آدرش نوٽس فرام مورو 2

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 جنوري 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    نوٽس فرام مورو 2

    آدرش


    سنڌ جي هر شهر وانگر مورو به ڦاٽل نقشي جهڙوآهي. حددخليءَ جو آزار، ماڻهن جي پيهه، ٽرئفڪ جي دٻڙ دونس، بي صبر بائيڪ ۽ ڪارين وارن جا اجايا هارن. لاقانونيت جو راڄ.
    سائين وزير فرهاد سولنگي ۽ مان هن جي بنگلي، جيڪو باءِ پاس کان سڏ پنڌ تي آهي، حال احوال ڪندي، کلندي ڪڏندي هلڻ لڳاسون. وزير فرهاد سياڻو ماڻهو آهي. سو پنهنجي وک منهنجي وک سان ملائي هلڻ لڳو. ماشاء الله قد جو ڊگهو آهي. جيڪڏهن پنهنجي طور وک کڻي ها، ته هو وڃي نوان جتوئيءَ پڄي ها ۽ مان دادو روڊ تي ٺهيل حضوري شاھ جي مزار ۾ وڃي رات ٽڪان ها.
    وزيرفرهاد سولنگي قد جو ڊگهو، هلڪيون مُڇان، چڱو گنجو ۽ رنگ جو سانورو آهي. جيڪڏهن هي يار گول فريم ۾ شيشن جي عينڪ پائي، اڳٺ سان ڪنن ۾ ٻڌي ته گانڌيءَ جي سڪ لاهي. ان روپ ۾، بنا بريڪ سائيڪل تي، وري کاري ۾ مڇيون کڻي وڪڻي ته ذات ماين جي پٺيان لڳيس. اڌ ڪلاڪ ۾ سڄي مڇي کپي وڃيس.
    وزير فرهاد سولنگي کٽ تي سمهي ته ڄنگهان کٽ کان ٻاهر. سو کٽ جي پيرن وٽان، ناڪي تان، ناڪي منشيءَ جي ڀڳل ڪاٺ واري ڪرسي رکيل اٿس.
    وزير ميان کلڻ جو ڪوڏيو اهڙو جو، ڪنهن جي فوتگيءَ جو ٻُڌي ان جي تڏي تي ويندو ته به اُتي وڃي اهڙا ٽهڪ ڏيندو ڄڻ شادي تي آيو آهي. ان ڪري ڪو اطلاع ئي نه ڏيندو اٿس.
    ٻئي ڄڻا خير خوبيءَ سان بنگلي تي پهتاسون. هن وڃي اوطاق جو در کوليو. اوطاق جو ڪم اڌو گابرو ٿيل هو. ڇت پڪي پختي هئي. فرش جو ڪم، پلستر ۽ رنگ کٽل هيا. ڪنڊ ۾ گهر ڏانهن ويندڙ جاءِ وٽئون دروازو به لڳل نه هو. ان جي وچ تي هڪ سيور بلب لڳل هو. ان جي روشني اوطاق ۾ به اچي پئي، گهر ڏانهن به وڃي پئي، ته سامهون جي روشني اوڏانهن به ويندي. هي يار ته ميمڻن ۽ شيخن کي ماري ويو.
    اوطاق ۾ ٽي کٽان پيون هيون. تانگهه به ڇڪيل ڪونه هُين. ويٺم ته ايئن لڳو ڄڻ کوھ ۾ ويٺو آهيان. ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ ڪتابن جو شيلف لڳل هو. جنهن چڱا خاصا سنڌي ڪتاب رکيل هيا. هڪ اڌ الماري به رکيل هئي. جن ۾ مختلف شيون رکيل هيون. هڪ ٽن ڄنگهن واري ميز تي هڪ اهڙو ڪمپيوٽر رکيو هو، جنهن ۾ رڳو پشتو ٻوليءَ جو ريڊيو هلي پئي سگهيو ڇو ته مانيٽر ۾ ناس جو پڙيون پيون هيون.
    مان هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ ليٽرين ۾ ويم. اتي بالٽي پاڻيءَ جي ڀريل رکي هئي. اها جاءِ وري اهڙي سوڙهي هئي جو ماڻهو بيٺي پير ئي فارغ ٿي پئي سگهيو. هفتو کن مهمان ٽڪي ۽ اها ليٽرين استعمال ڪري ته موڪا ڀلي نه ٿين پر سولنگين وٽان قبضي ضرور پرائي ويندو. اهو هال ڏسي مون لَٽن جي آندل هڙ کولي ئي ڪونه.
    مان هٿ منهن ڌوئي، ٽوال سان اگهي، کٽ تي پلٿي ماري ويٺم ته وزير فرهاد ماني کڻي آيو. ٻوڙ سوادي هو سو مزو اچي ويو. مانيءَ کانپوءِ، چانهن جا ڍڪ ڀريندي، وزير ميان پڇيو : ”سائين! ڪاڏي هلون؟“ مون چيومانس : ” ادا! سائين عظيم کي ڏٺي ڏينهن ٿيا هن. ورهيه لنگهي ويا آهن سو ان جو ديدار ڪرائين ته قرب ٿيندا.“
    اسان اُتان نڪري، روڊ تي اچي هڪ چنگچيءَ ۾ چڙهياسون. روڊ ساڳيا لاٽونءَ جي چگهن جهڙا. فائيلن ۾ منظور ٿيل ۽ ٺهيل، پر انهن پئسن مان چونڊ نمائيندن جا بنگلا ٺهيل. چوي ته ڪير چوي؟ ميرپورخاص جي سٺي اُردو شاعر قاسم رحمٰن چواڻيءَ:

    چپ رهوگي تو ڊر نهين هوگا
    ورنا شانون پر سر نهين هوگا

    ***

    اسان ٻئي شاهي بازار ۾ آياسون. سائين عظيم سولنگيءَ جو درزڪو دڪان اچي ويو. دڪان بند پيو هو. مون مايوسيءَ جي ڪاري چادر پاتي پر چادر کي هوا اُڏاري وئي جو دڪان جي سامهون هڪ سئلون ۾ سائين عظيم سولنگي وار ٺهرائڻ واري ڪرسيءَ تي ويٺو هو. سائين عظيم سنڌي شڪل ايئن ڪيون ويٺو هو، ڄڻ بغل لهرائيندي ڪو ٽُڪو اچي ويو هُجيس.
    وزير ميان اڳيان. مان هن جي پويان، سئلون اندر آيا سون. سائين عظيم سولنگيءَ اسان ٻنهي سان، سَسُ وانگر اُڇاتري نموني مليو. اسان ٻئي سامهون گراهڪن واري ڦٽي تي اهڙا ٻوٿ ڪري ويٺاسون، ڄڻ يتيم مفت ۾ مٿو ڪوڙائڻ آيا هجن.
    35 سالن کان پوءِ وڏي جو ننڍي کي سڃاڻڻ وڏي ڳالهه آهي. ڏسجي ته اهو هڪ وڏو عرصو آهي پر ويچار ڪجي ٿو ته ڪالهوڪو ڏينهن ٿو لڳي.
    انهن 35 سالن ۾ ڇا نه ٿيو. ڪيئي انقلاب آيا. سوويت يونين ٽٽي ويو. ڪروڙين ماڻهو مري ويا. ڪروڙين ڄاوا، جنگيون لڳيون، ڪيئي حڪمران مري ويا. ڪي قتل ٿي ويا. ڪن کي ڦاهي آئي. مارشل لائون لڳيون. جمهوريت آئي، جيڪا مارشل لا جي ويڳي ڀيڻ وانگر هئي. شهر وڌي ويا. ماڻهن ۽ شهرن جا نقشا ئي مٽجي ويا. ٻار جوان ٿي ويا. جوان ٻڍا ٿي ويا. ٻڍا مري ويا.هر ملڪ ڪمال ۽ اوج تي پهتو. اسان جو ملڪ زوال تي ۽ حڪمران طبقواوج تي پهتو. اسان جي ملڪ ۾ انيڪ صدر ۽ وزيراعظم مٽيا، جن مانيءَ کي پنهنجي وس آهر مهانگو ڪري ڇڏيو. اسان کي وزيراعظم نه گهرجي. اسان کي ماني گهرجي.
    سائين عظيم سنڌي مون کي تڪڻ لڳو. سئلون جو مالڪ ۽ ڇوڪرا به اسان کي ائين ڏسڻ لڳا، ڄڻ اسان ڪنهن چڙيا گهر جي پڃري مان نڪري سڌو هتي آيا هجون.
    ڪجهه پل پڄاڻان نيٺ وزير فرهاد سولنگي چيو : ” سائين! هي اسان جو دوست ارشاد احمد شيخ آهي. قرب جا قدم کڻي شڪارپور کان آيو آهي.“
    ”اڇا!“ سائين عظيم ائين چئي جهٽ گهڙي سوچ ۾ پئجي ويو ۽ گهوري نهارڻ لڳو. مان سامهون لڳل آئيني ۾ پاڻ کي ڏٺو ته لتامنگيشڪر جو ڳايل گانو ياد آيو:
    ” آئينا وهي رهتا هي، چهري بدل جاتي هين.“
    ”اڙ………….ي! آدرش آهين ڇا؟“ سائين جي واتان اهو ٻڌو ته مان گُلُ وانگر ٽڙي پيس. سائين عظيم سولنگي اهو چئي، ڪرسيءَ تان ٽپ ڏئي لٿو. هن پيار ۽ پاٻوھَ مان اهڙو ڀاڪر پاتو جو منهنجي اکين ۾ موتي جرڪڻ لڳا. سائينءَ جن جي ڀاڪر ۾ سچ پچ منهنجي سفر جو سڄو ٿڪُ، شام جو کسڪي ويندڙ اُس جي پاڇي وانگر لهي ويو. منهنجي مٿي تي سندس محبت ۽ شفقت جا ڇانو آئي.
    سائين عظيم سولنگي پراڻي مقدس ڪتاب جا ورق اٿلائيندو ويو. هر پني تي پيار ۽ سڪ جون سٽون لکيل هيون. اهو ڪتاب رات کٽي وڃي پر پورو نه ٿئي. رات پنهنجا پاڇا وڌيڪ گهرا ڪرڻ لڳي ته کيس ٻئي ڏينهن اچڻ جو وچن، هن جي هٿ تريءَ تي رکي، کانئس موڪلايوسون.

    ***

    وزير فرهاد سولنگي ۽ مان شاهي بازار ٽپي، هڪ گهٽيءَ ۾ آياسون ته عيد ميلاالنبي ﷺجو جشن ڏٺوسون. دهلن ڌمامن سان ڇوڪرا، جوان،پڪا پوڙها جمهريون هڻندي پئي آيا. هن جي دلين ۾ عقيدو هو، محبت مون کي نظر نه آئي.
    اڄ کان چاليهه ورهيه اڳ هر ماڻهو مسلمان هو. شيعو، سني، ديوبندي جا ليبل ڪونه هيا. اڄ رڳو غير مسلم ئي اسان کي مسلمان چوندو آهي. باقي اسان هڪ ٻئي کي فرقن ۾ ورهائي انهن لقبن سان هڪ ٻئي کي سڏيندا آهيون.
    12 ربيع الاول جي ڀلاري ڏينهن تي هر گهر ۾ ڪجهه نه ڪجهه چلهه تي چاڙهي، پاڙي جي ٻارن ۾ ورهايو ويندو هو. خاص ڪري ڳڙ ۾ ڀت چاڙهيو ويندو هو. اسان جو شهر ته سريلو آهي، جو گار به اهڙي سُرَ سان ڏيندا آهيون جو ٻئي شهر جو ماڻهو ان کي رکيل مورائيءَ جي غزل جي سٽ سمجهندو آهي.
    گهر جو ٻارُ ٻاهر نڪري، سُرَ ۾ وڏي واڪي چوندو ويندو : ” ٻارئو! ٻچڙئو! اسانجي گهران ڀت وٺي وڃو.“
    امڙ گهر ۾ رڙ ڪري چوندي : ” او ابا! مور ماءُ جي گهر ڀت ٿو ورهائجي. وڃي وٺي آءُ.“ مان تڙ تڪڙ ۾ ٿانون جي کاري ۾ ٽاٻڙڪو وجهي، ٿالهي ۽ وٽو کڻندم. ڊڪندو مور ماءُ جي گهر ويندم. ڀت ورهائيندڙ مائي اڳيان، ٿالهي وڌائيندم. هو ڏوئيءَ ۾، ٻاٽيءَ مئون ڀت ڪڍي، ٿالهيءَ ۾ وجهندي ته پويان لڪايل وٽو، هن جي اڳيان وڌائي چوندم : ” ماسي! هن ۾ منهنجي ڀيڻ لاءِ به ڏي.“ هوءَ دڙڪو ڏيندي چوندي : ” هلُ هلُ، ڀيڻين ڪڏهڪو وٺي وئي آهي.“ هن جي ڀرسان بيٺل هن جي جوان نُنهن ڏانهن نماڻيون اکيون نهاريندم، ته هن کي ڪهل ايندي سو سَسُ کي سفارش ڪري چوندي ” ڏئيس امان! ڏئيس ٻار آهي. کائي وڃي دعا ڪندو.“ مائي پوءِ ڪنو ٻوٿُ ڪري، اڌ کن ڏوئي ڀت جي ڀري وٽي ۾ وجهندي. هن جي نُنهن مرڪي منهنجو گول مٽول ڳٽو پٽي، کيس پلئه پيل موالي مڙس جي شايد محرومي (Frustration) دور ڪندي.
    سانجهيءَ جي ٻانگ ملڻ سان هر ٻار پنهنجي گهران ڏيئو ٻاري، وڃي مسيت ۾ رکي ايندو. اها عقيدت نه، حضور صلعم جن سان دلي محبت هئي جو رات جرڪي پوندي هئي.

    ***

    مان صبح پنجين وڳي اُٿان. اوطاق ۾ اک کلي، بجلي بند هئي. پرايو شهر. ڇا ڪيان. سوڙ ۾ ئي ليٽيو رهيم ۽ خيالي محل جوڙيندو رهيس. جيڪي هلڪي روشني ٿيڻ تي ڀڄي ڀُري پيا.
    جڏهن جهرڪين هڪ ٻئي کي رات جا خواب ٻڌائڻ شروع ڪيا ته مان به بوٽ پائي، اوطاق جو دروازو ٻيڪڙي ، واڪ لاءِ دادو روڊ تي نڪري پيس.
    دادو روڊ تي دڪان ۽ بلڊنگس جو ڏيک، اهڙو نظر آيو ڄڻ گلستان جوهر جو ڪو روڊ هجي. فرق اهو جو گلستان جوهر جو روڊ چلڪڻو ته صفائي سٿرائيءَ وارو. هي روڊ کاٻڙ کوٻڙ اهڙو جو پيٽ واري ڳورهاري زائفان روڊ تي گهمي ته بنا دائي جي ويم ڪري.
    مان دڪانن پويان هڪ پلاٽ ۾ واڪ ڪيم. پاسي ۾ هڪ ٿلهي فقيرياڻي ۽ ڪراڙو فقير ويٺا هيا. فقيرياڻي موبائيل تي ڳالهائي رهي هئي ۽ فقير مون ۾ ديدون وجهي ويٺو.
    مان واڪ ڪري موٽان پيو ته هڪ وڻندڙ مزار نظر آئي. آمريڪن ليکڪ وليم فاڪنر چواڻيءَ ”جڏهن به وائيٽ هائوس يا ڪنه جاءِ جو دروازو کليل ڏسو اندر هليا وڃون.“
    مون ڏٺو ته مزار کي دروازو ئي ڪو نه هو سو اندر هليو ويم. گهڙڻ سان روح کي تراوت اچي وئي جو هڪ باغيچو هو. ان ۾ سائي ڇٻر ۽ وڻ ٽڻ ڏسي اکيون ٿڌيون ڪيم. اها درگاه سائين حضوري شاھ جي هئي. الَلُ صبح هو. سانت جو سمنڊ هو. مان سائينءَ جي تربت تي وڃي چار قل پڙهيم. ٻاهر نڪتم ڪنڊ ۾ هن جي سارسنڀال لهندڙ جي تربت هئي.ڀت تي وڏن اکرن ۾ لکيل هو ته ” هي مقبرو نجف علي شاھ لڪياري، باجارا واري ٺهاريو.“
    نجف علي شاھ بزرگ هو. شاعر هو. سٺو انسان هو. اسان جي ليکڪائن ادڙين ساجده جبين ۽ شبانه سنڌي جو ڏاڏو هو. ساجده جبين پنهنجي ڏات سان سٺيون ڪهاڻيون ۽ ناوليٽ لکيا آهن. هوءَ اسان جي شاعر محترم مشتاق بخاري جي گهر واري آهي. هوءَ باجارا جون يادون ساھ ۾ سانڍي لونگاڻي شريف ۾ پنهنجي گهوٽ سان گڏ رهي پئي.
    سائين نجف علي شاھ اسان جي سٺي ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر عابد مظهر جو مرشد هو. هن مٿان محبت ۽ شفقت جو هٿ رکندو هو. کيس خرچي به ڏيندو هو. ڊاڪٽر عابد مظهر ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پروفيسر جي عهدي تان رٽائرڊ ٿي ڪري، ٽيوشن پڙهائي حق حلال جو رزق کائي رهيو آهي. ٻين هچائن وانگر، رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ هي همراھ چيئرس (Chairs)سان ڪونه چنبڙيو ۽ حرام کان پاسيرو رهيو. ڪنڌڪوٽ جي هڪ بلا ته پنهنجي قبر جي کڏ به هڪ چيئر ۾ بُڪ ڪرائي آهي. هو ڪراچي جي فوٽ پاٿ تان پراڻو ڪتاب ويهن روپين ۾ وٺي، پنج سئو رپين ۾ ثقافت کاتي کي وڪڻندو آهي. هن کي اها سُڌ ناهي ته ڪفن کي کيسو نه ٿيندو آهي.
    مان مزار کان نڪري سامهون نظر وڌم ته ننڍڙو ميدان ۽ ان پٺيان ڪوٺيون ٺهلان هيون. وچ تي وساميل مچ جون ڪاٺيون ۽ رک پئي هئي. ڪوٺيءَ جي ڪنڊ ۾ ڀنگ جو ڪونڊو اونڌو پيو هو ۽ ڏنڊو قائم ۽ سڌو بيٺو هو. هڪ پاڙيسري ڀنگ جو پياڪ مون کي چوندو آهي : ”ارشاد ميان! ماڻهو اسان کي موالي چوندا آهن. اڙي! هنن کي ته اها خبر ئي ناهي ته اسان ڀنگ پي ڪري گم ٿي ويندا آهيون. ماڻهو چوندا آهن اسان مري وياسون. هنن چرين کي ڪهڙي خبر؟ اسان مري نه ويندا آهيون. اسان عرش گهمندا آهيون ۽ الله سان ڳالهائيندا آهيون.“
    مان پوئتي موٽيم. سَبِيلَ ٺهيل هئي. مَٽ مان پاڻي پيئندي هڪ کوهي نظر آئي. پاڻي پي ڪري کوهيءَ وٽ آيم. مون سمجهيو سُڪل هوندي، پاڻي نه هوندس پر پاڻي ڏسي سرهائي ٿيم. مون چڪرو ڦيرايو ته ڏول ۾ پاڻي ڀرجي مٿي آيو. ان سان منهن ڌوتم ته مزو اچي ويو. ڏول پوءِ هيٺ ڪيم ته گڙ گڙ ڪندو تيزيءَ سان لهي ويو. صبح سان ئي موري ۾ خوشي حاصل ٿي ويم. مان موري ۾ درگاھ تي مور وانگر نچڻ لڳم.

    ***

    کوهيءَ ڀرسان هڪ هودي ٺهيل هئي. ان ۾ انيڪ ۽ قسمين قسمين ڪپڙا پيا هيا. قميصون سٿڻان، چولا ۽ ڪڇا به هيا. هڪ عقيدت مند آيو. مون ان کان پڇيو ته ”ڪاڪا! هي لٽا هتي ڇو رکيا آهن؟“ هن وراڻيو :” پٽ! جن کي خارش وغيره هوندي آهي ته اهي هن کوهيءَ مان تڙ ڪندا آهن ته کين شفا ملي ويندي آهي. اهي ڪپڙا لاهي، ٻيا پائي ويندا آهن.“
    سبحان الله. اها ڳالهه ٻڌي مون کي هڪ وڏي انگريزي اخبار جو مالڪُ، شڪارپور جو هڪ ايم اين اي، هڪ وڏو ڪهاڻيڪار ۽ هڪ ڪالمسٽ ۽ يادون لکندڙ ياد آيا ته انهن کي به هتي اچي تڙ ڪرڻ گهرجي. الله ڪندو شفا ملي ويندن. آمين!

    ***

    مان مزار کان نڪري اچان پيو. هڪ همراھ ڪرمنڊل کنيو کير وٺڻ لاءِ پيو وڃي. مون کي شرارت سُجهي آئي. ويجهو آيو ته چيومانس : ” ادا ! کير ٿو هارجئي.“ هن ڇرڪ ڀري ڏٺو ته مان کليم. پوءِ چيومانس ”واھ ڙي واھ موري جا دلبر! کير وتوئي نه ٿي ته هاربو ڪيئن.“ هن به ٽهڪ ڏنو ۽ هليو ويو.
    مان اوطاق تي آيم ته چاچا محمد يوسف جا مزور احمد علي ۽ نذير حسين وغيره چانهن پي رهيا هيا. چاچو محمد يوسف مون لاءِ لاءِ به چانهن کڻي آيو. مون سان قرب سان مليو. هو وزير فرهاد جو والد محترم آهي ۽ ٽيوب ويلن جو ٺيڪيدار آهي. ستر سالن جو آهي، پر ماشا الله ڄڻ ڏيل بيٺو آهي. هو پوءِ مزورن کي وٺي نوابشاھ هلي ويو.
    وزير فرهاد ۽ مون ماني کاڌي ۽ ڏهه ٿيڻ وارا هيا ته شڪارپور جي دوست ۽ شاعر زبير سومري جي فون آئي : ” سائين! ڪاٿي آهيو؟“
    ”مورو“
    ”هان.“ هي عجب مان رڙڪندي چيو. مون چيومانس : ” ڇو ابا! مورو نيويارڪ ۾ آهي ڇا؟“
    هو کلي چوڻ لڳو: نه سائين! توهان ائين اوچتو هليا ويئو. ٻڌايوَ به ڪونه. خير ته هو؟ ڪو قضيو وغيره ٿي پيو ڇا؟“
    کلي وراڻيو مانس ” نه من! موري جا سولنگي ساھ ڪڍندا آهن. جهور ڪراڙا ٿين ته ڪو جوءِ يا ننهن گهٽو ڏئين تڏهن ئي عزارائيل هٿ وجهندو اٿن.“
    ٽهڪ ڏيندي پڇڻ لڳو : ” ڀلا ڪڏي ٿا اچون؟“
    ”يارَ! حالي ته ساھ صدقو ٿا ٿين. ڏاڍا سُلڇڻا آهن. هڪ اڌ رات رهي روانو ٿبو.“
    مان ۽ وزير فرهاد سولنگي، سائين عظيم سنڌيءَ جي هٽ تي آياسون. اهو هٽ ڪونهي پر درگاھ آهي. اتي سنڌ جا سرموڙ اديب، شاعر، ليکڪ ۽ سياستدان حاضري ڀريندا آهن. سائين عظيم جو لنگر پيو هلندو آهي. چانهن جي سبيل هوندي آهي. ان پير وٽان تعويذ ۾ شعر لکيل ملندا آهن. ڪوبه ماڻهو ٽي ڀيرا صبح، منجهند ۽ رات جو اهو تعويذ پاڻيءَ ۾ پسائي پيئي ته گردن ٽوڙ بخار لهي ويندو، پر گردن نه هوندس.
    سائين عظيم وٽ نقاد خليق ٻگهيو ۽ شاعر ساحل ڪيريو آيا. سٺي ڪچهري ٿي. شاعر احمد سولنگي ۽ ليکڪ رکيل مورائي جو ذڪر خير نڪتو. کين سٺن لفظن ۾ ياد ڪيوسون.

    ***

    انٽرنيٽ تي فيس بُڪ FACE BOOK ڪوڙ جو جهان آهي. جتي رڳو فوٽو ئي فوٽو آهن. ڪراچيءَ ۾ ڪئپري سئنيما ۾ به هفتي پنڌرهين ڏينهن فوٽو مٽبا آهن. هتي ته هر پنجن منٽن کان پوءِ سڀاڳي جو نئين پوز سان فوٽو آهي. رڳو اگهاڙو فوٽو ڪونه اٿن. وري فوٽو رکيو ناهي ۽ لائيڪ (Like) کي ڪلڪ ٿيو ناهي. يا پاڻ جهڙو دل گهريو دوست هوندس ته هڪدم ڪمينٽ ۾ ويري نائيس Very Nice لکڻ ۾ دير ئي نه ڪندس.
    هڪ ڏينهن هڪ سڀاڳي هڪ ڪتي جو فوٽو رکيو. دل گهرئي دوست لکيس :” واھ جو فوٽو رکيو اٿوَ. ڏاڍو وڻيو.“ هن يار فوٽو غور سان نه ڏٺو هو سو سمجهيو هيائين ته اهو به سڀاڳي جو فوٽو آهي.
    شاعرن جي ته ٻيگهي متل آهي. رڳو ”غازي“ ۽ ”زوار“ لڳا پيا آهن. ڪنهن وري تنقيد لکي ته اَن-فرئنڊ Un Friend ٿي ويندو. بنا غزل پڙهي واھ واھ لڳي پئي آهي. وري جي ڪا شاعره آهي ۽ شڪل جي چڱيرڙي آهي ۽ جوان به آهي پوءِ ته سائين! ويٺا رنگ ڏسو. ڪمينٽس ۾ اهڙي ساراهه لکندس جو ڇوڪري ايئن سمجهڻ شروع ڪندي ته هن سال مون کي نوبل پرائيز ملي ئي ملي. جيڪڏهن ڪنهن شاعر جي ڪراڙي شاعره زال هوندي ۽ ويچاري رڪئيسٽ موڪليندي ته ڊليٽ ڪري ڇڏيندس ڀلي اها سٺي شاعره ڇو نه هجي. هوءَ ويچاري روزينا جهڙي صورت ڪٿان آڻي؟
    هڪ مهينو اڳ احمد سولنگيءَ لاءِ هڪ امرائو جان ادا وانگر سينگار ڪندڙ باغي سنڌي شاعر لکيو : ” احمد سولنگي اڄ جو سنڌي جو وڏو شاعر آهي.“ هن اهو مَڌُ پيئندي لکيو هو پر ساجن کي سهي نه سڃاتو هو.
    احمد سولنگي برابر سٺو شاعر آهي هن جو ڪتاب ”خواب آوارا پکي“ سگهاري ۽ سٺي شاعريءَ جو اهم ڪتاب آهي.
    سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شاعر حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي آهي. ان کانپوءِ يڪو خال آهي. شاعرن جي قطار برابر ٺهيل آهي. ڀٽائيءَ کانپوءِ اهو خال شيخ اياز ڀريو. هن شاعريءَ جي ندي جو رخ موڙي ڇڏيو. سنڌ جو وڏو شاعر شيخ اياز آهي. سڀ ئي شاعر آرمي جي سپاهين اونگر هڪ قطار ۾ بيٺل آهن ۽ سڀ هڪجهڙا آهن. جي ڪوبه انهن مان جرنيل آهي ته اهو شيخ اياز آهي.

    عوامي آواز سنڊي ميگ 17 جنوري 2016ع

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو