سنڌي فونٽن کي اپگريڊ ڪرڻ جي ضرورت

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏23 ڊسمبر 2015۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سنڌي فونٽن کي اپگريڊ ڪرڻ جي ضرورت
    عبيد ٿهيم​

    20 ڊسمبر 2015ع واري ڏينهن ايم.بي ٽرسٽ پاران “چيمپئنس آف سنڌي ڪمپيوٽنگ“ جي عنوان سان ٿيندڙ گڏجاڻيءَ ۾ فانٽس تي ڇڙيل بحث کان پوءِ جيڪا ڳالهه مون نوٽ ڪَئي سا هُئي اسان جي سنڌي فونٽن ۾ خامي، بيشڪ مڃيون ٿا ته تمام گھڻيون خاميون آهن اسان جي ٺهيل فانٽس ۾ جَن ۾ خاص ڪر نقطن ۽ اعرابن جون غلطيون ظاهر آهن.. مثال ٿا وٺون مشهور صاريم سيريز مان (جيڪا حيدرآباد جي ڪمپورزن وٽ اي.ايس AS نالي سان آهي)، وڏي محنت سان ثناءُ الله اهي فانٽ ٺاهيا آهن پر تن ۾ به پروگرامنگ جون غلطيون آهن.

    سنڌسلامت جي ٽيم پاران ٺاهيل فانٽس سميت ايم.بي لطيفي ۽ شبيرڪنڀار جي فانٽس ۾ به جيڪي غلطيون نظر آيون آهن تن کي پَرکَڻ کان پوءِ هاڻ فانٽ جو اپگريڊ ورجن آڻڻ لازمي ٿي پيو آهي، اهو انڪري فانٽ جي سائيز، اعراب، انگريزي اکر ۽ پروگرامنگ ۾ ڪافي ساريون غلطيون آهن. جنهن جو هڪ ننڍڙو مثال هي آهي ته اسان پَھَرَ (وقت) لکڻ چاهيون ٿا پهر (اردو اکر ڦِر) لکجيو اچي، پھر(وقت) لکڻ مهل اسان دوچشمي ھ جيڪا انگ 8 جي شڪل ۾ هوندي آهي، سا ڏيندا آهيون جيڪا سڌي سنئي غلطي آهي ان سان ٻوليءَ جي لفظن جو مطلب ئي هٽيو وڃي، اها دوچشمي هي (ھ) جهرڪي ۽ گهوڙو واري جھه ۽ گھه جي آهي ۽ اسان انکي پهر، جهاز وغيره جهڙن لفظن ۾ استعمال ڪريون پيا. انڪري اڪثر اخبارن ۾ صرف فانٽ ۾ موجود غلطيءَ جي ڪري ٻوليءَ جي لفظن جي معنيٰ صحيح نٿي نِڪري.

    فانٽ جي بيهڪ ڪيڏي به سُٺي ڇو نه هُجي پر جڏهن مسئلو سائيز جو اچي ٿو ته اسان فانٽ ڊولپر اُن جو خيال ناهيون رکندا، فانٽ جي اکرن جي اي.پي.ايس فارميٽ يا جئپيج فارميٽ اسان جڏهن ڪنهن به سافٽويئر ۾ فانٽ جي ڪوڊپليٽ تي پيسٽ ڪريون ٿا ته اُن جي اصلي بيهڪ متاثر ٿئي ٿِي، ڇوته فانٽ جي بيهڪ ٻن مخصوص سِرَن/پاسن ايڪس ۽ وائي (x & y) تي ٻَڌَل هوندي آهي، جڏهن اسان نئون فونٽ ٺاهڻ لاءِ اکر کي اُن ڪوڊپليٽ تي پيسٽ ٿا ڪريون ته اُها تصوير يا اکر سائيز ۾ ننڍو / وڏو هجڻ ڪري پليٽ ۾ موجود اڳئين اکر جي بيهڪ کي ختم ڪري پنهنجي مرضيءَ مطابق جاءِ والاري ٿو ۽ نتيجو اهو ٿو نڪري ته فانٽ جي پروگرامنگ ۽ بيهڪ متاثر ٿئي ٿِي جنهن جي خبر اسان کي ڪنهن به لکيل پيراگراف جي فانٽ مٽائڻ مهل پوي ٿِي.

    جڏهن اسان ڪابه اخبار يا رسالو مائڪروسافٽ آفيس/پبلشر ۾ ڪمپوز ڪندا آهيون ته اُهو اڪثر ايم.بي لطيفي فانٽ ۾ ئي ڪمپوز ڪندا آهيون، اها ٻي ڳالھ آهي ته حيدرآباد جي گاڏي کاتي جي مارڪيٽ ۾ سنڌي ڪمپوزرن وٽ هڪجهڙا فونٽ مختلف نالن سان پيل آهن جنهنڪري خبر نٿي پوي ته اصلي فونٽ ڪهڙو آهي، پر جڏهن ڪنهن به مئگزين جو لي.آئوٽ سيٽ ڪرڻ کان پوءِ ان جو فانٽ مٽائيندا آهيون ته اُهو لي.آئوٽ پنهنجي اصلي شڪل مٽائي ڊزائينر جي ڪيل سموري محنت تي پاڻي ڦيريو ڇڏي. هڪ پيراگراف 8 لائنن جو لطيفي فونٽ ۾ لکيل آهي ۽ جڏهن ان تي خورشيد فانٽ اپلائي ٿا ڪريون ته اهو ئي پيراگراف 6 لائنن جو ٿيو وڃي پوءِ مجبورن فانٽ جي سائيز وڌائڻي پوي ٿِي ته جيئن مئگزين/رسالو/اخبار جي اسپيسنگ ختم ٿئي، پر اهو ڪَرَڻ کان پوءِ اُن رسالي/اخبار جو نظارو اڻوڻندڙ لڳندو آهي.

    اهو ٿيو سنڌيءَ ۾ فانٽ، پر جڏهن ڳالهه اردوءَ جي هلي ٿِي ته ڪمپوزر چاهيندو آهي ته رسالي ۾ موجود اردو مواد چاهي اُهو شاعري جي صورت ۾ هُجي يا ڪنهن ڏاهي جو قول، کي به هڪ ئي فانٽ ۾ رَکي ته جيئن اهو فانٽ امبيڊ ٿي سگهي ۽ اهڙو فانٽ هُجي جيڪو هر ڪمپوزر وٽ موجود هُجي ۽ صحيح نظارو ڏئي. اهو ڪم ممڪن هئو۽ ڪجهه فانٽ ڊولپرن اهڙا فانٽ ٺاهي پاڻ تائين ئي محدود رکيا يا ماڻهن سان شيئر نه ڪيائون . سنڌسلامت ڊاٽ ڪام جي ٽيم اهڙو فانٽ ايس.ايس رِيڊ جي نالي سان تيار ڪيو جيڪو فيسبوڪ، گوگل، ٽوئيٽر سميت ٻين ويبسائٽن تي پڻ سُٺو نظر اچڻ لڳو ۽ اردو جي سپورٽ هئڻ ڪري انهن ويبسائٽن تي پنهنجو رينڪ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويو. ان فانٽ ٺاهڻ جو مقصد هو سوشل ويبسائٽن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سولي نموني پڙهڻ، جڏهن مشهور برائوزرس گوگل ڪروم ۽ فائرفاڪس ٻه فانٽ جي سپورٽ ڏيڻ بند ڪَئي ته سنڌسلامت ريڊ نالي سان ايڪسٽينشن (جيڪو انٽرنيٽ تي سنڌي اکر سولي نموني پڙهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو) به ناڪاره ٿي ويو. ڇو ته ايڪسٽينشن ۾ ٻن فانٽس کي امبيڊ ڪيو ويو هو، پر ڪروم ۽ فائرفاڪس ٻن فانٽس جي سپورٽ بند ڪَئي ته اهڙو فانٽ تيار ڪَرَڻ جي ضرورت ٿِي جيڪو هڪ ئي وقت ۾ سنڌي، اردو ۽ عربي سان گڏ انگريزي به سپورٽ رکندڙ هُجي ۽ سنڌسلامت ڊاٽ ڪام جي ٽيم اهو ڪَري ڏيکاريو ۽ فانٽ ٺاهي اُن ايڪسٽينشن کي به اپگريڊ ڪيو. فانٽ سنڌسلامت ڊاٽ ڪام فورم تي مُفت موجود آهي.

    چيمپئنس آف سنڌي ڪمپيوٽنگ جي عنوان هيٺ ٿيندڙ گڏجاڻيءَ ۾ اها ڳالهه واضح ٿِي ته سڀني فانٽس ۾ غلطيون آهن، تنهنڪري سڀني فانٽ ڊولپرن کي گذارش آهي ته اُهي پنهنجي فانٽس کي اپگريڊ ڪَن ۽ هڪ مخصوص پليٽ فارم تي پنهنجا اپگريڊيڊ فانٽ رَکَن. گڏوگڏ سنڌي ڪمپوزرن کي به گذارش آهي ته اُهي فانٽس جي اپگريڊيشن کان به واقف رَهَن ۽ فانٽس جو اپگريڊ ورجن اچڻ کان پوءِ پراڻا ورجن هٽائي نوان ۽ اپگريڊيڊ ورجن استعمال ڪَن ته جيئن اسان جي ٻولي پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ آسان ٿئي ۽ لفظن جو صحيح مطلب معلوم ٿئي.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    هونءَ سڄي دنيا ۾ هي روج آهي ته ڪجهه به پيش ڪرڻ کان اڳ ان جو Beta ورجن (ورشن) رليز ڪيو ويندو آهي، استعمال ڪرڻ دوران جيڪي خاميون نظر اينديون آهن اهي ٺاهيندڙ اڳيان پيش ڪيون وينديون آهن ته جيئن ان کي سڌاريو وڃي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    بيٽا ورجن جو دور هتي ناهي پيارا....
     
  4. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    ڪاميابي اوهان جاقدم چمڻ جي انتظار ۾ آهي!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو تجزيو پيش ڪيو اٿو.

    فونٽس تي ان قسم جي هي پهرين ڊبيٽ يا لکڻي ملي آهي. ان تي بحث ٿيڻ گهرجي. ان ميٽنگ ۾ صاريم ۽ ستار زرگر ڪونه هيا .... انهن جو به فونٽ تي گهڻو ڪم ٿيل آهي.
    اها دعا آهي ته شال هي ميٽنگ سنڌي ڪمپيوٽنگ لاء هڪ نئين ۽ رهنما رخ ۾ اڳتي وڌي.
    ان ميٽنگ جي تفصيلي رپورٽ جو به انتظار آهي، جيڪا ڪنهن به دوست پيش ڪانه ڪئي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون

    عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 سيپٽمبر 2013
    تحريرون:
    176
    ورتل پسنديدگيون:
    334
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    گاه پٺو
    ماڳ:
    پاٽويون
    دوستن جي محنت کي سلام
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    پسند ڪرڻ جون مهربانيون :)
    انشا الله اها به سڀاڻي موڪليندس.. :)
     
  8. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    اوهان سڄڻن جون دعائون رهيون ته انشا الله اهو ڏينهن به پري ناهي.. :)
     
  9. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    فانٽ ٺاهڻ لاء بهتر رهندو ته توهان فانٽ ڊزائيننگ جو وڊيو ٺاهي هن لنڪ تي رکو ته جيئن ٻيا دوست به طبع آزمائي ڪن ٿي سگهي ٿو ڪو دوست ان تي اوهان جي تربيت سان سٺو ڪم ڪري سگهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ان سلسلي ۾ محترم ثناء الله جن ڪجهه ڪم شروع ڪيو جيڪو هن لنڪ تي موجود آهي
    http://www.sindhsalamat.com/threads/26523/
    اهڙي طرح ڪا وڊيو تربيتي پروگرام سکيا طور هتي رکي وڃي ته بهتر ٿيندو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    نت نوان فانٽ ڪيئي آيا آهن جن تي اسان خوش ٿيندا رهيا آهيون پر اڄ عبيد جي هن لکڻي مان خبر پيئي ته سنڌي فانٽ ٽيڪنيڪلي فالٽ جو شڪار آهن، اها خبر ٿورو رنجائيندڙ ضرور آهي پر اسان کي اميد آهي ته اسان جي چئيمپينس اهو مسئلو بخوبي حل ڪندا.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو