ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته امر جليل اڄ به اوترو ئي پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي جيترو ان دور ۾ هو، جڏهن هن جا ڪالم سنڌو، چينو ۽ ٻين ڪردارن سان ڇپبا هيا. سندس ڪالمن جو اهو مجموعو ”سنڌو منهنجي ساهه ۾“ جي عنوان سان ڇپيو ۽ تمام گهڻو مشهور ٿيو. سنڌو ڪير هئي؟ پر سندن وچ ۾ ڪيل گفتگو، ڊائلاگن ۽ سوال جوابن ۾ ايڏا ته احساس ۽ درد سمايل آهن جو دل روئڻهارڪي ٿي ويندي آهي. هنن مڪالمن ۾ ڪيڏيون نه سچايون آهن.
هن ڪتاب جا ڪيئي ايڊيشن ڇپيا آهن. ثقافت کاتي پاران ڇپجندڙ سيريز جو هي ڪتاب اسڪين ڪري اوهان سان شيئر ڪجي ٿو.