حضرت پير شيخ قرهيو ڀانڊاري رحه.

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ صاحبڏنو شيخ طرفان آندل موضوعَ ‏16 ڊسمبر 2015۔

  1. صاحبڏنو شيخ

    صاحبڏنو شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    حضرت پير شيخ قرهيو ڀانڊاري رحه.
    جڏهن اُتر جون ٿڌڙيون هيرون سرديءَ ۾ اضافو ڪنديون آهن ۽ سائيبيريا کان اُڏام ڪري اسانجا مهمان پکيئڙا پنهنجا پر کولي سامونڊي پٽي جي آڪاش تي ايندا آهن تڏهن خوبصورتي وارا نظارا چوگرد اکين کي تسڪين بخشيندا آهن سردي جي انهي جوڀن واري رُت ۾ بر ۾ بازارون ۽ جنگل ۾ منگل مچندو آهي.
    هر هندي مهيني پوهه جي پهرين سائي سومار تي ان وقت بُنيادي سهوليتن کان وانجهيل مُصيبتن جي ماريل طوفانن ۽ زلزلن جي ستايل اٻوجهه ماڻهن جي منهن تي مُرڪون تري اينديون آهن جڏهن لاڙ جي مشهور اولياءَ بُزرگ چشتيه طريقي جي مُبلغ حضرت پير شيخ قرهيو ڀانڊاري جو ڏهاڙو شروع ٿيندو آهي
    (نوٽ : هن سال حضرت پير شيخ قرهيو ڀانڊاري رح جي سالياني عُرس کي ٻن حصن ۾ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويوآهي پهرين ساليانه عرس مُبارڪ جيڪو صرف شيخ برادري ۽ مريد معتقدن لاءِ 20 ڊسمبر 2015 کان 21 ۽ 22 ڊسمبر تائين ملهايو ويندو جڏهن ته هن بزرگ جو ساليانو ميلوبعد ۾ پهرين جنوري 2016 کان ملهايو ويندو)

    حضرت پير شيخ قرهيو ڀانڊاري (رحه) ڏاتار پير جي ڪڙم مان هو هن سامونڊي پٽي جي هن تر ۾ چشتيه طريقي بابت تبليغ ڪري ڪيترن ئي ولين جو ڀانڊار ليکيو ويو جيتوڻيڪ هنن نڌڻڪن پٽن ۽ پڊن تي بي بها رونقون ۽ وڏا شهر ۽ انهن جون سرگرميون هاڻي رڳو راوين جي روايتن ۾ باقي وڃي بچيون آهن سڀ ڪجهه سامونڊي ويرن طوفانن ۽ زلزلن جي ور چڙهي ويل هتي جي خوبصورتين جون ساروڻيون ماڻهو جو هانءُ جهوري وجهن ٿيون تنهن هوندي به ڪڏهن ڪڏهن بر ۾ لڳل بازارون ڏسي ماڻهو جو تن ۽ من بهلجيو وڃي ۽ درويشن جي هن ڌرتي تي سندن ڪيل ڪمائي تحت ڪيئي پانڌيئڙا کين ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ انهن جي آسڻ اچي سلامي پيش ڪن ٿا.

    سنڌ جي خاص ڪري لاڙ جي انچ انچ تي پهچي ان جي تاريخ ۽ تهذيب توڙي تمدن کي اجاگر ڪندڙ سنڌ جي مهان تاريخدان محقق اديب شاعر ۽ دانشور شيخ محمد سومار پنهنجي تصنيف“ لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا ” ۾ ذڪر ڪيو آهي ته ڀٽ ڌڻي جڏهن هن جوءَ ۾ پهتو هو تڏهين الا الو جي لات ٻڌي هن فرمايو هو ته :
    “جوڳيئڙا جهان ۾ نوري ۽ ناري ،
    ٻري جن ٻاري آئون نه جيئندي ان ري”
    شيخ سومار پنهنجي هڪ ڪتاب “ شيخ قرهئي ڀانڊاري کي ڳائيندڙ شاعر” ۾ حضرت پير شيخ قرهيو ڀانڊاري (رحه) جي شجره نسب بابت لکيو آهي ته :
    حضرت پير شيخ قرهيو ڀانڊاري (رحه) جو شجره نسب جميل شاه گرناري عرف ڏاتارو پير مان وڃي لڳي ٿو.جميل شاه گرناري عرف ڏاتارو پير کي ميمون شاه فرزند ٿيو. ميون شاه عرف ماه لوقا کي چنچل شاه ڄائو.چنچل شاه سنڌ جي حاڪم خفيف سومري جي نياڻي حاجياڻي سان پرڻيو، جنهن مان کيس شاه موسيٰ ،شاه بهارو، شاه ڀريو۽ شاه قرهيو نالي فرزند ٿيا (وڌيڪ احوال ڊاڪٽر غلام علي الانا جي لکيل ڪتاب “لاڙ جي ثقافتي ۽ ادبي تاريخ ” تان ڏسي سگهجي ٿو) حضرت پير شيخ قرهيو ڀانڊاري آور جبل ۽ مانجهي ۾ رياضت ڪئي ۽ چشتي طريقي جو وڏو مبلغ ليکيو ويو. پاڻ روحاني راڄ جو ڀانڊاري هو، اٽڪل روءِ 700 هجري کان ڪجهه سالون اڳ وصال ڪري ويو ان وقت دهلي تي علاوالدين خلجي ۽ سنڌ تي سومرا راڄ ڪندا هئا.
    پيرن فقيرن کي “ڌناسري” سر ۾ ڳايو ويندو آهي، پير شيخ قرهيو ڀانڊاري کي جن شاعرن ڳايو آهي انهن مان مرکان شيخ
    ، شاه عنايت نصرپوري ، ڦتو پاٿري ، شيخ الله بچايو، اسحاق پاٿري مکيه آهن.

    [​IMG]


    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو