1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 45000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 45,000
    28000
  2. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  3. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

سيدنا ابوبڪر صديق رضي الله عنه جن جي شان نزول ۾ قرآن پاڪ ۾ مذڪور محبوب دعا

'قرآن مجيد' فورم ۾ عبدالغني لوهار طرفان آندل موضوعَ ‏25 ڊسمبر 2015۔

  1. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,170
    ورتل پسنديدگيون:
    5,175
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    [​IMG]
    ۽ ماڻهونءَ کي پنهنجي ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حڪم ڪيوسين ، جو اوکائي سان سندس ماءُ کيس پيٽ ۾ کنيوآهي ۽ اوکائيءَ سان کيس ڄڻيو آهي ۽ انجو پيٽ ۾ کڻڻ ۽ انجو کير کان ڇڏائڻ ٽيھ مهينا آهي تان جو جڏهن پنهنجي جوانيءَ کي پهتو ۽ چاليھ ورهين کي پهتو تڏهن چوندو آهي ته ، اي منهنجا پالڻهار مونکي توفيق عطا ڪر ته تنهنجي انهيءَ نعمت جو شڪر ڪريان جيڪا مونتي ۽ منهنجي والدين تي انعام ڪئي اٿئي ۽ اهڙا چڱا ڪم ڪريان جن کان راضي رهين ۽ منهنجي اولاد مون لاءِ سڌار ، بيشڪ آءُ توڏانهن موٽيس۽ بيشڪ آءُ مسلمانن مان آهيان .
    سوره الاحقاف آيت 15

    شانِ نزول ؛ هيءَ آيت سيدنا ابوبڪر صديق اڪبر رضي الله عنه جن جي شان ۾ نازل ٿي ، سندن عمر مبارڪ پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن کان ٻه 2 سال گهٽ هئي ، جڏهن سندن عمر مبارڪ 18 سال هئي ته انوقت کان پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن جي صحبت اختيار ڪيائون ، جڏهن پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن جي عمر مبارڪ 40 سال هئي ۽ الله پاڪ سندن نبوت ۽ رسالت سان سرفراز فرمايو ته حضرت ابو بڪر صديق اڪبر رضي الله عنه سندن ايمان آندو انوقت سندن عمر مبارڪ 38 سال هئي جڏهن سندن عمر مبارڪ 40 سال کي پهتي ته انوقت ابوبڪر صديق اڪبر رضي الله عنه جن هيءَ دعا گهري .
    سندن اها دعا مستجاب ٿي ۽ الله پاڪ سندن حسن عمل جي اُها دولت عطا فرمائِي جو سڄي امت جا عمل سندن هڪ عمل جي برابر نه ٿي سگهيا ! ۽ سندن نيڪين مان هڪ نيڪي اها به آهي ته پاڻ نون مسلمانن جيڪي ايمان آڻڻ جي ڪري تڪليف ۾ مبتلا هيا انهن کي آزاد ڪرايو جن حضرت بلال رضي الله عنه جن به هئا !
    ۽ اها دعا به قبول ٿي جو سندن سموري اولاد مومن آهي ۽ انهن ۾ ام المومنين بيبي عائشه صديقه رضي الله عنها جو مرتبو بلند ڪيو ۽ سڀني عورتن تي سندن فضيلت عطا ڪئي وئي ! ۽ سندن والدين به مسلمان ۽ صاحبزادا محمد ۽ عبدالله ۽ عبدالرحمان رضي الله عنهم به مسلمان ۽ صاحبزاديون به مسلمان حضرت عائشه ۽ حضرت اسماءُ ، الله پاڪ انهن کان راضي رهيو ۽ سندن پوٽا محمد بن عبدالرحمان رضي الله عنه ، اهي سڀئي مومن ۽ شرف صحابيت کان مشرف آهن ! سندن کان علاوه ڪو به اهڙو ناهي جنهنکي اها سعادت حاصل هجي ته ان جا والدين ۽ پاڻ سندن اولاد ۽ پوٽا به اصحابي هجن ، چئن پيڙهين کي شرف صحابيت حاصل هيو.
     
  2. شبير ساگر

    شبير ساگر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جنوري 2013
    تحريرون:
    100
    ورتل پسنديدگيون:
    134
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪوٽ عالم ضلع ٺٽو (هاڻي ضلع سجاول)
    سبحان الله
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو