شرف نظاماڻي : انسانيت جو قائل شاعر اعظم ڀٽي ” اڄ اُٿڻ سان اوهانجي شاعري ۾ ڳچ وقت گُم ٿي ويس ، سچ ته تخليقي طور قدرت اوهان تي گهڻي مهربان آهي . شال اهو سلسلو قائم رهي ! منهنجي راءِ موجب موجوده دور جا نالي چڙهيا شاعر اوهان آڏو ٻُڙي آهن ، پوءِ اهو آسي هجي يا حافظ ! آئون ان راءِ کي منظوم صورت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس . باقي هڪ ڳالهه ! پنهنجي احساسن کي تخليقي شڪل ۾ آڻڻ کان پوءِ ان بابت ڪنهن جي به پرواهه نه ڪريو ! اهو سڀ ڪجهه هن قادر مطلق جي ئي رضا سان اوهان جو قلم تحرير ڪري ٿو، سو ٻئي جي دليلن تي ڌيان نه ڌريو ، مالڪ ئي رهنمائي ڪندو . فني طور ايڏي پختگي ! سبحان الله ! “ سنڌ جي هڪ بهترين شاعر جو موبائيل پيغام وسيلي موڪليل اهو رايو پڙهي هن کي الاءِ ڇا ٿي ويو ۽ صفا ننڍڙي معصوم ٻار جيان اوڇنگارون ڏئي روئندو رهيو ، لڙڪن جي اها آلاڻ اڃا به سندس اکڙين ۾ پذيرائي جي سيلاب جيان بيٺل آهي . لڙڪن جي اها آلاڻ به ته کيس جنم جنم کان ورثي ۾ ملي آهي ، پنهنجي مزاج ۾ فقيري جو ڀنڊار بڻيل ، حيدرآباد _ بدين روڊ تي گاجا واهه جي ڪنڌيءَ تي 8 اپريل 1981ع تي ڳوٺ الهرکيو نظاماڻي ۾ هڪ مسڪين تاج محمد نظاماڻي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ٻارڙي محمد خان عرف شرف نظاماڻي کي اها خبر نه هئي ته سنڌي شاعريءَ جي آسمان تي پنهنجو وجود رکندڙ لکين شاعرن جي ستارن واري جهرمٽ ۾ سندس به ڪا لِڪل جڳهه مخصوص ٿيل آهي جتي شاعر شرف نظاماڻي جي نالي جو بورڊ نثار کوکر کان وٺي اصغر ڀٽي تائين سنڌ جي انيڪ ليکڪن ۽ شاعرن جي دلين تي اُڪريل آهي ، پنج درجا پاس شرف نظاماڻي شاعري جي شروعات سن 2000ع ڌاري ڪئي پر ناماچاري واري گهوڙي تي چڙهڻ کان هي فقير ماڻهو هميشه لنوائيندو رهيو آهي پر ڏات جي ڪُني جڏهن اُڀامندي آهي ته ان جي خوشبوءَ کي ڪير به ڪٿي به قيد نه ڪري سگهندو آهي . ان جي باوجود جو هن پاڻ کي هڪڙي مخصوص ماحول جو قيدي بڻائي ڇڏيو هو پر سندس خيالن جي خوشبوءِ کيس تنهائي واري ان ماحول مان ڇڪي ٻاهر ڪڍي آئي، هاڻي اهو شاعر شرف نظاماڻي گاجا واهه جي ڪنڌيءَ ڪراس ڪري هر روز نين موسمن جا نياپا کڻي اکين جي عبادت جو فرض ادا ڪندو وتي. دلربا جي بيوفائي هن جي زندگيءَ ۾ ستارن جي سُڏڪي جيان ڀل وسيل هجي پر راز جي ان چادر کي هن ڪڏهن به ميرو ٿيڻ نه ڏنو آهي ، هو عاشقي جو غم پي ، هن سان مِلي هُو ٿي ويو آهي، حق جي راهه کي سمجهي هو هر پل دردن جي آڙاهه مان گذري ٿو، حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته خيالن جي خوبصورت خوشبوءَ جهڙي بازار پنهنجي اندر ۾ سجائي هي فقيرمنش انسان اڄ به صرف هڪ ئي ڪاري وڳي ۾ دوستن جي درن تي ڀيرا ڀڃيندو رهي ٿو، اهو ئي هڪ ڪارو وڳو ميرو ٿيڻ کانپوءِ وري پاڻ ئي ڌوئي صاف ڪري پنهنجو تن ڍڪي ٿو ، خبر ناهي زندگيءَ جي ڪهڙي وارتا کيس وشنو بنائي ڇڏيو آهي جو هو گوشت کائڻ کي به گناههِ ڪبيره سمجهي ٿو ، شايد هن ان فلسفي جو سُٽ سلجهائي ورتو آهي ته هڪ ساهواري کي ماري ان جي گوشت تي پنهنجو ساهه برقرار رکڻ وڏي ناانصافي آهي، ڀلي کڻي سندس ان عمل سان ڪو متفق ٿئي يا نه ٿئي پر هو ڪنهن جي پرواهه بغير پنهنجي ان ڪِرت تي اڄ به قائم آهي. هو طعامن جي طمع کان بيپرواهه بنجي پنهنجي وجود کي گوتم ٻُڌ جي وجود جهڙو ڪري چڪو آهي. هن جو خيال آهي ته مذهبي انتهاپسندي جي جن کي قابو ڪرڻ لاءِ هن در در تي جهول جهلي پڻڻو پوي ته هو پينو فقير به بڻجڻ لاءِ تيار آهي. بس انسان جي حقيقي انسانيت واري حيثيت سماج کي موٽي ملي . هو تذليل جي ڍير تي پنهنجي نفس کي هر وقت جهڪائيندو ٿو رهي ، متان گندگيءَ ما ن ڪو جوهر ملي پوي. هڏن جي مُٺ بڻيل هن شاعر جي شاعري جڏهن سلجهيل ماڻهن جي ڪنن جو سفر ڪري ٿي ته فتوائن جي هڪ وڏي سرد جنگ شروع ٿي وڃي ٿي . فتوى جي صاحبن لاءِ سندس چوڻ آهي ته فقير جو سِر هر وقت اڏي تي سينگاريل آهي ، جنهن کي به شوق آهي هو ان کي اهو موقعو فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ، ٿو اُٿي هو ننڊ جي خمار ۾ آرس ڀڃي ، رات جو آرام هن جي ڪر مٿان گهوري ڇڏيان . ڏاند ٿي ڏاندن سان ڏاندن جي پيو ٻولي ڪري ، بادشاهي تخت هاري هر مٿان گهوري ڇڏيان . منهنجو مقصد آهي آئون حق جي ڳولا ڪريان ، ڪيئن حياتي “ شرف” پنهنجي شر مٿان گهوري ڇڏيان . خوف جي ڪنهن به ڪاري رات کان بيپرواهه ٿي ، فتوائن واري فضا جي نشاندهي ڪندي هو بي ڌڙڪ چئي ٿو ته : ڪالهه مسجد اڄ وري مندر مان فتوى پئي اچي ، آ ڪافر وڏو گهر گهر مان فتوى پئي اچي . شهر جي ڪنهن چوڪ تي سنگسار منڪر کي ڪريو ، مشرڪن جي ڳوٺ جي در در مان فتوى پئي اچي . سندس خيالن جي اهڙي رواني تي ڪيترن ئي دوستن کيس “ ڪافر نظاماڻي “ جو خطاب پڻ ڏئي ڇڏيو ، “ هڪڙو نظاماڻي حافظ ته ٻيو نظاماڻي ڪافر” جهڙا ڪمينٽس به فيس بُڪ تي سندس شاعري جي پوسٽن تي براجمان ٿيڻ لڳا. پوءِ هن به چئي ڏنو ته : مسجدن ڳايا ڀڳت مندر جو سجدو ڪيئن لڳئي ، تون ٻڌائي يا خدا ! ڪافر جو سجدو ڪيئن لڳئي . تنهنجي اکڙين مان ملي سرمد کي آهي زندگي ، چئو اڀيڇند مست سوداگر جو سجدو ڪيئن لڳئي . شرف نظاماڻي جي شاعري ۾ انساني عظمت جو اظهار ۽ عشق حقيقيءَ توڙي عشق مجازيءَ جون روحاني رمزون به بيان ڪيل آهن، هو سمجهي ٿو ته انسان کي پنهنجي حقيقت ڏَسڻ سان جيڪڏهن ڪنهنجو ايمان ٽِڪي نٿو سگهي ته ان ۾ سندس ڪو به ڏوهه ناهي . جيڪڏهن حق جي ڳولا لاءِ حقيقي راهه ڏَسڻ سان کيس ڪافر چيو وڃي ته کيس ان جي ڪابه ڳڻتي ناهي، سندس نظر ۾ جيڪو ماڻهو ماڻهپي جو مانُ نٿو رکي سگهي ، ان جي سجدن جي يزدان کي ڪا به ضرورت ڪانهي. مان جڏهن پنهنجي حقيقت ٿو ڏسيان انسان کي ، ٿو چوي ڪافر اڳيان پنهنجي رکي ايمان کي . ماڻهپي جو مان رک تون صرف ماڻهو ٿي گذار ، تنهنجي سجدن جي ضرورت ڪا نه آ يزدان کي . شرف نظاماڻي مذهبي مت ڀيد کي ڪيترن ئي گهرن جي اُجڙڻ جو سبب سمجهي ٿو ۽ موت جي اهڙي سامان کي کڏ ۾ ڦٽو ڪرڻ جي صلاح ڏي ٿو. ڇاڪاڻ جو هو انسانيت کان مٿانهون ڪنهن به مذهب کي نٿو سمجهي. هو سمجهي ٿو ته خُدا ، مُلن جي سوچ کان بالاتر آهي ، مذهبن جي سوچ کان عشق بالاتر آهي، مئڪش جي سوچ کان جام جو رُتبو کيس وڏو لڳي ٿو. هو چوي ٿو ته دستار ٻڌي عالم ٿيڻ سولو آهي پر شريعت کي سمجهڻ ۽ پرورڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. شرف نظاماڻي جا خيال ۽ سوچون، اظهار جي آزادي جو هي طريقو ، هن وقت جي مُلين لاءِ ڄڻ ته تير آهن ، تلوارون آهن، ڀالا آهن . ٿا احمقن جي جنت ۾ هي ملان رهن سڀ ، کائي وٺون چون ٿا محشر ۾ ڇا رکيو آ . مستي ۾ “شرف” جيڪو مستان مست آهي ، ساقي جي آ ڪرامت ساغر ۾ ڇا رکيو آ . انسانيت کان نفرت کي هو دورِ حاضر جو وڏو الميو سمجهي ٿو، انسانيت جو ڪو ڌڻي سائين نه ڏسي ، هو پٿرن کي سجدا ڪرڻ تي حيران ٿي چوي ٿو ؛ پِٽيو سينو ، وڏو هي الميو آ دورِ حاضر جو ، نڪي آ تڙ ڌڻي اڄ ڪو نه ڪا نوري نماڻي آ . گهڻو حيران آن ماڻهو ڪري پٿر کي ٿو سجدا ، هتي انسان جي اشرف هجڻ جي ٿي پڄاڻي آ . هونئن به باغي ڪردار هن سماج ۾ ڪو معمولي مقام نه آهي، جيڪو هڪ ڏينهن جي محنت يا ڪثرت سان ملي وڃي، باغي ماڻهو جو رويو ذاتي زندگيءِ کان وٺي سماج تائين بنهه مختلف، غير معمولي ۽ باغياڻو رهي ٿو، باغي اڏوهي کاڌل سماج ۾ رهي ڪي نوان گس، لاڙا ، اصول ۽ عادتون متعارف ڪرائيندو آهي، جيڪي سماج ۾ گهڻو ڪري ڏاڍا ڏکيا لڳندا آهن پر پوءِ سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جي اڪثريت انهيءَ باغي روش جا عادي ٿي ويندي آهي، جيڪا صورتحال اڄ هن ماحول ۾ اسان جي آڏو جلال ۽ جمال جي صورت ۾ عيان آهي ، بس اميد اها آهي ته ڪٽرپڻي واري هن سماج ۾ انسانيت جو مانُ مٿانهون ڪرڻ لاءِ اهڙن انسانن جي محنت ڪو مهذب رنگ لاٿو ته معاشرو تمام گهڻي گندگي کان صاف ۽ پاڪ ٿي ويندو ، جنهن ۾ اسان جي ايندڙ نسلن کي نڪ تي هٿ ڏئي هلڻو ڪونه پوندو. يقين ڄاڻو انسانيت جي مرتبي جي لڄ خاطر هي سجاڳيءَ جو سفر انتها پسندي جي عمارت لاءِ زلزلو ثابت ٿيندو.