملڪ جو صدر ويٺل هو، هاڻ تون ويٺو آهين، هاڻ ٻڌاءِ ته توکي ڇا گھرجي جنهن تي هن وراڻيو ته سندس ڌي ڊاڪٽرياڻي ٿيڻ چاهي ٿي، کيس ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ڏني وڃي، شهيد ڀٽي ان وقت جي سنڌ جي صحت واري وزير عبدالوحيد ڪٽپر مرحوم کي آرڊر ڪيو جنهن کيس داخلا ڏني. ڪٽپر صاحب هلال پاڪستان، ڪراچيءَ ۾ ڪيترو وقت ڪالم لکندو رهيو تنهن انهيءَ واقعي جو تفصيلي ذڪر ڪيو ۽ اهو به لکيائين ته کيس ڊپ هو ته انهيءَ داخلا ڏيڻ تي ڪراچيءَ جي لساني ڌر اعتراض ڪندي پر انهيءَ ڪونه ڪيو.
    شهيد ڀٽي سال 1973 جي آئين ۾ پهريون ڀيرو صوبن کي اهو اختيار ڏنو ته هو پنهنجن صوبن اندر پنهنجن ٻولين کي ترقي ڏيارين ۽ بيريسٽر ضمير گھمريَ جي چواڻي ان جي بنياد تي صوبا پنهنجن حدن اندر پنهنجن پنهنجن ٻولين کي قومي زبان قرار ڏئي سگھن ٿا ۽ اها ڳالهه 1956 يا 1962 وارن آئينن ۾ هرگزبيان ڪيل نه هئي.
    هت اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته سال 1956 واري پهرين آئين ۾ بنگالين ته پنهنجي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بڻايو ته سنڌي قوم پرست اڳواڻ جيڪي ان وقت اقتدار ۾ هئا يا سندن وڏو اثر هو تن سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بڻائڻ لاءِ بنگالين سان ملي ڇو ڪونه ائين ڪيو ۽ ڇو ان وقت اگھور ننڊ ۾ ستل رهيا؟ جيتوڻيڪ ان وقت ٿوري به ڪوشش ڪن ها ته بنگالين جي مدد سان سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي مڃرائي وٺن ها. انهيءَ سوال جو جواب شهيد ڀٽي جي هر چڱي ڳالهه مان به ڪنڊا ڪڍندڙن اهڙن سنڌي قومپرستن کي ضرور ڏيڻ گھرجي.
    ڪجھه ماڻهو، ان وقت جي صورتحال جي نزاڪت کان اڻ ڄاڻ ٿي اهي اعتراض ڪن ٿا ته شهيد ڀٽو، ملڪ جو پهريون سويلين مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ڇو بڻيو؟ اهڙن ماڻهن کي شايد پس منظر جي ترَ جيتري به خبر ناهي نه ته اهڙا اعتراض ڪونه اٿارين ها.
    16 ڊسمبر 1971 تي پاڪستاني فوج، اوڀر پاڪستان (هاڻ بنگلاديش) ۾ گاديءَ واري شهر ڊاڪا ۾ هندستان جي فوج اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا هئا، نويَ هزار فوجي ۽ سويلين هندوستان جي قيد ۾ ڦاسي پيا جڏهن ته اولهه پاڪستان (هاڻ پاڪستان) ۾ پنجن هزار چورس ميلن جو علائقو به هندوستان جي قبضي ۾ هو، سو فوج اهڙي صورتحال ۾ تُرت مارشل لا هٽائڻ لاءِ هرگز تيار ڪونه هئي. بعد ۾ شهيد ڀٽي ڪنهن به شرط شروط کانسواءِ، اهي قيدي ۽ قبضو ڪيل علائقا ڇڏرايا.
    جيئن ته سال 1971 ۾ پاڪستان ٽٽڻ کانپوءِ اقتدار به فوج کي منتقل ڪرڻو هو سو هنن شهيد ڀٽي کي رٿ ڏني ته هو چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عبدالحميد جيڪو مارشل لا ايڊمنسٽريٽر هوندو تنهن هيٺ وزيراعظم جي حيثيت ۾ ڪم ڪريَ جڏهن ته شهيد ڀٽي ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو تنهن ڪري هو ڪجھه مهينا سويلين مارشل لا ايڊمنسٽرير به بڻيو ۽ اهڙي ريت فوج هيٺ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيائين. اهو عهدو قبول ڪرڻ سان ڪنهن کي نقصان به ڪونه ٿيو ۽ ڪجهه مهينن کانپوءِ عارضي آئين ڏنائين ۽ اهڙي ريت سويلين مارشل لا ايڊمنسٽريٽر به ڪونه رهيو ۽ پوءِ سال 1973 جو پڪو آئين ڏنائين. سو، ڏيڍ سال اندر ٻه آئين ڏيڻ سندس ڪو معمولي ڪارنامو ڪونه هو.
    اهڙي ريت ڪي ماڻهو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي اوڀر پاڪستان جي علحدگي جو ذميدار ڪوٺين ٿا سو به بلڪل غلط آهي ڇاڪاڻ ته ملڪ اندر مارشل لا لڳل هئي ۽ سارا اختيار فوج وٽ هئا، تنهن ڪري ملڪ اندر چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر توڙي مارشل لا هوندي به ڪنهن سويلين کي ملڪ ٽوڙڻ جو ذميدار ڪوٺڻ بد ديانتي ناهي ته ٻيو ڇا آهي جڏهن ته سمورا اختيار فوج ۽ رڳو فوج وٽ هئا.
    هونئن به پاڪستان انهيءَ ڪري ٽٽو هو جو دنيا ۾ مذهب جي بنياد تي ٺهيل پهرين اسلامي ملڪ ۾، سال 1948 ۾ اردوءَ کي قومي ٻولي بڻايو ويو ۽ قران شريف جي زبان يعني عربيءَ کي ٿڏي ڇڏيائون. 21 فيبروري 1952 تي بنگالي ٻوليءَ کي قومي ٻولي مڃرائڻ واري تحريڪ ۾ چئن بنگالي شاگردن جو رت شامل ٿيو، سڀ کان وڏي ڳالهه ته شيخ مجيب الرحمان (باني وزيراعظم بنگلاديش) بنگلاديش ٺهڻ کانپوءِ پاڻ مڃيو هو ته اسان آزاديءَ جي تحريڪ 1952 (ٻوليءَ واري تحريڪ) کان شروع ڪئي هئي. درحقيقت مارشل لا لابي، فوج کي بچائڻ لاءِ اهڙي ڪوڙي پرچار شروع ڪئي هئي ته پاڪستان شهيد ڀٽي ٽوڙيو هو جنهن کي وري جماعت اسلاميءَ جي مڪمل پٺڀرائي حاصل هئي.
    اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، ڪراچي، سنڌ کي موٽائي ڏيڻ جي ان وقت زبردست حمايت ڪئي جڏهن ته سنڌي قومپرستن سميت سنڌ جا سمورا مکيه شاگرد اڳواڻ، ڪراچيءَ کي سنڌ کي موٽائي ڏيڻ جا سخت مخالف هئا. بعد ۾ شهيد ڀٽي جي زبردست حمايت کي ڏسي اهي سنڌي قومپرست سياسي اڳواڻ ۽ شاگرد اڳواڻ جيڪي ڪراچيءَ جي موٽي ملڻ تي دل مَن هڻي رهيا هئا تن به پنهنجو رويو آخرڪار تبديل ڪيو هو. اها رڪارڊ جي ڳالهه آهي جنهن کان انڪار ڪونه ٿو ڪري سگھجي.
    انهيءَ دوران هڪ مشهور سنڌي قومپرست اڳواڻ جو بيان اخبارون ۾ شايع ٿيو جنهن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان کي ڪراچي نه ٿا ڏيو ته پوءِ 800 سو ڪروڙ (8 ارب روپيا) ڏيو ته پوءِ اسان ڄامشوريَ وٽ سنڌ جو گاديءَ وارو نئون شهر اڏيون جنهن تي ان وقت جي ڪراچيءَ جي تڏهوڪي سنڌي شاگرد اڳواڻ اسلم عباسي بيان ڏنو هو ته اهو قومپرست اڳواڻ، ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌين کي في سنڌي 800 روپين جي عيوض وڪڻڻ چاهي ٿو. تازو لساني تنظيم ايم ڪيو ايم جي سينيئر ليڊر سردار احمد ڪجهه سنڌي صحافين کي ٻڌايو ته ون يونٽ ٽٽڻ کان اڳ انهيءَ سنڌي قومپرست اڳواڻ ڏانهنس ڪجھه ماڻهو سندس نياپو کڻي آيا هئا ته ڪراچي ڀلي اوهان (اردو ڳالهائيندڙ) کڻو پر سيد سردار احمد جي چواڻي اسان اهو چئي انڪار ڪيو ته سنڌ جي ٻين علائقن ۾ 30 لک اردو ڳالهائيندڙ رهن ٿا، تن کي اسان ڇڏي ڪونه ٿا سگھون.
    شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن اقتدار کي لت هڻي حيدرآباد ۾ آيو ته ان وقت حيدرآباد ۾ گاڏي کاتي ۾ اورينٽ هوٽل (هاڻ بند ٿيل) هوندي هئي، جنهن ۾ ڀٽي صاحب رهائش لاءِ ڪمرو گھريو جيڪو کيس ڪونه ڏنو ويو ته متان جنرل ايوب خان ڪاوڙجي نه پوي ۽ جڏهن شهيد ڀٽي جو جلوس ريلوي اسٽيشن کان گاڏي کاتي ۾ هوٽل اورينٽ (هاڻ بند ٿيل) جي سامهون واري روڊ تان لنگهيو ته هوٽل جا درَ بند ڪرايا ويا ته متان شهيد ڀٽو هوٽل ۾ لنگهي نه اچي ۽ ملٽري ڊڪٽيٽر ايوب خان ڏمرجي نه پوي. هوٽل جو ملڪ قاضي محمد اڪبر هو جنهن تي شهيد ڀٽي جا اڻ ڳڻيا احسان هئا سو شهيد ڀٽي جي اقتدار کان لهڻ سبب سندس احسان پل ۾ وساري ويٺو ۽ پنهنجي روزاني سنڌي اخبار ۾ شهيد ڀٽي خلاف ايڏي ته ڪوڙي پرچار ۽ گار گند ڪيائين جو صحافت جا سمورا اصول به مٽيءَ ۾ ملي ويا پر شهيد ڀٽي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ کانئس ڪو به انتقام ڪونه ورتو. اٽلندو، قاضي اڪبر کي سنڌي ڪتابن تي پيل بندش لاهڻ واري ڪاميٽيءَ جو سربراهه ۽ بعد ۾ پورچوگال ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ڪيائين. اهي حقيقتون آهن ۽ رڪارڊ کي دست ڪرڻ لاءِ ان جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.
    شهيد ڀٽو مير رسول بخش ٽالپر جي بنگلي تي ٽڪيل هو ۽ مير صاحب تبصرو ڪندي کيس چيو ته توهان وڏ گھراڻي جا ماڻهو آهي، توهان ڪهڙو انقلاب آڻيندئو؟ تنهن تي شهيد ڀٽي ڪرسيءَ کي لت هڻندي چيو هو ته انقلاب ڪنهن جي جاگير ڪونهي، ڪير به انقلابي ٿي سگھي ٿو. اها افسوس جھڙي ڳالهه هئي ته مير صاحب جنهن غريبن، مسڪينن توڙي جمهوريت لاءِ ڪٺن ۽ ڊگھي جدوجهد ڪئي سو ٽئين ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ الحق جي مارشل لا حڪومت ۾ سنڌ سرڪار جي معمولي ايڊوائيزر جي حيثيت ۾ شامل ٿيو ۽ انهيءَ عهدي تي فوت ٿيو جڏهن ته ان کان اڳ شهيد ڀٽي، گھٽ تعليم يافتا هئڻ جي باوجود سندس خدمتن کي ڏسي کيس سنڌ جي گورنر جهڙو اعلى عهدو ڏنو هو.
    پر هڪ اهم ڳالهه بار بار ٻڌائڻ جي ضرورت آهي ته سال 1972 واري سنڌ اسيمبليءَ طرفان بحال ڪيل ٻوليءَ واري بل ۾ سنڌ کي ٻه لساني صوبو هرگز قرار ڪونه ڏنو ويو هو ۽ ائين نه ڪرڻ تان هنگاما به ٿيا هئا جڏهن ته ٻوليءَ جي هنگاما شروع ٿيڻ جو اهو اڪيلو سبب هو. سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي قرار ڏنو ويو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ منهنجو اهو چيلينج آهي. ڪجھه سنڌي قومپرستن، لساني تنظيم جي ڪوڙين دعوئن تي ڪنهن به جاچ کانسواءِ ايمان آڻي، اهڙي ڪوڙي پرچار کي هٿي ڏيندا رهيا آهن ۽ اهڙي ڪوشش درحقيقت سنڌ کي ورهائڻ ۽ سنڌين کي ان لاءِ ذهني طور راضي ڪرڻ واسطي، لساني تنظيم جي ونگار وهڻ جي برابر آهي جنهن کي جيترو نندجيَ سو گھٽ آهي.
    هت اهو به ٻڌائڻ ضروري آهي ته بلوچستان جي تڏهوڪي وڏي وزير ۽ بلوچ قوم پرست اڳواڻ مير غوث بخش بزنجيَ، سنڌي ٻوليءَ جي سنڌ اسيمبليءَ ۾ بل اچڻ کان اڳ ئي، اردوءَ کي بلوچستان جي ٻولي قرار ڏنو هو جڏهن ته سرحد صوبي (هاڻ خيبر پختونخوا) جي قومپرستن جي سرڪار به اردوءَ کي صوبائي درجو ڏنو هو جنهن ڪري سنڌسرڪار تي دٻاءُ وڌيِ ويو هو ته سنڌ ۾ به سنڌيءَ سان گڏ اردوءَ کي به سنڌ جون سرڪاري زبانون مڃيو وڃي، ٻين لفظن ۾ سنڌ کي ٻه لساني صوبو قرار ڏنو وڃي پر شهيد ڀٽي اهو دٻاءُ مڃڻ کان انڪار ڪيو هو جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ لساني فساد ڪرايا ويا هئا. ياد رهي ته پ پ پ سرڪار سنڌ ۽ پنجاب ۾ سنڌي ۽ پنجابي ٻولين کي اڪيليون صوبائي ٻوليون قرار ڏنو هو.
    سنڌ جي ڪجهه ٺيڪيدارن شهيد ڀٽي جي عوامي مقبوليت کان ڊڄي ۽ ساڻس ذاتي بغض سبب 1972 واري بل ۾ سنڌ کي ٻه لساني صوبيَ قرار ڏيڻ جا ڪوڙا شوشا ڇوڙيا هئا پر هنن اهو ڪونه ڏٺو ته سندن اهڙين حرڪتن جي ڪري سنڌ جي وحدت کي ڇيهو پهچي سگھي ٿو. دوستن کي گذارش آهي ته لساني تنظيم توڙي سنڌي قوم پرستن جي اهڙي ڪوڙي پرچار تي ڀروسو نه ڪن جيڪي ٻه لساني صوبي جو شوشو ڇڏي، اراديَ يا غير اراديَ طور سنڌ کي آئيني طرح ٻن حصن ۾ ورهائڻ لاءِ قانوني جواز مهيا ڪن ٿا ۽ لساني تنظيم جي ونگار وهندا رهيا آهن.
    اها شرم جھڙي ڳالهه آهي ته ڪنهن به عوامي اڳواڻ جو اميج خراب ڪرڻ لاءِ تاريخي حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو وڃي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ جيجل سنڌ ڌرتيءَ جي وحدت کي به داءُ تي لڳائجي. جڏهن ته حقيقت اها هئي ته سنڌ کي ڪنهن به مرحلي تي ٻه لساني صوبو ڪونه قرار ڏنو ويو هو، جيڪڏهن ڪنهن کي اڃا به ڀروسو ناهي ته پوءِ 1972 جو ٻوليءَ وارو ايڪٽ پاڻ پڙهي دل کي اهڙي آٿت ڏئي سگھي ٿو. (روزاني سوڀ، 04 اپريل 2014)
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عزيزالله ميمن

    عزيزالله ميمن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    110
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    ڌنڌو:
    Retired form govt.
    ماڳ:
    ميمن گوٽ ماير
  3. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    996
    ورتل پسنديدگيون:
    1,699
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    ڪالم پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني، پيارا ـ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو