جامي چانڊيو ڇا سنڌ ۾ ٽيون آپشن نٿو اُڀري سگهي؟

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 جنوري 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڇا سنڌ ۾ ٽيون آپشن نٿو اُڀري سگهي؟

    جامي چانڊيو

    سنڌ ۾ پير صاحب پاڳاري جي سربراهيءَ ۾ ٺهيل “گرينڊ الائنس” جي قيام ۽ اُن ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌ يونائٽيڊ پارٽيءَ جي شموليت کانپوءِ ان حوالي سان جتي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪرپٽ ۽ نااهل حڪمرانيءَ، ان جي سامهون جوابي اقتدار پرست ۽ موقعي پرست وڏيرڪي سياست بابت هر سطح تي بحث مباحثا شروع ٿيا آهن، اُتي هڪ ڀيرو وري سنڌ ۾ قومي سياست جي حال ۽ آئيندي ۽ سنڌ ۾ ڪنهن امڪاني “ٽئين آپشن” تي سوال پڻ اُٿي رهيا آهن. جيتوڻيڪ گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته سنڌ جون موجوده اڪثر قومپرست يا روشن خيال ڌريون هاڻي پنهنجو ڏَپُ ڏيئي چڪيون آهن ۽ سندن موجوده قيادت توڻي تنظيمي بيهڪ ۽ سياست جي انداز کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته:

    نہ خنجر اٹھے گا نہ تلوار ان سے،
    یہ بازو میرے آزمائے ہوئے ہیں۔

    پر مان بنيادي طور هڪ اُميد پسند ماڻهو هئڻ سبب اهڙي حتمي ۽ فيصله ڪن راءِ ڏيڻ کان هميشه ڪيٻائيندو رهيو آهيان، ان جو سبب شايد رڳو منهنجي اُميد پسندي نه پر معروضيت پسندي پڻ آهي ۽ مان شين جي سطحي ڏيک يا موجوده حالتن بجاءِ ان جي محرڪن ۽ اڻ دريافت ڪيل سَگهَه ۾ وڌيڪ ويساهه رکندو آهيان.
    سنڌ جي قومي سياست ڪندڙ تنظيمن جي موجوده اڳواڻن، تنظيمي بيهڪ، ڪارڪنن ۽ تنظيمي ادارن جي حالت يا پاليسين ۽ حڪمت عمليءَ سان ڪو کڻي ڪيترو به اختلاف ڇو نه رکي پر ان معروضي حقيقت کان ڪير به انڪار نه ڪري سگهندو ته جڏهن رياست ۾ قومي تضاد ايترو سگهارو هجي ۽ خود سنڌ اندر سنڌين جو قومي ۽ دائمي اڪثريتي وجود خطري ۾ هجي ته پوءِ تنظيمون ته وقتي طور ناڪام يا ڪمزور ٿي سگهن ٿيون پر سنڌ جي قومي سياست جا سگهارا محرڪ ڪمزور ٿي نه ٿا سگهن. افسوس اِهو آهي ته اسان جون قومپرست ۽ روشن خيال تنظيمون ان جي سببن تي غور ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ته جڏهن قومي ۽ حقيقي عوامي سياست جا محرڪ جيئرا ۽ سگهارا آهن ته پوءِ اُها سياست ۽ ان سياست جون واڳون سنڀاليندڙ تنظيمون ڪمزور ڇو آهن؟
    سنڌ جي قومي سياست کي جيستائين طبقاتي حوالي سان ٻن رُخن کان نه ڏسبو، تيسين سنڌ جي قومي سياست ۾ ڪوبه ڇال اچي، اهو ممڪن نه آهي، اُهي ٻه پاسا هي آهن:

    (1) سنڌ توڙي ان جي قومي سياست جو مطلب ان جو عوام آهي، جنهن جي وڏي گهڻائي هارين، مزدورن، نوجوانن، خواتين ۽ هيٺين وچولي طبقي تي مشتمل آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن به تنظيم يا سياست ۾ انهن جي نه رڳو موجودگي پر متحرڪ شموليت نه هوندي ته پوءِ اهو ممڪن ئي نه آهي ته اُها سياست پاڻ کي قومي سڏائي يا عوام جي نمائندگيءَ جي ڪابه دعويٰ ڪري. سنڌ ۾ گذريل پنجن ڏهاڪن کان سنڌ جي قومي سياست سماج جي انهن بنيادي حصن کي گڏ کڻڻ ۾ نه رڳو ناڪام وئي آهي پر حقيقت اِها آهي ته ان ڏِس ۾ ڪا پيرائتي، سنجيده ۽ لڳاتار توڙي منظم ڪوشش پڻ نه ٿي آهي. اسان جون قومي يا عوامي سياست ڪندڙ تنظيمون نوجوانن ۽ هيٺئين وچولي طبقي تي مشتمل چند هزار ۽ هاڻي ته چند سئو ڪارڪنن کي ئي پنهنجي اصل سياسي سگهه سمجهنديون رهيون آهن. اُهي ڪارڪن تنظيمن کي جيئرو رکڻ، جلسا جلوس منظم ڪرڻ ۽ اِشوز تي احتجاج جا بندوبست ڪرڻ ۾ ته اثرائتا رهيا آهن پر پارلياماني سياست ۾ ڪجهه ٻُوٽو ٻارڻ يا حقيقي معنيٰ ۾ عوامي سياست ڏانهن وِکَ وڌائڻ ۾ اُنهن جي قوت يا صلاحيت انتهائي ناڪافي آهي. چئن پنجن ڏهاڪن کان ساڳين دائرن ۾ ڦِرڻ سبب هاڻي ته اُنهن ڪارڪنن جي به وڏي حصي ۾ اُهو جوش يا تحرڪ نه رهيو آهي. اسان جي موجوده اڪثر قومي سياست ڪندڙ ڌرين جو هڪ بحران اِهو به آهي. اِهي ئي تنظيمون هيون جن گذريل چئن ڏهاڪن کان مسلسل جدوجهدون به ڪيون آهن، قربانيون به ڏنيون آهن، پورهيو به ڪيو آهي، ڪن وقتن تي عوام ۾ پنهنجي اها جاءِ به ٺاهي پر اڄ اُهي جنهن حالت ۾ آهن، ان جي سببن ۽ محرڪن تي ئي کين وڏيءَ سنجيدگيءَ ۽ حقيقت پسنديءَ سان غور ڪرڻو پوندو، جيڪو رويو منجهن سماج کي نظر نه ٿو اچي.
    (2) سنڌ جي قومي سياست کي اِهو پڻ سمجهڻو پوندو ته حڪمران طبقي جا پاڻ ۾ بظاهر کڻي ڪيترا به اختلاف ڇو نه هجن، سندن تنظيمون، نعرا ۽ نظريا مختلف ڇو نه هجن پر سندن بنيادي مفاد ڳُتيل، هڪٻئي سان ڳنڍيل، هڪٻئي تي مدار رکندڙ ۽ هڪٻئي جي وجود سان سلهاڙيل آهن. سنڌي وڏيرو ڪهڙو به روپ ٻهروپ ڪري، سندس “اندر” ساڳيو آهي. مون کي ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ تي حيرت ٿيندي آهي، جيڪا هڪ گهڻ طبقاتي پارٽي هوندي ۽ منجهس وچولي طبقي جو چڱو انگ هوندي به سياسي ڪردار اُهو ئي مُدي خارج، وڏيرڪو ۽ عوام کي اقتدار لاءِ ٺلهو استعمال ڪندڙ آهي. انهيءَ ڪري مان انهيءَ وڏيرڪي ڪلچر کي لوڻ جي کاڻ سمجهندو آهيان، جنهن ۾ جيڪو ويو سو ڳري ويو.
    جيڪڏهن ڪنهن کي اِها غلط فهمي آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي ڪرپٽ حڪمرانيءَ مان نجات پير صاحب پاڳارو، لياقت جتوئي، ارباب غلام رحيم، ممتاز ڀٽو ۽ ٻيا جاگيردار ۽ اسٽيبلشمينٽ جا حمايتي وڏيرا وٺي ڏيندا ته ان کي ڀورڙائي نه پر ڪو ٻيو نالو ڏيڻ گهرجي. سنڌ جي قومپرست ۽ روشن خيال سياست کي ان طبقي جي اندروني طبقاتي ۽ سياسي تضاد جو فائدو ضرور وٺڻ گهرجي پر ان جو حصو ٿيڻ کان مڪمل طور پاسيرو رهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ان طبقي زمانن کان وٺي سنڌ کي واري واري سان لُٽيو، ڦُريو ۽ تباهه حال ڪيو آهي. هنن جو پاڻ ۾ جهيڙو يا تضاد سنڌ، سنڌي عوام، سنڌ جي مالڪيءَ، ان جي نجات ۽ خودمختيار وجود يا ان جي اڏاوت جي خواب جي تدبيرن تي نه پر سنڌ کي وڌيڪ ڦُرڻ جي واري تي آهي. فرق رڳو اِهو آهي ته هڪ ڌر عوام کي ڌُتاري، کين لارا لپا ڏيئي سندن ووٽ معرفت اقتدار ۾ اچي ڀينگ ڪري ٿي ۽ ٻيو وڏيرڪو ٽولو اهو تڪلف به گوارا نه ٿو ڪري ۽ هو سڌو راولپنڊيءَ جي آشيرواد سان اچي ان مسند تي ويهي ٿو يا ويهڻ جا جتن ڪري ٿو. هنن جو اختلاف اِجهو ايترو آهي ته جيڪي اربين روپيا اڄ آصف علي زرداريءَ جي ٽولي ۽ سندن وزيرن جي کيسن ۾ وڃن ٿا، اُهي سندن ٽجوڙين ۾ وڃڻ گهرجن، باقي سنڌ جي ڀينگ ڪرڻ تي ٻنهي ٽولن جو غيرمعمولي اتفاق آهي، جيڪو بظاهر اختلاف جي صورت ۾ نظر اچي ٿو.
    اهو سوال ته سنڌ ۾ هنن عوام جو رَتُ پيئندڙ ٻن وڏيرڪن ٽولن کانسواءِ ڪو ٽيون آپشن به ممڪن آهي يا نه؟ ان جو جواب آهي ته ان ڏِس ۾ ڪنهن اڄ تائين ڪا وِکَ کنئي ئي ناهي ته پوءِ اِن آپشن مان آسرو ڪهڙو پلجي؟ جيڪا جنگ سنڌ ۾ اڃا ٿي ئي ناهي، ان ميدان مان تڏا ويڙهه ڇو ڪجي؟ سائين جي ايم سيد سڄو زور قومي سوال تي ڏنو ۽ طبقاتي سوال کي گهربل اهميت ڪڏهن به نه ڏني، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي وفات سان هاري ڪميٽي عملي طور بيهجي وئي، پليجي صاحب طبقاتي سوال کي تمام گهڻو چِٽو ته ڪيو ۽ ان تي تمام گهڻو لکيو پر هن عملي طور هارين ۽ مزدورن کي منظم ڪرڻ جي سياست تنظيمي صورت ۾ هڪ مختصر وقت لاءِ ڪئي ۽ پوءِ نقطهءِ نظر ته موجود رهيو پر عملي سياست جيڪا پنهنجي جوهر ۾ سچ پچ به طبقاتي هجي، اُها ٿي ڪونه. کاٻيءَ ڌر وارا پنج ڏهاڪا رڳو نظرياتي مغالطا سُلجهائڻ ۾ پورا هئا يا پاڻ وڌيڪ ان ۾ ڦاٿل رهيا- ته سوال آهي ته سنڌ جي وڏيرڪي طبقي ۾سرزمين تي هٿ وڌو ڪنهن آهي جو اُهو پنهنجو وجود خطري ۾ سمجهي ها! ٻئي طرف هيءَ رياست سدائين سندس جياپي لاءِ موجود رهي. ان ڪري مان سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ قومي سياست، طبقاتي سوال کي ڏيکاءُ خاطر ۽ رڳو نقطهءِ نظر جي حد تائين نه پر حقيقي طور کڻڻ کانسواءِ ڪي بنيادي وِکون کڻي ۽ عوامي سياست ۾ سرزمين تي پير ڌري، اهو ممڪن ئي نه آهي. ان ڏس ۾ ڪجهه تجويزون ۽ تدبيرون هيٺ ڏيان ٿو.

    (1) سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جي مخصوص حالتن ۾ وڏيرڪي سياست جو متبادل يا ٽيون آپشن هڪدم وڏيءَ سگهه سان نه اُڀرندو، اُهو مرحليوار اُڀرندو، ان ڪري عوام کي ٺلهي نعري بازيءَ ذريعي دوکو ڏيڻ يا پاڻ ڪنهن خود فريبيءَ جو شڪار ٿيڻ بدران معروضيت جي بنياد تي حقيقت پسند ٿيڻ جي ضرورت آهي. فقط اهو نقطهءِ نظر ۽ رويو ئي جٽاءُ ڪندو، جيڪو معروضي، حقيقت پسند ۽ اُصولي هوندو.
    (2) سنڌي سماج ۾ ويجهي مستقبل ۾ ڪنهن به هڪ وڏي قومي يا روشن خيال تنظيم جي اُڀرڻ جو امڪان نه آهي. ان ڪري ماضيءَ جا تجربا ڪامياب هجن يا نه- اها ڳالهه گهڻن کي وڻي يا نه پر في الوقت هڪ وسيع تر اتحاد سنڌ جي مزاحمتي ۽ سياسي سگهه کي منظم ڪرڻ جو واحد حل آهي.
    (3) اهڙي ڪنهن ڊگهي مُدي واري ۽ وسيع تر اتحاد جو آئين يا تنظيمي ضابطه اخلاق لازمي طور هئڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي قومي سياست کي حقيقت ۾ منشور نه پر آئين جي انحرافيءَ نقصان رسايو آهي. اهو آئين نه رڳو حقيقي طور جمهوري هجي، پر ان ۾ گڏيل اڳواڻيءَ ۽ شرڪت جا اُصول تمام چِٽا ۽ واضح هجن.
    (4) اهڙو اتحاد هڪ گڏيل منشور کڻي سامهون اچي، جنهن ۾ سنڌ جا بنيادي مفاد جهڙوڪ حقِ حڪمراني، دائمي اڪثريتي حيثيت، وسيلن جي مالڪي، ٻوليءَ جي قومي حيثيت، سنڌ جي وحدت ۽ سنڌ ۾ بهتر حڪمرانيءَ ۽ ميرٽ جي بحاليءَ جهڙا معاملا شامل هجن. سنڌ جي وفاق ۾ موجودگيءَ يا عليحدگيءَ جا سوال هن اتحاد کان پري هئڻ گهرجن ۽ ان لاءِ سموريون تنظيمون پنهنجي پنهنجي تنظيمي موقف تي ڪاربند هئڻ جون مجاز هئڻ گهرجن.
    (5) اهڙي اتحاد ۾ ڪجهه ساک وارا دانشور ۽ ٽيڪنوڪريٽ مبصر طور شامل هئڻ گهرجن، جيڪي اهڙي اتحاد کي پنهنجو فڪري سهڪار به آڇين ته منجهن ڪنهن امڪاني اختلاف جي نبيري لاءِ به اثرائتو ڪردار ادا ڪن.
    (6) اهڙو اتحاد رڳو روايتي جلسا ۽ جلوس نه ڪري پر هر شعبي ۾ سنڌ جو گڏيل موقف دليلن ۽ انگن اکرن سان تيار ڪري، سفارتي محاذ تي ملڪ ۽ دنيا اندر سنڌ جي ان موقف ۽ مفاد لاءِ پنهنجا انيڪ همدرد پيدا ڪري.

    سمورن صوبن جا مسلسل دورا ڪري ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته سنڌ ۾ عوام جي حقيقي اشوز جهڙوڪ زراعت، صحت، تعليم، روزگار ۾ ميرٽ، ترقياتي اسڪيمن جي نِگهباني، انساني حقن جي لتاڙ کي روڪڻ، قبائلي جهيڙن جي پُرامن نبيري ۽ هڪ سيڪيولر ۽ روشن خيال سنڌ جي اڏاوت لاءِ عملي تدبيرون کڻي سرزمين تي لهي.
    ياد رکڻ گهرجي ته ان سموري عمل دوران سموريون تنظيمون ۽ گروهه پڻ آزاد ۽ خودمختيار هوندا ته اُهي سنڌ ۾ عوامي تنظيم ڪاريءَ ذريعي پاڻ کي عوام آڏو هڪ سگهاري متبادل طور پيش ڪن. هر تنظيم لاءِ سنڌ هڪ کُليل ميدان هوندي ته اُهي پنهنجي اڳواڻيءَ جي معيار، تنظيمي صلاحيتن، ڪارڪنن جي تربيت، عوام سان رابطي ڪاري، درست نقطهءِ نظر ۽ سرزمين تي عملي ڪردار ذريعي تاريخ ۾ پنهنجو گهربل ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي اڳتي آڻين.
    ڇا موجوده حالتن ۾ بظاهر هن “يوٽوپيا” جهڙي خواب جي ساڀيان کي عملي تدبيرن ذريعي يقيني نه ٿو بڻائي سگهجي؟ منهنجو ويساهه آهي ته بڻائي سگهجي ٿو ۽ بڻائڻ گهرجي.

    jchandio@cpcs.org.pk
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو