جيڪڏهن توهان ڪمپيوٽر ماهر ناهيو ته ڇاٿيو..؟ دوستن کي بيوقوف ته بڻائي سگهو ٿا.. :)

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2016۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جيڪڏهن شرارتون نه ڪجن ته هوندر زندگي ڦڪي ڦڪي ۽ بي مزا لڳي... مون کي ياد آهي ته ڪمپيوٽر جي سکڻ جي شروعات کان ئي دوستن کي تنگ ڪندو رهيو آهيان .. جنهن سان اصل مزو اچيو وڃي..
    هتي توهان اڳيان ڪجهه اهڙيون ٽرڪس ونڊ ڪبيون جنهن کان پوءِ کڻي توهان سليمان وساڻ وانگر پاڻ کي ڪمپيوٽر جو ماهر نه سڏائيندا هجو پر توهان جا دوست توهان کي ماهر ئي سمجهندا...
    هنن ٽرڪس تي عمل ڪرڻ کان اڳ ڪجهه شيون ذهن ۾ رکو ته توهان جا دوست توهان سان ناراض پڻ ٿي سگهن ٿا.. تنهن ڪري هي ٽرڪس صرف هجائتن دوستن تي آزمائجو...

    ********

    پهرين ٽرڪ
    دوست جو ڪمپيوٽر پنهنجو نه سمجهو.. سندس ننڍي ڪمپيوٽر کي وڏو ڪريو...
    :)
    ونڊوز ڪي بٽڻ کي دٻائيندي + پلس بٽڻ کي ٽي چار دفعا دٻايو...


    [​IMG]

    جيڪڏهن وڌيڪ مرچ مصالحو به وجهڻ چاهيو ته CTRL+Alt+I به پريس ڪريو..


    [​IMG]


    ان سان ڪمپيوٽر اسڪرين سان جيڪو حشر ٿيندو ته توهان جو دوست اسڪرين کي ٻيهر درست ڪرڻ لاءِ اصل ٻانهون ٻڌڻ جهڙو ٿي ويندو... :)

    ۽ پوءِ ٻيهر واپس ورائڻ به سيکارجي ٿو ان کان اڳ جو توهان به هتي ٻانهون ٻڌڻ شروع ڪريو... :)
    هڪ دفعو وري CTRL+Alt+I پريس ڪريو ۽ ونڊوز ڪي کي پريس ڪندي ڪاثو - بٽڻ کي ٽي چار دفعا دٻايو...

    [​IMG]
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ٽرڪ نمبر 2
    سڀني فيس بوڪ دوستن کي هڪ ئي دفعو بيوقوف بڻايو..
    :)

    فيس بوڪ تي اسٽيٽس اپڊيٽ ڪريو ته ”دوستو هيٺين همراهه کي بلاڪ ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪريو... http://facebook.com/profile.php?=119277941“

    هاڻي ٿيندو ائين ته توهان جا دوست جڏهن لنڪ تي ڪلڪ ڪندا ته ريڊائريڪٽ ٿي هو پنهنجي ئي پروفائيل تي پهچندا.. يقينن هو پنهنجي پروفائيل کي ڏسي وائڙا ٿي ويندا ۽ موٽ ۾ توهان کي ست سريون ٻڌائيندا... پر توهان ته بلڪل نه گهٻرائيندو جو توهان شرارت ڪرڻ جو منصوبو جو جوڙي ورتو آهي... :)
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ٽرڪ نمبر 3
    دوست جي ڊيسڪٽاپ کي فريز ڪريو.. :)

    دوست غير موجودگي ۾ ان جي ڪمپيوٽر جي ڊيسڪ ٽاپ تي پهچي پرنٽ اسڪرين بٽڻ دٻايو.. پوءِ پينٽ پروگرام کولي Ctrl+V پريس ڪندي ڪاپي ڪيل ڊيسڪٽاپ اسڪرين کي پيسٽ ڪريو ۽ ڪمپيوٽر ۾ ڪاٿي به تصوير کي محفوظ ڪريو..
    جنهن کانپوءِ محفوظ ٿيل تصوير تي مائوس ذريعي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪري set as Desktop Background چونڊيو..


    [​IMG]



    هاڻي ڊيسڪٽاپ تي اچو ۽ مائوس ذريعي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪريو .. کلندڙ پاپ اپ مينو منجهان View تي ايندي Show Desktop Icons جي چيڪ کي ان چيڪ ڪريو..


    [​IMG]



    بس توهان ڪري ورتو.. هاڻي توهان جو دوست ڊيسڪٽاپ تي ڪلڪ ڪندي ڪندي ٿڪجي پوندو .. پر مجال آ جو ايڪشن ٿئي... بس پوءِ اسان واري دوست عرس پريو وانگر هر مسئلي جو آخري حل ونڊوز ڪرڻ بابت سوچيندو ... يا وري ڪن پڪڙيندي توهان کان ڪمپيوٽر ٺيڪ ڪرڻ جي درخواست ڪندو... :)
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏17 جنوري 2016
    Ramzan Atta Dal، شبير ساگر، عبيد ٿھيم ۽ 3 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  4. محمد راشد شر

    محمد راشد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2015
    تحريرون:
    214
    ورتل پسنديدگيون:
    279
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    لکپڙه
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڳالهيون مڙئي چڱيون آهن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون

    عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 سيپٽمبر 2013
    تحريرون:
    176
    ورتل پسنديدگيون:
    334
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    گاه پٺو
    ماڳ:
    پاٽويون
    زبردست يار، توھانجي اھڙن ٽپس جو سدائين انتظار ھوندو آھي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ٽرڪ نمبر 4
    وائرس مليو آهي... هارڊ ڊسڪ کي فارميٽ ڪيو پيو وڃي..
    :)

    هيٺيون ڪوڊ ڪاپي ڪري نوٽ پيڊ پروگرام کولي ان ۾ پيسٽ ڪريو ۽ فائيل کي photos.vbs جي نالي سان ڪمپيوٽر اندر ڪنهن جاءِ تي محفوظ ڪريو...

    پي ايچ پي:
    X=MsgBox("Error while opening.Do you want to fix this problem?",4+64,"My Computer")
    X=MsgBox("This problem can not be fixed!",0+48,"My Computer")
    X=MsgBox("Virus Detected on Your Computer! Do you want to scan your PC?",3+16,"Virus Alert")
    X=MsgBox("Access Denied!Virus is Activated",2+16,"Virus Alert")
    X=MsgBox("Virus is copying Your Passwords.........",2+48,"Virus is Activated")
    X=MsgBox("Deleting System Files..........",2+16,"Virus is installed on Your System")
    X=MsgBox("Trojand78.dll is deleting your files.Do you want to stop this?",4+32,"Window Defender")
    X=MsgBox("Access Denied! Your Computer is infected",0+16,"Virus Alert")
    X=MsgBox("You can not access your computer anymore",2+16,"Your Computer is Hacked")
    هاڻي ان فائيل جو شارٽ ڪٽ ڊيسڪٽاپ تي بڻايو جنهن کي ري نيم ڪندي ڪو نالو ڏيو.. (نوٽ: دوست جي عادت ۽ طبيعت کي نظر ۾ رکندي leaked pics يا personal folder طور نالو پڻ رکي سگهجي ٿو :) )

    فائيل جو آئڪان مٽائي ڪو اعتبار جوڳو آئڪان جهڙوڪ فولڊر آئڪان لڳايو.. (نوٽ: چاهيو ته وڌيڪ حقيقت پسندي ڏيکاريندي گوگل ڪروم يا فائرفاڪس برائوزر جو آئڪان پڻ رکي سگهو ٿا..:) )


    [​IMG]


    فائيل کي وڌيڪ سچو بنائڻ لاءِ فولڊر آپشن ۾ وڃي فائيل ايڪسٽينشن کي لڪايو.. :)

    يقينن توهان جو دوست فائيل کي کوليندي ئي پريشان ٿي ويندو ڇو ته هن اڳيان هڪ ايرر باڪس ظاهر ٿيندو جيڪو ٻڌائيندو ته ”وائرس مليو آهي.. جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ توهان جي هارڊ ڊسڪ کي فارميٽ ڪيو پيو وڃي..“
     
    Ramzan Atta Dal، عبيد ٿھيم ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
  8. محمد راشد شر

    محمد راشد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2015
    تحريرون:
    214
    ورتل پسنديدگيون:
    279
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    لکپڙه
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    تمام بهتر ڳالهيون...
     
  9. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ڪجهه به چئو پر عرس به هاڻ واڍڪو ڪم خوب ڄاڻي;). باقي سليمان جي ڳالهه ڪريو... دري لڳائڻ اڃا تائين ڪونه اچيس.. :D:D
     
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ٽرڪ نمبر 4 جن نه پڙهي آهي .. سي ٻيهر پڙهن.. :)

    ٽرڪ نمبر 5
    توبهه... هي ڪمپيوٽر کي ڇا ٿيو..؟
    :)

    ڪيبورڊ تان Shift + Alt + Print Screen دٻايو.. (مزي جي ڳالهه اها آهي ته هي ڪمانڊ ان وقت به ڪم ڪندي آهي جڏهن ڪمپيوٽر جي اسڪرين لاڪ هجي... :) )


    [​IMG]


    اسڪرين کي واپس ساڳي شڪل ۾ آڻڻ لاءِ هڪ دفعو وري ڪيبورڊ تان Shift + Alt + Print Screen دٻايو.. :)
     
    Ramzan Atta Dal هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ٽرڪ نمبر 6
    دوست جي پسنديده سائيٽ بلاڪ ڪريو.. :)


    ماءِ ڪمپيوٽر کولي ايڊريس بار ۾ C:\Windows\System32\Drivers\etc\hosts پيسٽ ڪري انٽر ڪريو يا windows key + R دٻائي Run پروگرام کوليو.. جتي C:\Windows\System32\Drivers\etc\hosts ڪاپي ڪري پيسٽ ڪريو ۽ انٽر بٽڻ پريس ڪريو..


    [​IMG]


    توهان کان فائيل کولڻ لاءِ پروگرام پڇيو ويندو.. Notepad پروگرام چونڊي انٽر پريس ڪريو.. کلندڙ فائيل جي آخر ۾ هيٺين لائين پيسٽ ڪريو..

    پي ايچ پي:
    127.0.0.1 facebook.com

    [​IMG]


    فائيل کي محفوظ ڪريو.. جنهن کان پوءِ توهان جو دوست پنهنجي پسنديده ويب سائيٽ فيس بوڪ کولي نه سگهندو.. :)

    نوٽ: ساڳي فائيل مان اها لائين ڊيليٽ ڪري محفوظ ڪرڻ سان ڪمپيوٽر تي ٻيهر فيس بوڪ هلائي سگهبو.. :)
     
  12. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ٽرڪ نمبر 7
    ڪمپيوٽر قابو کان ٻاهر


    هيٺيون ڪوڊ ڪاپي ڪري نوٽ فائيل ۾ پيسٽ ڪريو ۽ prank.bat سان ڊيسڪٽاپ تي محفوظ ڪريو..
    پي ايچ پي:
    :a
    start 
    %0
    goto a
    توهان جي دوست جيڪڏهن غلطيءَ سان به ان فائيل کي کوليو ته سندس ڪمپيوٽر ڪمانڊ پرامپنٽ جون ايتريون ونڊوز کلڻ شروع ٿينديون جنهن کي بند ڪرڻ ممڪن ئي نه رهندو... تان جو پي سي ڪريش ٿي ويندو جو اهڙو لڳاتار عمل سسٽم ميموري کي منجهائي وجهندو..


    [​IMG]


    پريشان نه ٿيجو جو اهو عمل ڪمپيوٽر لاءِ نقصان ڪار ناهي..:)

    حل: ڪمپيوٽر کي هٿرادو پاور آف بٽڻ دٻائي ٻيهر آن ڪريو..:)
     
    Ramzan Atta Dal هيء پسند ڪيو آهي.
  13. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ٽرڪ نمبر 8
    ڊيٿ اسڪرين سيور


    دوست جي غير موجودگي ۾ بلو ڊيٿ اسڪرين سيور انسٽال ڪري ڇڏيو..


    [​IMG]


    ۽ پوءِ جڏهن ڪم ڪندي جڏهن رڪندو ته سندس جون رڙيون ٻڌڻ تي کل روڪڻ جي مشق ڪريو.. :)
     
    Ramzan Atta Dal هيء پسند ڪيو آهي.
  14. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ٽرڪ نمبر 9
    برائوزر آ يا شٽ ڊائون جو بٽڻ


    ڊيسڪٽاپ تي موجود برائوزر آئڪان تي مائوس ذريعي ساڄي پاسي کان ڪلڪ ڪريو ۽ property تي ڪلڪ ڪريو..
    کُلندڙ ونڊوز منجهان target جي اڳيان واري خاني مان سڀ ختم ڪري هيٺيون ڪوڊ پيسٽ ڪريو..

    پي ايچ پي:
    %windir%\system32\shutdown.exe --t 00
    هاڻي توهان وارو دوست جنهن وقت به انٽرنيٽ هلائڻ لاءِ برائوزر کوليندو .. ڪمپيوٽر شٽ ڊائون ٿي ويندو... :)
     
    Ramzan Atta Dal هيء پسند ڪيو آهي.
  15. فقير عابد لاشاري

    فقير عابد لاشاري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 فيبروري 2016
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
  16. شبير ساگر

    شبير ساگر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جنوري 2013
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    136
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪوٽ عالم ضلع ٺٽو (هاڻي ضلع سجاول)
    بهترين مزو اچي ويوبلڪل
     
  17. Ramzan Atta Dal

    Ramzan Atta Dal
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2016
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    ڪو به نه
    ماڳ:
    Tando Hafiz Shah
    :p:);)بهترين
     
    علي نواز چنه ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو