• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پيار جو ٽڪنڊو : هند جي اديبن جو لکيل سهڪاري ناول

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

yFjhzcq.jpg


سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (122) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”پيار جو ٽڪنڊو“ سنڌي ٻولي جي نامياري ليکڪن گوبند مالهي، پوپٽي هيراننداڻي، ڪرشن کٽواڻي، ايشور چندر، وشنو ڀاٽيا، هريش واسواڻي، منو تولارام گدواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گنو سامتاڻي ۽ موهن ڪلپنا جو سهڪاري ناول آهي جيڪو هند مان ڇپجندڙ سنڌي رسالي ڪونج ۾ قسطوار ڇپيو هو. هن ڪتاب جو سهڙيندڙ محترم بيدل مسرور بدوي صاحب آهي.
هي ناول نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ پاران ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون سائين بيدل مسرور جا جنهن جي ڪمپوزنگ سان هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪري رهيا آهيون.

قسطوار ناول


1. پيار جو ٽڪنڊو: گوبند مالهي، ماهوار ’ڪونج‘ جنوري 1967ع
2. ٻڏندڙ سورج، افق جي روشني : پوپٽي هيراننداڻي، ماهوار’ڪونج‘ فيبروري 1967ع
3. اڇي روشني ست رنگ : ڪرشن کٽواڻي، ماهوار ’ڪونج‘ مارچ 1967ع
4. ٻيو دفعو: ايشور چندر، ماهوار ’ڪونج‘ اپريل 1967ع
5. بي انت راهن جو انت: وشنو ڀاٽيا، ڪونج
6. ٻن قطبن جي وچ جي ڊوڙ: هريش واسواڻي، ماهوار’ڪونج‘ سيپٽمبر 1967ع
7. پريم جو چوڪنڊو : منوتولا رام گدواڻي ماهوار ’ڪونج‘ آڪٽوبر 1967ع
8. ٿيان يا نه ٿيان! : ڪيرت ٻاٻاڻي ماهوار ’ڪونج‘ جنوري 1968ع
9. تلاش! : گنوسامتاڻي ماهوار ’ڪونج‘ فيبروري 1968ع
10. پاڻيءَ مٿي جهوپڙا! : موهن ڪلپنا ماهوار ’ڪونج‘ اپريل 1968ع
11. پاڻيءَ مٿي جهوپڙا! : موهن ڪلپنا ماهوار ’ڪونج‘ 1968ع (آخري قسط)




 
Back
Top