”پيٽ“ کانپوءِ ”ويٽ“ جي طوفان کان بچاءَ جا گس ڳوليا وڃن

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏10 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ”پيٽ“ کانپوءِ ”ويٽ“ جي طوفان کان بچاءَ جا گس ڳوليا وڃن

    ڊاڪٽر مسرت خواجه

    مشهور فرانسيسي فلاسافرن روسو ۽ والٽيئر ٻنهي جي وفات جو سال 1778ع آهي. جيتوڻيڪ والٽيئر ڄمار ۾ روسو کان ارڙهن سال وڏو هو، پر ٻنهي فلاسافرن انقلاب فرانس جي راهه هموار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. روسو ۽ والٽيئر جي خيالن ۽ سوچ ۾ پڻ وڏو فرق هو، اهو ئي سبب هو جو والٽيئر ”آرٽ“ جو شيدائي هو، جڏهن ته روسو ”آرٽ ۽ سائنس“ جي سخت خلاف هو. 1750ع دوران جڏهن اڪيڊمي آف ڊجن Dijon هڪ موضوع ڏنو”آرٽ ۽ سائنس انساني معاشري ۽ اخلاقيات لاءِ فائديمند آهن يا نقصانڪار؟“، تڏهن روسو انهيءَ موضوع جي خلاف اهو لکيو ته آرٽ ۽ سائنس عوام الناس لاءِ نقصانڪار آهن ۽ هن اهڙي مضمون لکڻ تي پهريون انعام پڻ کٽيو. جڏهن والٽيئر ”آرٽ ٿيٽر“ جنيوا ۾ کولڻ جي ڪوشش ڪئي ته روسو انهيءَ جي پڻ سخت مخالفت ڪئي. نتيجي ۾ ٻنهي فلاسافرن جي دشمني مرڻ گهڙي تائين قائم رهي. روسو گهڻا ئي (Ideas) پنهنجي لکڻين ۾ ڏنا، پر هڪ جيڪو سندس فلسفو تمام گهڻو مشهور ٿيو، اهو هو ته Man is born free, and every where he is in chains (انسان آزاد پيدا ٿيو آهي ۽ هر هنڌ هو زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي).

    اهو فلسفو انقلاب فرانس سان ڳنڍيل آهي. سندس چوڻ جو مقصد هو ته انقلاب جي ”چاشني“ چکڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙيو وڃي. ان فلسفي جي روشني ۾ جيڪڏهن اسان ”دنيا“ جو تجزيو ڪريون ته واقعي اهو ڏسڻ ۾ ايندو ته روسو طرفان ٽي سئو سال اڳ جيڪو فلسفو پيش ڪيو ويو، اهو اڄ به ساڳيو ئي آهي ۽ انسان ويچارو زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي. انسان انهن زنجيرن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندو به رهيو آهي، پر اهي زنجيرون ايتريون ته مضبوط آهن جو انهن کي ٽوڙڻ في الحال ناممڪن آهي. مثال طور رسم ۽ رواج، معاشرتي، سياسي يا مذهبي وغيره. پر هاڻي انهيءَ ۾ ”معاشي“ زنجيرن جو پڻ اضافو ڪيو ويو آهي.

    پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪجهه ڏينهن اڳ 685 ارب رپين جي خساري واري بجيٽ پيش ڪئي آهي ۽ انهيءَ بجيٽ پيش ڪرڻ کان اڳ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي ”ويٽ“ ۽ ”پيٽ“ طوفانن جو ذڪر به ٿيندو رهيو. پيٽ طوفان ته پنهنجو وارو وڄايو، نتيجي ۾ ٺٽي ۽ بدين جا سوين ڳوٺ پاڻي جي ور چڙهيا ۽ هزارين ماڻهن لڏ پلاڻ ڪئي، ۽ گهڻن ته پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏڻ کان اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته ڪيمپن ۾ رهڻ کان بهتر آهي ته پنهنجي گهر ۾ رهجي. هاڻي جڏهن ”پيٽ“ طوفان ختم ٿي چڪو آهي ۽ ماروئڙا پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي رهيا آهن ته ظاهر آهي ته اتي هاڻي هنن لاءِ ڪجهه به نه بچيو هوندو، نه گهر، نه زمينون ۽ نه وري هوڙا، اهڙي ڏکوئيندڙ موقعي تي صدر آصف علي زرداري طوفان جي متاثرين جي هر ممڪن واهر ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. هاڻي ذميوارن تي اها وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اهي اصل متاثرين کي معاوضو ڏيارڻ لاءِ سچائي سان پنهنجي ذميواري پوري ڪن، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ اهو ٿيندو آيو آهي ته اصل متاثرين اهڙي حڪومتي امداد کان محروم رهجي ويندا آهن ۽ کيسا وري ٻين جا گرم ٿيندا آهن، جنهن سان حڪومت جي بدنامي ٿئي ٿي. نه صرف انهن متاثرين جي مالي سهائتا ڪئي وڃي، پر سندن زمينن کي ٻيهر آباد ڪرڻ جي پڻ حڪمت عملي جوڙي وڃي، جيئن اهي متاثر ماڻهو پنهنجو گذر سفر ڪري سگهن.

    ”پيٽ“ وارو طوفان ته ختم ٿي چڪو آهي، پر ”ويٽ“ (ويليو ايڊيڊ ٽيڪس) وارو طوفان اڃا عوام جي سر تي آهي، جنهن جي اها اڳڪٿي ڪئي پيئي وڃي ته اهو طوفان ٽن مهينن کانپوءِ ايندو، ڇا اهو طوفان پيٽ واري طوفان کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي؟ انهيءَ جي باري ۾ گهڻا ئي تجزيا پيش ٿي رهيا آهن. ڪنهن جو چوڻ آهي ته ويٽ جي طوفان اچڻ سان مهانگائي جو پڻ هڪ وڏو طوفان ايندو، پر وري ٻين جو چوڻ آهي ته انهيءَ سان معيشت مستحڪم ٿيندي. معيشت مستحڪم يا زوال پذير ٿيندي؟ انهيءَ جا نتيجا ڪجهه مهينن اندر ضرور ظاهر ٿيندا، پر پاڻ وري اچون ٿا روسو جي انهيءَ فلسفي طرف ته ”انسان اڄ به زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي“. مون جيئن مٿي اهو ذڪر ڪيو ته ٻين زنجيرن کان علاوه هڪ ٻئي زنجير ”معاشي زنجير“ جو پڻ اضافو ٿي چڪو آهي. اها معاشي زنجير آءِ ايم ايف جي آهي، جنهن جي باري ۾ اهو چيو وڃي ٿو ته موجوده بجيٽ آءِ ايم ايف وارن تيار ڪئي آهي، سندن ئي شرطن تي ”ويٽ ٽيڪس“ لاڳو ڪرڻ جون تياريون زور شور سان جاري آهن.

    ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن جو جيڪڏهن پوتا ميل ڪبو ته خبر پوندي ته اهي ملڪ آءِ ايم ايف جي ڪڙي گوري کائڻ جا عادي ٿي چڪا آهن، ۽ وقت آهر بيماري جي ”ڦڪي“ ان اداري کان وٺندا به رهيا آهن. پاڪستان پڻ اڄڪلهه انهيءَ بيماري ۾ جڪڙيل آهي. ڪجهه هفتا اڳ ويٽ ٽيڪس جي نفاذ لاءِ جڏهن صوبن کان راءِ ورتي ويئي ته سنڌ حڪومت انهيءَ جي نفاذ جي سخت مخالفت ڪئي، گڏوگڏ سنڌ اسيمبلي ۾ تکيون تقريرون پڻ ڪيون ويون ته انهيءَ ٽيڪس کي نافذ ٿيڻ نه ڏنو ويندو. اهڙي جٽادار موقف وٺڻ تي سنڌ جي عوام طرفان کين شاباسون پڻ ڏنيون ويون. پر وري سندن موقف ۾ ماضي وانگر اوچتو ”لچڪ“ ۽ تبديلي پڻ اچڻ شروع ٿي ويئي آهي ته چئن خدمتن تي اوڳاڙي جو اختيار وفاق وٽ رهندو ۽ باقي سنڌ صوبو اوڳاڙي ڪندو.

    سنڌ حڪومت جي اهڙي ڦرندڙ موقف کانپوءِ ويتر روسو جو فلسفو ته انسان زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي، وڌيڪ چٽو ٿي سامهون آيو آهي. مطلب ته سنڌ حڪومت مرڪز وٽ زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي ۽ مرڪز آءِ ايم ايف وٽ. وري جيڪڏهن آءِ ايم ايف کي ڏسون ته اهو ”وائيٽ هائوس“ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي، ڇاڪاڻ ته آءِ ايم ايف جي ”پول“ ۾ سڀني کان وڌيڪ رقم آمريڪا بهادر جمع ڪرائي ٿو ۽ ان جي پاليسين تحت ئي ملڪن کي قرض ملي ٿو. اڃا به انهيءَ فلسفي کي چٽو ائين ڪجي ته اهو بلڪل ائين آهي، جيئن اڄڪلهه خلق خدا ”ڀوتارن“ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي. جيڪڏهن ايڪهين صديءَ ۾ به خلق خدا آزاد ناهي، حڪومتون آزاد ناهن ته پوءِ جيڪو ستون مالياتي ايوارڊ ڪجهه مهينا اڳ پڌرو ٿيو آهي، انهيءَ جو ڇا حشر ٿيندو؟ صوبن کي ڪيتري خودمختياري ملندي؟ اهو سمجهڻ ڪو ڏکيو ناهي.

    جيڪڏهن چئن خدمتن تي اوڳاڙي جا اختيار مرڪز کي ملن ٿا ته پوءِ اين ايف سي ايوارڊ جي ڪهڙي حيثيت رهندي؟ ڇا صرف صوبا اين ايف سي ايوارڊ جي شيلڊ يا فوٽن کي وزير اعليٰ هائوس جي ديوارن جي زينت بڻائيندا ۽ فوٽو کي ڏسي خوش ٿيندا رهندا؟ تازو اها به خبر ملي آهي ته وفاقي حڪومت پنجاب جي مطالبي تي سنڌ کي خدمتن تي ٽيڪس اوڳاڙڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي جي حڪومت تي اها وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته جيڪا بجيٽ پيش ڪئي ويئي آهي، اها صرف انگن اکرن جي جادوگري تائين محدود نه هجي، پر حقيقي طور تي انهيءَ مان عوام کي لاڀ پڻ ملڻ گهرجي. اهڙيون معاشي پاليسيون نه ٺاهيون وڃن. جيڪي عوام جي امنگن جي خلاف هجن ۽ جيڪا ”ويٽ“ طوفان ٽن مهينن کانپوءِ اچڻ جي پيشنگوئي ڪئي پيئي وڃي، انهيءَ کي پڻ ٽارڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ ٻيون جيڪي هلندڙ سال ”مني بجيٽ“ پيش ٿينديون، انهن تي پڻ ضابطو آندو وڃي، جيئن عوام جي معاشي حالت سڌري سگهي. معاشي حالت صرف ٽيڪس لڳائڻ سان سڌري نٿي سگهي، پر ٽيڪس چورن کي پڻ ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻو پوندو، جنهن جي نشاندهي وزير خزانه حفيظ شيخ پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ڪئي آهي، گڏوگڏ حڪومت کي اهو پڻ ثابت ڪرڻو پوندو ته سندس معاشي پاليسيون نه آءِ ايم ايف يا ٻين مالياتي ادارن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهن، پر ”روسو“ جي شروعاتي فلسفي جي روشني ۾ ”آزاد ۽ خودمختيار“ پڻ آهن. جڏهن حڪومت انهيءَ ”ويزن“ تي سچائي سان ڪم ڪندي ته يقينن اسان نه صرف پنهنجي عوام کي غربت، بيروزگاري، بک، جهالت، بدحالي ۽ ڪرپشن جي زنجيرن مان آزادي ڏياري روسو جي فلسفي جي ان حصي کي ”غلط“ ثابت ڪري سگهون ٿا، ته انسان زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي، پر ”پيٽ“ ۽ ”ويٽ“ جهڙن طوفانن جو مقابلو پڻ ڪري سگهون ٿا.


    drmussarat_hussain@hotmail.com

    روزاني ڪاوش جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو